رتوديرو

رتوديرو ۾ بجليءَ جون تارون ڪٽڻ تان سيپڪو ملازمن ۽ شھرين ۾ جهيڙو

سنڌي شڪيل دايو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، رتوديرو

رتوديرو ۾ بجليءَ جون تارون ڪٽڻ تان سيپڪو ملازمن ۽ شھرين ۾ جهيڙو سيپڪو جي اهڙين ناجائزين خلاف هريجن برادري جي ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو
مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي مين بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هڻي سيپڪو عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي هريجن برادري پاران سيپڪو عملدارن خلاف رتوديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل گرفتاري جو مطالبو

رپورٽ موجب. رتوديرو ۾ سيپڪو جي ناجائزين خلاف سخت گرميءَ ۾ هريجن ڪالوني جي رهواسين وجي ڪمار گڊيش ڪمار رام داس سري رام راجا نانو شيوا ڀڳوان داس شيرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين بس اسٽينڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانھيندي مظاهرين سيپڪو عملدارن مٿان الزام هڻندي چيو ته ھريجن ڪالوني ۾ بجليءَ جي لڳل ٽرانسفارمر تي وڏو آزار آھي سيپڪو عملدار في ڪنيڪشن جا ٻه ٻه ھزار ماھوار رشوت گھرن ٿا نه ڏيڻ تي انهن بجليءَ جون تارون ڪٽي کڻي وڃي رھيا ھئا جنهن تي اسان اهي ڪٽيل تارون واپس گھريون ته سيپڪو عملدار ايل ايس وقار سومرو لائين مين تاجل جت فياض خاصخيلي اسان غريبن مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن سبب اسان جو نوجوان گڊيش سخت زخمي ٿي پيو هنن چيو ته اسان رتوديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس سيپڪو عملدارن جي ونگار وهندي جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري ھنن چيو ته اسان شريف شهري هر شهر جي ماڻهن جي عزت ڪندا آهيون ۽ جهڙ مينهن سردي توڙي گرميءَ ۾ سڄي شھر جو گندڪچرو کڻي شھر کي صاف سٿرو رکندا آهيون پر سيپڪو عملدارن جون اسان سان هر روز وڏيون زيادتيون آھن اسان جا گھر ننڍا آھن شديد گرمي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري اسان عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون اسان جا پيرسن ۽ ٻارڙا ظلم واري زندگي گذاري رهيا آهيون هنن چيو ته اسان جا ڪيترائي ئي ماڻهو ميونسپل ملازم آهن پگهارون به وقت سر نه ٿيون ملن ويترا ڳرا بل ڀري ٿڪجي پيا آهيون هنن چيو ته سيپڪو عملدارن جي ناجائزين جو ازالو ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button