رتوديرو

رتوديرو: ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار زخمي

سنڌي شڪيل دايو
انڊس نيوز، رتوديرو
رتوديرو ڀرسان ھٿياربندن جي حملي ۾ پوليس جمعدار لطيف ابڙو سخت زخمي مرڻينگ حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو
رپورٽ موجب. رتوديرو لڳ ڳوٺ ڀانڊو قبو ڀرسان جيڪب آباد پوليس جي فائٽر ون انچارج جمعدار عبداللطيف ابڙو مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي تعلقه اسپتال پهچايو فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد مرڻينگ حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هيو جنهن جي ٺاھ ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو هيو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button