ماڪڙ جي تباهي زميواريون ڪير سنڀالي
عزيز الله ناريجو
انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ اها واحد سرزمين آهي جنهن جي انساني ڪاهون تمام گهڻيون ٿيون آهي هر هو ڌاريو جنهن کي پنهنجي سرزمين برداشت ناهي ڪندي هو به اچي سنڌ ۾ پنهنجو ديرو ڄمائيندو آهي جنهن کي پنهنجا پنهنجي لڇڻن ۽ بداخلاقين جي ڪري ملڪ بدر ڪري ڇڏيند آهن اهي به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ پنهنجو ٺڪاڻو هميشه آباد ٿي ويندا برحال سنڌ سان اهڙا ويڌن هميشه کان ٿيندا رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا انهي سڏ ۾ سنڌ جي اصلي واڳ ڌڻين ڪا سنڌ جي سار لڌي آهي سنڌ جي ساحلي پٽي کان ويندي ڪشمور ڪارونجهر تائين هر وقت سموري سنڌ جتي ڪرونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهي آهي اتي رهي ڪسر ماڪڙن پوري ڪري ڇڏي آهي سنڌ جيڪا وسلين سان مالا مال هوندي به سندس رهاڪو هميشه ڏکن ڏوجهرن ۾ رهيا آهي اتي سنڌ هن وبائي صورتحال ۾ به عوام لاء سواءِ سورن ۽ دردن جي ديس کان سواء ڪجهه ناهي .بک بدحالي سنڌ جي عوام جو مقدر ته پهرين کان ئي آهي پر هن وقت انهي ويڌن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي هن وقت ماڪڙ سنڌ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي سنڌ جي هن وقت پندرهن ضلعن ۾ ماڪڙ پهچي ويا آهن جن مسڪين آبادگارن جي فصلن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي ماڪڙ جي اهڙي حملي کي سامهون رکندص هن وقت جي وفاقي اداري اين ڊي ايم اي سنڌ جا رڳو ٻه ضلعا ماڪڙ سبب متاثر ڄاڻايا آهن .اين ڊي ايم اي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي هڪ لک 50 هزار هيڪٽر زمين جي سروي ۽ رڳو 28 هيڪٽر ايراضي تي ڦوهارو ڪرايو ويو جڏهن ته ٻئي پاسي ميڊيا جي آيل رپورٽن مظابق ته سنڌ جا پندرهن ضلعا ماڪڙ متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ هن وقت خيرپور ميرس ۽ گهوٽڪي کان وٺي ٿر تائين ماڪڙن مختلف فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن ايستائين جو وڻ ٽڻ ڪمند،ڀاڄيون جوئر ٻاجهر، ،جنتر، مڪئي ،انبن،کجين ۽ ٻيرن جا باغ کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن.ماڪڙ جي اهڙي حملي تي سنڌ جي آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن ۽ سنڌ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي ان ڪري هڪ اهم سوال اهو به آهي ته هن نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ ماڻهن جي محنت ڏينهن رات جي اوجاڳن جو ڪهڙو ازالو ٿي سگهي ٿو؟هڪ غريب هاڻي پنهنجي ٻچن جو پيٽ به مشڪل سان پاري ٿو جيڪو قرض تي ٻج ڀاڻ وٺي پوکي ڪندو آهي جنهن جي سموري پورهيت طبقي جي ماڪڙن جو حملو وڏي نقصان جو سبب بڻيو آهي اها ڳالهه سڀند کي ياد رکڻ گهرجي ته ماڪڙ جي حملي کان پهرين ئي اهڙي آگاهي ڏني وئي هئي ته ماڪڙ سنڌ جي فصلن تي حملو ڪندا جڏهن ته خوراڪ جي عالمي ادارن کان وٺي ملڪي ماهر ۽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو پهرين کان ئي اهڙيون رڙيون ڪري رهيا هئا ته مئي مهيني ۾ ملڪ سميت خاص طور تي سنڌ کي ماڪڙ جي حملي جو وڏو خطرو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ تي ماڪڙن حملو ڪيو ته انهي حملي سبب ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن ٿي ويندو ماڪڙن جي حملي سبب کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي به منهن ڏيڻو پوندو.