آرٽيڪل

تاريخ ۾ حج ڪيترا دفعا منسوخ ٿيو…؟

سردار ظھير حسين ملوڪاڻي
حج جي لغوي معني آھي. "القصد” يعني ارادو ڪرڻ. ۽ اصطلاح ۾ حج جي معني آھي. حج افعال مخصوصہ مثلن طواف، ۽ وقوف پنھنجي وقت ۾ بحالت احرام کان پھريان حج جي نيت سان ادا ڪرڻ جي عبارت آھي.
حوالہ: ڪتاب الفتاوي الھنديہ

قران شريف ۽ حديث ۾ حج جي فضيلت.

حج اسلام جو بنيادي رڪن آھي. ھيء ھر ان شخص تي زندگي ۾ ھڪ دفعا واجب آھي، جيڪو شخص صاحب استطاعت ھجي. (يعني مالدار ھجي) حج اسلام جي بنيادي تعليمات مان ھڪ آھي. جيڪا اجتماعيت ۽ اتحاد يڪتھجي جي آئینہ دار آھي.قرآن شريف ۾ حج جي فضيلت جي باري ۾ اللہ تعالي فرمائي ٿو. ۽ اللہ تعالي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاء، انسانن تي ان جي گھر جو حج واجب آھي. جيڪو بہ اتي پھچڻ جي استطاعت (طاقت) رکندو ھجي.
سورہ آل عمران
تاريخ جي پرک ڪرڻ سان اسانکي اھيا سنباڻ (ڄاڻ) ملندي تہ مسلمانن حج جھڙي عظيم فريضي کي 629 عيسوي (ڇھ حجري) ۾ رسول اڪرم جي اڳواڻي ۾ پھرين دفعا ادا ڪيو ھو. ۾ ان کان بعد ۾ ھن عظيم الشان فريضي کي، ھن پرٿوي جا تمام مسلمان ادا ڪندا اچن. حالانڪہ انسانن جي ذھن ۾ اھيو تصور ڪڏھن بہ نہ اڀريو ھو، تہ ڪنھن سال حج بہ نہ ٿي سگھندو. پر ان جي باوجود بہ اسان تاريخ جي پنن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين، تہ اسان کي اھيا خبر پوندي تہ ماضي (يعني گذريل وقت) ۾ لڳ ڀڳ 40 موقعا اھڙا آھن. جن جي ڪارڻ مسلمان حج جي عظيم الشان فريضي کي ادا ڪرڻ کان محروم ٿيا. ۽ ڪيترا ئي مرتبہ خانہ ڪعبا کي حاجين لاء بند ڪيو ويو آھي.
انھي جا ڪنھن سبب آھن. مثال طور تي. بيت اللہ تي حملي کان وٺي ڪري سياسي ڇڪتاڻ تائين، خطرناڪ بيمارين جو پيدا ٿيڻ، سيلاب جو اچڻ، چور، ڌاڙيلن جو حاجين کي لٽڻ، ۽ موسم جي خرابي.
وري بہ مان پنھنجي ھن ننڍڙي ڪاوش ۾ ڪجھ ڪارڻ توھان جي اڳيان مختصر وضاحت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

سن 865 السفاڪ جو حملو.

سنہ 865 ۾ اسماعيل بن يوسف، جنھن کي السفاڪ جي نانء سان ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آھي. ھن شخص ان دور ۾ بغداد ۾ قائم عباسي سلطنت (شھنشاھت) جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. ۽ مڪہ مڪرمہ جي عرفات واري پھاڙ تي حملو ڪيو. انھي حملي جي ڪارڻ ان سال مسلمان حج ادا نہ ڪري سگھيا.

