آرٽيڪل

پنهنجي وجود جي ابتدائي سفر کان آخري سفر تائين

دوست محمد چانڊيو
وجود ۽زندگي ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن پر مفهوم الڳ الڳ آهن ۽ تشريح جي لحاظ کان ٻئي هڪ ٻئي کانسواءِ اڻ پورا آهن.زندگي وجود ۾ سمايل آهي،اهو وجود ئي آهي جيڪو زندگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.مطلب ته وجود جي هجڻ سان ئي زندگي جو هجڻ آهي.هتي وجود جي ابتدائي سفر جو مقصد دنيا جو سفر ۽ آخري سفر مان مراد آخرت جو سفر آهي. جيڪڏهن جائزو وٺجي ته انسان جي تخليق جو مقصد حقوق الله ۽ حقوق العباد آهي مطلب ته ”الله جي عبادت“ ۽ ”خدمت خلق“ جڏهن ته عبادت هڪ لڪيل عمل آهي جيڪو الله ۽ انسان جي وچ ۾تعلق ڏيکاري ٿو ۽ خدمت هڪ ظا هري عمل آهي جيڪو انسان کان انسان جي وچ ۾ تعلق ڏيکاري ٿو جيتوڻيڪ ٻئي مفهوم جي لحاظ کان نوڙت وارا لفظ آهن جنهن جو مقصد هڪ ئي آهي ته الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ. افسوس! اڄڪلهه جو انسان دنيا جي کيل تماشي ۾ رڌل ۽ پئسن جي لوڀ لالچ ۾ گم آهي، ڪينو حسد ساڙ ۽ هڪ ٻئي سان نفرت ۾ ڀريل آهي جڏهن ته پنهنجي حقيقي ۽ هميشه رهندڙ زندگي کي وساري چڪو آهي. قرآن پاڪ انسان لاءِ هدايت ۽ نور آهي، جيڪو ان سان محبت رکي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري ٿو اهو ان لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي ٿو. الله تبارڪ و تعاليٰ قرآنِ مجيد ۾ سوره الانڪبوت ۾ آيت نمبر چوهٺ(64) ۾ انسان کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته؛ ”اي انسانو دنيا جي زندگي کيل تماشي کانسواءِ ڪجهه نه آهي ۽ حقيقت ۾ آخرت جو گهر ئي صحيح گهر آهي“.
.انسان الله تعاليٰ جي خوبصورت ترين مخلوق آهي جنهن کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات جهڙو درجو عطا ڪيو مطلب ته اعليٰ درجي واري مخلوق ڇو جو انسان کي الله تعاليٰ عقل ۽ فهم ڏنو صحيح ۽ غلط جي پروڙ ڏني ان سان گڏو گڏ نيڪي ۽ بدي ۾ فرق سمجهايو. دراصل زندگي جو بنياد تقويٰ آهي ۽ تقويٰ تڏهن حاصل ٿئي ٿي جڏهن اسين الله تعاليٰ جي حڪمن جي سچي دل سان پيروي ڪريون ٿا ۽ سندس حبيب ڪريم حضرت محمد ﷺ جي عملي زندگيءَ جي سهڻن اصولن تي پابند رهون ٿا .زندگي الله تعاليٰ طرفان مليل هڪ انمول تحفو آهي جيڪو ان تحفي جو قدر ڪري ٿو، الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ٻڌايل حڪمن تحت زندگي بصر ڪري ٿواهو ئي زندگيءَ جو حقيقي سفر آهي ۽ ان ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آهي.زندگيءَ جا اصل ۾ ٻه سفر آهن ھڪ دنياوي ۽ ٻيو وري آخرت جو سفر ،آخرت جو سفر تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن انسان دنيا جو سفر مڪمل ڪري ٿو مطلب ته دنيا جي سفر جو تعلق آخرت جي سفر سان آهي. حقيقت ۾ دنيا جو سفر هڪ امتحان آهي جنهن جو نصاب الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۽ پنهنجي حبيب ڪريم ﷺ جي عملي زندگيءَ جي صورت ۾ ڏنو آهي هاڻي اهو اسان تي منحثر آهي ته اسين ڪيتري حد تائين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون ٿا ته جيئن پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي زندگيءَ کي سنواري سگهون مطلب ته انسان کي جو ڪجهه ڪرڻو آهي دنيا ۾ ڪري وٺي آخرت ۾ صرف ۽ صرف ان جو اجر ملندو.جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ” جيڪي پوک پوکيندي سو ئي لڻندي“.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close