انڪري هن وقت اهو ساڳيو ئي حال آهي سنڌ ۾ کاڌخوراڪ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي سنڌ جا پورهيت فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته ماڪڙ جي وبا کي روڪڻ بجاءِ اسان جا وفاقي ۽ صوبائي حڪمران هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهن هر سياسيتدان پنهنجو ڪلهن جو بار ٻئي تي اڇلائڻ ۾ پوري آهي ڪير به پنهنجي زميواري قبولڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل طور زميواري وفاق حڪومت جي هٿ ۾ هوندي ڇو ته ملڪ جي معيشت ۽ بقا جي زميواري سندس ئي ڪلهن تي هوندي آهي پر وفاق انهي ڏس ۾ ڪو به تڪڙو اپاءُ نه وٺي رهي آهي ۽ وفاق سنڌ حڪومت کي پنهنجي زميواري سنڀالڻ جو چئي رهي آهي انڪري اسان ٿوري وقت لاءِ مڃي به وٺون ته ڪجهه زميواريون سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ اچن ٿيون پر فنڊ ته وري به وفاق جي زميواري آهي ها سنڌ حڪومت به وفاق جي وير سبب سنڌ جي پورهيت سان ويڌن ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي ۽ سنڌ حڪومت کي اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ڇو ته سنڌ جي زراعت کاتي ۾ ايتري به اهليت نه آهي ڇا جو گهڻو اڳ اطلاع ۽ٻ آگاهي ملڻ باوجود هو سنڌ مظلوم هارين ،آبادگارن ۽ زميندارن جي محنت کي بچائڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ پنهنجي ليکي ڪري وٺي ها.ڇو ته هر ڳالهه وفاق جي ڳچي ۾ وجهڻ کان پهريون پنهنجو به وزن تورڻ گهرجي انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي زراعت کاتي وٽ پنهنجا فنڊ هوندا آهن جيڪي پنهنجي رٿا ۽ اسڪيمن لاء رکيا ويندا آهن پوءِ جيڪڏهن انهن مان کي ماڪڙ معاملي تي ضرور ڪي اپاءُ وٺڻ گهرجن ها ۽ پوءِ جيڪڏهن ان مان به پورت نه پئي ٿي سگهي هان ته وڏي وزير کي انهي ڳالهه جي آگاهي ڏيڻ گهرجي ها ۽ کيس اهو چيو وڃي ها ته هو انهي ايمرجنسي ۾ اضافي رقم منظور ڪرائي ۽ ائي ٿئي سگهجي پيو پر افسوس جو اتي ابتي گنگا وهڻ شروع ٿي آهي جو سنڌ زراعت کاتو سنڌ جي آبادگارن جي مدد ڪرڻ بجاءِ وفاق تي سموري بار اڇلائڻ لڳو ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته وفاق تي ڀاڙڻ بدران سنڌ زراعت کي کاتو سنڌ جي آبادگارن جي ماڪڙ جي حملي ۾ مدد ڪري ها.اسان جو صوبو زرعي صوبو آهي ۽ تقريبن هر ٻئي ماڻهو جي گذر سفر جو وسيلو اها زراعت ئي آهي ته پوءِ ان اهم شعبي بابت ايڏي لاپرواهي ۽ غفلت ڇو اختيار ڪئي ويئي.ساڳئي وقت وفاقي حڪومت به سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رڳو سنڌ حڪومت سان سياسي اختلافن جي ڪري هن اهم مسئلي تي ترت اپاءُ وٺڻ ۾ اهو سهڪار نه ڪيو جيڪا ان جي ذميواري هئي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌ جي هر آبادگار جي مٿي تي هٿ آهن.ماڪڙن پوري سنڌ کي گهيري رکيو آهي مسڪين آبادگارن جا فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن انهي ڪري حڪومتي توڙي صوبائي لاپرواهي پوري سنڌ کي سوين سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي انڪري هاڻ جيڪل اسان سمجهون ٿا ته ماڪڙ جي حملي سبب ٿيل نقصان جو ته ازالو ٿي ئي نه ٿو سگهي پر جيئن ٻين شعبن ۾ نقصان تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پيڪيجز جا اعلان ڪنديون ڪيا ويندا آهن تيئن زراعت جهڙي اهم شعبي کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ به کين اڳيان اچڻ گهرجي ۽ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهجي جيئن گهٽ ۾ گهٽ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو ڏکئي وقت ۾ ڪجهه ساهه کڻڻ جهڙا ٿي سگهن.