آرٽيڪل

تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي اڳڪٿي، ڪمزور بچاءَ بند!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
هر سال جيان سانوڻي جي مند يعني جون مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ جيئن گرمي پنهنجا شعلا ڏيکاريندي آهي تيئن ئي سانوڻي جي فصل جي پوکائي شروع ٿئي ٿي ۽ گڏوگڏ سنڌو درياهه به پنهنجي موج ۽ مستي ۾ هوندو آهي، مٿان وري موسميات کاتي طرفان برساتن جون اڳڪٿيون به خوف ۾ وجهي ڇڏين ٿيون، انهي موسم ۾ هونئن به جڏهن ساريالو فصل پوکيو ويندو آهي ته واهن، شاخن ۽ بئراجن ۾ سنڌو درياهه مان ايندڙ پاڻي عام جام هوندو آهي، پهرين جون کان 10 جولاءِ تائين جي موسم کي ٻهراڙي جا ماڻهو چاليهي جا ڏينهن طور به ڳڻندا آهن يعني اِهي چاليهه ڏينهن سخت گرمي جا ڏينهن هوندا آهن، جنهن ۾ ساريالو ٻيجارو پوکجي ۽ پچي ٿو، ساڳي طرح لاڙ ۽ ڪجهه ٿر جي علائقن ۾ انهن ڏينهن اندر انب پنهنجي طاقت سان پچي ٿو ته ڪٿي وري هٿرادو طور پچايو ويندو آهي، ٿر ۽ لاڙ جي علائقن ۾ انهن چاليهن ڏينهن اندر وونئڻ جي پوکائي به عروج تي ڪئي ويندي آهي. جون جي شروعاتي ڏينهن اندر پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آبادگارن طرفان ساليانو ۽ موسمي فصل پوکجي ٿو ته ٻي طرف درياهي پاڻي به پنهنجي موجن ۾ ڪچي جي علائقي کي ٻوڙان ٻوڙ ڪري اُتان جي رهواسين کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ڇڏي، نتيجي ۾ اُهي هزارين ڪچي جا رهواسي جيڪي هميشه هر سال انهن نٽهڻ اُس جي ڏينهن ۾ پنهنجا اَباڻا گهر ڇڏي اڪثر ماڻهو بندن تي اچي پنهنجا گهر اڏين ٿا، يا وري ڪي پَڪي جي علائقن ۾ عارضي گهر ٺاهي ويهن ٿا. انهن ڏينهن ۾ جتي ڪچي جا رهواسي جيڪي وقتي تڪليفن جي ڏينهن کي ضرور گهارين ٿا ته ساڳي وقت انهن جو چوپايو مال به ايندڙ 5 کان 6 مهينن تائين دربدر ٿئي ٿو ۽ سندن چارو تبديل ٿيڻ ڪري اڪثر انهن مالوندن جي جانورن ۾ بيماريون به پيدا ٿين ٿيون، جنهن ڪري انهن ڪچي واسين جا سور ۽ اهنج ٻيڻا ۽ چئوڻا ٿي وڃن ٿا.
