ٺٽو

آل سعودجنت البقيع کي مسمار ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي، مظاھري کي خطاب

ايم ايڇ ڪنڀار
انڊس نيوز، ٺٽو
مجلس وحدت مسلمين ۽ اصغريہ آرگنائيزيشن ٺٽي پاران 8 شوال جي ڏھاڙي ” يوم انھدام جنت البقيع “ طور ملھايو ويو ان سلسلي ۾ مولانا اياز، ڊاڪٽر شبير Janatul Baqiشاھ شڪرالاھي، خليل کتري، ڪامران سومرو، ارشاد کھتري جي اڳواڻي ۾ مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مڪلي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي ڊاڪٽر شبير شاھ شڪرالاھي. مولانا اياز مظاھري کي خطاب ڪندي چيو تہ آل سعوديہ جي حڪومتن جنت البقيع کي مسمار ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي ھئي اڄ ان واقعي کي سئو سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن پر سعودي حڪومت پنھنجي اصل آقائن آمريڪا ۽ اسرائيل کي خوش ڪرڻ لاء جنت البقيع جي ٻيھر تعمير جي لاء ڪوبہ قدم نٿي کڻي افسوس جو مقام آھي تہ جنت البقيع ۾ پرديدار بيبين جون مزارون ۽ نبي صلعم جي اولادن جا مقبرا ڊاھي پٽ ڪري سعودي حڪومت پاڪ سر زمين کي عياشي جو اڏو بنائي ڇڏيو آھي اڄ سعودي عرب ۾ جوا ۽ شراب جا اڏا سري عام ھلي رھيا آھن سينيمائن جو ڪاروبار پڻ سري عام ھلي پيو پر پاڪستان جي حڪومت سميت دنيا جي اسلامي ملڪن جي خاموشي معني خير لڳي ٿي ھنن چيو اھل بيت جون مزارون ويراني جو ڏيک ڏئي دنيا کي پيغام ڏين پيون تہ مسلمانن پنھنجون صفون مظبوط نہ ڪيون تہ ايندڙ وقت ۾ اڄا بہ کين ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻو پوندو ھنن چيو تہ پاڪستان سميت دنيا جا اسلامي ملڪ سعودي عرب جي حڪومت تي زور وجھن تہ ھو اھل بيت جي مزارن جي ٻيھر تعمير ڪرائين تہ جيئن مسلمانن مان بيچيني ختم ٿئي ان موقعي تي سعودي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button