سن 930: قرامطہ جو حملو

ھن حملي کي سعودي عرب جي شھر مڪہ مڪرمہ تي ھڪ وڏو حملو ڪوٺيو ويندو آھي. سن 939 ۾ قرامطہ فرقي جي سربراہ ‘ابو طاھر الجنابي’ مڪہ مڪرمہ تي پنھنجي گھڻي فوج جي مدد سان تاريخ جو ھڪ وڏو حملو ڪيو. انھي حملي جي دوران ايتري گھڻي لٽ مار، ۽ قتل، و غارت ٿي. جنھن جي ڪارڻ گھڻن سالن تائین مسلمان حج کي ادا نہ ڪري سگھيا.
سعودي عرب ۾ قائم شاہ عبد العزیز فائونڊيشن فار ريسرچ اينڊ آرڪائیوز ۾ چپجڻ واري ھڪ رپورٽ ۾، اسلامي مورخ ۽ حديثن جي ماھر الذھبي جي ڪتاب "اسلام جي تاريخ” جي حوالي سان ٻدايو ويو آھي، تہ 316 ھجري جي واقعات جي ڪارڻ سان مسلمانن قرامطہ جي خوف سان ھُن سال بہ حج ادا نہ ڪيو ھو.
قرامطہ ان وقت اسلامي رياستن کي نہ مڃيندا ھئا. ۽ اھڙي طرح سان اھي رياست جي ماتحت مڃڻ واري اسلام جا پڻ انڪاري ھئا. ۽ ھون اھيو سمجھندا ھئا تہ حج تي ادا ڪرڻ وارا فرائض اسلام کان پھريان جا آھن. ۽ ھون بت شڪني جي زمري ۾ اچن ٿا.
شاہ عبد العزيز جي رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي، تہ ابو طاھر خانہ ڪعبا جي دروازي تي اٺ ذولحج جي تاريخ تي تلوار کڻي بيھ رھيو. ۽ پنھنجي آڏو پنھنجي جنگجوئن جي ھٿن سان قتل عام ڪرائیندو رھيو. ۽ اھيو سڀ ڪجھ پنھنجي اکين سان ڏسندو رھيو. رپورٽ جي مطابق ابو طاھر ھي لفظ چوندو رھيو. عبادت ڪرڻ وارن کي قتل ڪيو، ڪعبي جو غلاف ڦاڙيو، ۽ حجر اسود کي اوکھاڙي چڏيو.
انھي حملي جي دوران 30 ھزار حاجين کي قتل عام ڪيو ويو. ۽ انھن کي بغير جنازي، ۽ بغير ڪنھن غسل، ڪفن سان دفنايو ويو.
تاريخ جي ليکڪن موجب حملو ڪندڙن زائرین جي لاشن منجھان، ڪجھ لاشن کي ‘زم زم’ جي کوہ ۾ اڇلايو، تاڪہ کوہ جو پاڻي خراب ٿي وڃي. ان کان بعد ۾ ھون ‘حجر اسود’ کي پاڻ سان گڏ، ان وقت سعودي عرب جي مشرقي صوبي البحرين (Bahrain) ۾ ڏي کڻي ويا. ۽ تاريخ جي ورقن جي مطابق ڪافي سالن تائین اھو ابو طاھر الجنابي جي شھر الاحسا م رھيو.

سن 983 عباسي ۽ فاطمي خلافتن جي درميان سياسي ڇڪتاڻ.

تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان اھيا خبر پڻ پوندي، تہ حج فقط جنگين، ۽ بيمارين جي ڪارڻ منسوخ نہ ٿيو آھي. بلڪي ڪجھ سالن تائین حج سياسي ڇڪتاڻن جي ڪري پڻ منسوخ ٿيو آھي. سن 983 عيسوي ۾ عراق جي عباسي حڪمرانن ۽ مصر جي فاطمي حڪمرانن جي درميان سياسي ڇڪتاڻ ٿي ۽ ان وقت مڪہ مڪرمہ جي طرف سفر ڪرڻ کان رؤڪيو ويو. ۽ ان کان بعد ۾ حج 991 ۾ ٻيھر ادا ڪيو ويو.
خطرناڪ بيمارين جي ڪارڻ حج جو منسوخ ٿيڻ.
شاہ عبد العزيز جي رپورٽ مطابق 357 ھجري ۾ ھڪ ٻئي وڏي واقع جي ڪارڻ مسلمان حج نہ ڪري سگھيا. ۽ اھيو واقعو در اصل ھڪ خطرناڪ بيماري جو ھو. رپورٽ ۾ ابن خطير جي ڪتاب "آغاز ۽ اختتام” جو حوالو ڏيندي لکيو ويو آھي. تہ ‘الماشي’ نالي ھڪ بيماري جي وجھ سان مڪہ مڪرمہ ۾ ھڪ وڏي تعداد ۾ انسان پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي
ويٺا.
اڪثر زائرین گس پنڌ ۾ ئي پنھنجي زندگي تان ھٿ کڻي ويٺا. جيڪي ماڻھون سفر دوران ڪَٺن مشڪلاتن کي منھن ڏئي مڪي پھتا ھئا، اھی ويچارا حج جي تاريخ گذرڻ کان بعد ۾ پھتا ھئا.
سن 1831 ۾ انڊيا کان شروع ٿيڻ واري ھڪ وبا، جنھن مڪہ مڪرمہ ۾ لڳ ڀڳ حاجین جي ٽي ڇوٿائي کي ھلاڪ ڪيو ھو. اھي ماڻھون ڪافي مھينن جو ڪٺن سفر ڪندي حج جي لاء مڪہ مڪرمہ پھتا ھئا. اھڙي طرح سان 1837 کان وٺي ڪري 1858 تائین يعني انھي عرصي دوران ٽي دفعا منسوخ ڪيو ويو. جنھن جي ڪارڻ زائرین مڪہ مڪرمہ جي طرف سفر نہ ڪري سگھيا.
سن 1846 ۾ مڪہ مڪرمہ جي شھر ۾ ھيضي جي وبا ڪارڻ لڳ ڀڳ 15 ھزار افراد پنھنجيون قيمتي جانيون ضايع ڪري ويٺا. ھي بيماري مڪہ مڪرمہ جي شھر ۾ سن 1850 تائین ڦھلجندي رھي. ليڪن ان کان بعد ۾ بہ ڪڏھن ڪڏھن ھن بيماري جي ڪارڻ ماڻھون مرندا رھيا. اڪثر تاريخ جي مورخن مطابق ھي وبا انڊيا کان زائرین جي ذريعي آئي ھئي. ان کان بعد ۾ ھن وبا دنيا جي ٻين ملڪن جي زائرین کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو.
مصري زائرین تڙ تڪڙ ۾ بحر احمر جي ڪنارن جي طرف ڀڃڻ لڳا. جتي انھن کي قرنطينہ سينٽر ۾ رکيو ويو. ھي وبا بعد ۾ آمريڪا جي شھر نيو يارڪ تائین ڦھلي ھئي. ھي ڳالھ بہ تاريخ ۾ ملي ٿي تہ سلطنت عثمانيہ جي دور ۾ ھيضي جي وبا کي ختم ڪرڻ لاء قرنطينہ سينٽرن تي خصوصي زور ڏنو ھو.

حج جا وڌندڙ خرچ

سن 930 (1000 عيسوي جي قريب) مصر ۾ وڌندڙ منھگائي ۽ حج جي سفر ۾ بي پناہ واڌاري جي ڪري ماڻھون حج ادا ڪرڻ لاء نہ وڃي سگھيا. ۽ اھڙي طرح سان 430 ھجري ۾ عراق، خراسان کان وٺي ڪري شام، ۽ مصر جا ماڻھون حج ادا ڪرڻ لاء نہ وڃي سگھيا. شاہ عبد العزيز جي فائونڊيشن جي مطابق 492 ۾ اسلامي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ ۾ جنگين جي وجھ سان مسلمانن کي وڏو نقصان پھتو ھو. جنھن جي ڪارڻ حج شديد متاثر ٿيو.
654 ھجري کان وٺي ڪري 658 ھجري تائين، حجاز کان علاوہ ٻئي ڪنھن بہ ملڪ جا ماڻھون مڪہ مڪرمہ تائین نہ رَسي سگھيا.1213 ھجري ۾ فرانسيسي انقلاب جي دوران حج جي قافلن کي تحفظ ڏيڻ ۽ اُُنھن جي سلامتي جي باعث انھن کي روڪيو ويو.

جڏھن سخت سردي (سئَ) جي ڪري حج کي منسوخ ڪيو ويو.

سن 417 ھجري ۾ عراق ۾ سخت سردي، ۽ سيلاب جي ڪارڻ زائرین مڪہ مڪرمہ جي طرف سفر نہ ڪري سگھيا. اھڙي طرح سان سرد موسم جي ڪارڻ حج کي منسوخ ڪرڻو پيو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close