هن وقت جڏهن جون جو مهينو هلي رهيو آهي ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي جي وهڪرن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ جون رپورٽون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ته ساڳئي وقت بندن جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ته سنڌو درياهه جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڪي ڪي بچاءُ بند توڙي ٽوڙي بند يعني گڊو کان سکر تائين ته بندن جي حالت بدستور افسوسناڪ آهي پر مجموعي طور جڏهن درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌي ويندي آهي ته ان وقت نه رڳو خطري واري گهڙي ۾ ڪچي جا رهواسي دانهون ڪندا آهن پر پوري سنڌ مان اهوئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته پاڻي جي واڌ سبب بندن کي خطرو آهي ۽ تنهن وقت هڪ طرف ڪچي جي علائقن ۾ پاڻي ئي پاڻي هوندو آهي ته وري ٻي طرف خوف وچان هر طرف ماڻهو بي يارو مددگار هوندا آهن، حالانڪه حڪومت توڙي لاڳاپيل کاتي جي ننڍي عملي کان وٺي بالا آفيسر تائين کين اِها ڄاڻ به آهي ته انهي مند ۾ درياهه اندر پاڻي جي واڌ ٿئي ٿي جنهن ڪري انهي ڪمزور بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ اهڙي حالت کانپوءِ بندن جي ٽٽڻ جو خطرو به موجود رهي ٿو پر تنهن باوجود به نه ڪنهن حڪومتي نمائندي جي ڪن تي جونءِ چري آهي ۽ نه وري ڪو لاڳاپيل کاتي جو بالا آفيسر اهڙي صورتحال کي اڳواٽ منهن ڏيڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءُ وٺن ٿا، رڳو اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي اڄڪالهه سوشل ميڊيا جي ڪوڙي زينت بڻجڻ لاءِ فوٽو سيشن جو سلسلو جاري رهي ٿو. حالانڪ اڳ انهن ڏينهن اندر اهڙي مند ۾ بندن جي حفاظت لاءِ عارضي طور ننڍا ننڍا ملازم رکيا ويندا هئا جن ۾ داروغو، بيلدار توڙي جو رات لاءِ چوڪيدار به رکيا ويندا هئا، جن کي آپڪلائي جا ملازم چيو ويندو هو ۽ اُهي آپڪلائي جا ملازم تڏهن رکيا ويندا هئا ۽ انهن لاءِ الڳ بجيٽ ڏني ويندي هُئي جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي اچڻ جي مند شروع ئي ڪونه ٿيندي هئي، اڳواٽ انهن بندن جي مرمت ۽ خاص ڪري اُهي رهواسي جيڪي ڪچي جي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري اچي بندن تي حفاظتي طور ويهندا هئا ته اُهي آپڪلائي جا عارضي ملازم نه رڳو بندن جي ڪمزور جاين جي نظرداري ڪندا هُئا پر انهن لڏپلاڻ ڪري آيل مسافرن جي به نظرداري ڪئي ويندي هئي، انهن ڏينهن ۾ ڄاڻايل بندن جي حالت به ايتري خراب ڪونه هوندي هئي، جيڪا اڄ ٻڌائي پئي وڃي پر تنهن هوندي به آبپاشي ڪامورن اڃان تائين ڪنهن آپڪلائي ملازمن رکڻ جو ته بندوبست ڪونه ڪيو آهي پر انهن بندن تي مستقل مقرر ڪيل اُهي ملازم به سندن ڊيوٽين تان غائب ٿيڻ جون رپورٽون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، جيڪا صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي.
مون کي اڄ کان 25 سال پهرين جڏهن ڪي ڪي بچاءُ بند ڳوٺ واحد بخش خان ناهڙ وٽان ٽُٽي پيو هو، تنهن وقت سنڌ جو وزيراعليٰ لياقت علي خان جتوئي هو تنهن ڏينهن انهن متاثر علائقن ۾ ڇا ڏکي گهڙي هئي سون جي تعداد ۾ ٻهراڙي جا ڳوٺ درياهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا هئا، انهن مسڪين ماڻهن وڏي وقت کانپوءِ وڃي پنهنجا گهر اڏيا ۽ متاثرن مان اُهي خاندان اڄ سوڌو خانه بدوش واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، تنهن کانپوءِ اُها مها ٻوڏ جنهن کي اڄ وفاقي حڪومت به ڪڏهن ڪڏهن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي اهو چوندي آهي ته اسين (وفاقي حڪومت) سنڌ جي ماڻهن جو ايترو درد رکون ٿا پر انهن به متاثرن لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خير ڪنهن جي دعويٰ يا چوڻ مؤقف ڏيڻ کان ڪير ڪنهن کي روڪي ته نه ٿو سگهي پر سنڌ جا ماڻهو اهڙو مؤقف رکندڙن کي چڱي ريت سڃاڻين ٿا ته سنڌ جي ماڻهن جو درد ڪير دلين ۾ سانڍي ٿو، اُها 2010 واري مها ٻوڏ جيڪا غوثپور ويجهو ٽوڙي بند کي ٽوڙي پوري سنڌ کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ اڪثر سنڌ جا ضلعا انهي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا هئا، يقينن سنڌ ۾ ان وقت به پيپلز پارٽي جي حڪومت هُئي جڏهن انهي ٻوڏ سنڌ واسين کي پنهنجا ٻچا ڪلهن تي حياتيون بچايون ۽ ڪيترائي ماڻهو انهي مها ٻوڏ ۾ لڙهي ۽ ٻڏي ويا، جن جو ڪو ڏس پتو به نه پئجي سگهيو هو. تنهن وقت آبپاشي ڪامورا ته گوڏا کوڙي بيوس ٿي ويهي رهيا هئا پر جڏهن سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ گهوڙا لڳي پئي هُئي، تنهن وقت به سياسي ڀوتار ته رڳو پنهنجن پنهنجن شهرن يعنيٰ گهرن کي بچائڻ لاءِ پورا هئا، باقي سڄي سنڌ جي عوام کي ظاهري طور اڪيلو ڇڏي ڏنو ويو هو، وقت پنهنجي روان دوران سان جاري آهي اڄ 10 سال گذرڻ کانپوءِ علائقن جا 30 سيڪڙو ماڻهو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ترسيل آهن، ڇو ته انهن ماروئڙن جي اباڻن گهرن جو اڄ به ڪو نالو ۽ نشان به موجود ڪونه آهي، تن ويچارن ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد توڙي جو ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي جي ٻهراڙين ۾ وڃي ساهه لڪايو اٿن، پر اڄ سوڌو ڌرتي ڌڻين کي مختلف طريقن سان انهن علائقن مان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، 10 سال گذرڻ کانپوءِ به اُهي ويچارا ساهه مُٺ ۾ ڪري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اهڙي طرح گذريل ٻن سالن کان سنڌو درياهه ۾ جيئن پاڻي جو چاڙهه وڌي ٿو ته ان جو دٻاءُ يقينن انهن ڪمزور بندن تي ٿئي ٿو، گذريل سال ڪي ڪي بچاءُ بند ڪشمور جي يوسي بڊاڻي سامهون جڏهن دٻاءُ وڌي ويو هو ته اُتي بند ٽٽڻ جو صاف خطرو موجود هو، تنهن ڏکي گهڙي ۾ به ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت انهي بند مٿان پهرا ڏنا، ان حوالي سان جس لهڻي بڊاڻي علائقي جي معزز سماجي شخصيت رئيس عطاءُ الله خان ڀٽو، جنهن کي آئون خراج تحسين پيش ٿو ڪريان، هن 2019 جي انهي ڏکي گهڙي ۾ پاڻ بند تي بيهي پهرا ڏياريا ۽ علائقي جي ماڻهن کي اُتي چوڪس ڪيو جو سندن بند ٽٽڻ جي خطري کان بچي ويو، حالانڪه گذريل سال انهي هنڌ ڏاڍي ڏکي گهڙي هئي پر اهڙي ڏکي گهڙي ۾ ڪوبه حڪومتي نمائندو ڄاڻايل هنڌ لڙي ڪونه آيو. بهرحال، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ بندن جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ڪونه آهي، حالانڪه ٿيڻ ائين کپندو هو ته ڄاڻايل ڪي ڪي بچاءُ بند توڙي ٽوڙي بند جتي جتي ڪمزور صورتحال ۾ آهي ته اُتي پٿرن جي پچنگ ڪرائي وڃي ۽ وڏي ٻوڏ اچڻ کان پهريان آبپاشي کاتي پاران آپڪلائي ملازم رکيا وڃن ته جيئن بندن جي نظرداري ٿي سگهي، اڄ به وقت پري ڪونه آهي جو انهن ڪمزور بندن تي جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن ته جيئن علائقي واسين ۾ ڇانيل مايوسي ختم ٿي وڃي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close