آرٽيڪل

فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل جارحيت

قاضي ارشد حسين

پنهنجي نسل پنهنجي قوم جي بقا لاء هر قوم وڙهي آهي ماضي ۾ ان جا انيڪ شاندار ۽ شاهڪار مثال موجود آهن، پر دور حاضر ۾ به الاهي ساريون قومون پنهنجي حق ۽ خوداراديت لاء اڄ به ميدان عمل ۾ آهن، انھن مان هڪ قوم فلسطيني قوم به آهي،جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ملڪ جي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهن، سندن تحريڪن خلاف انيڪ سازشون پڻ ٿيون، جڏهن ته اسلامي بلاڪ جي او آئي سي سميت اسلامي نظرياتي ڪاونسل جو ڪردار پڻ غيرفعال ۽ مصلحيت جي شڪار ٿيو پر ان باوجود فلسطيني عوام مسلسل جدوجهدڪري پنهنجي ملڪ جي تاريخي وطن جو دفاع ڪيو آهي.

جيڪڏهن پاڻ اهو سمجهون ٿا ته فلسطين ۽ اسرائيل جو مسئلو انهن جو داخلي مسئلو آهي، يا اهو مسئلو تنظيم الفتح ۽ اسرائيل جو مسئلو آهي ۽ اهو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ته پوءِ اهو يقين مڃو ته پنهنجو ضمير اگور ننڊ ۾ ستل آهي، هڪ سوچيل سمجهل سازش تحت عالمي دهشتگرد آمريڪا جي طرفان اسرائيل کي تحفظ ڏيڻ لاءِ منظم ۽ مضبوط انداز ۾ اهڙين قسمن جي پروپيگنڊاڪندي رهي آهي، جتي آمريڪا اسرائيل جي ناجائز رياست جي تحفظ ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو آهي اتي فلسطين جي مسئلي کي محدود ڪرڻ لاءِ اهڙيون عير اخلاقي حرڪتون پڻ ڪندو رهيو آهي، مثال هڪ مخصوص فڪر ۽ سوچ کي هٿي ڏيندي اها ڳالهه ڪئي ويندي آحي ته فلسطين جو مسئلو نه انسانيت جو مسئلو آهي نه ئي مسلمانن جو، بلڪي اهو مسئلو صرف ۽ صرف فلسطينن ۽ اسرائيلين جو آهي هاڻ ته ان مسئلي کي وڌيڪ ننڍو ڪندي چيو ويو آهي ته اهو مسئلو فلسطين ۾ موجود الفتح تنظيم ۽ اسرائيلن جو آهي مطلب ته اهو مسئلو هاڻ فلسطيني عوام جو به ناهي پر صرف هڪ مخصوص تنظيم جو آهي.

پر اسين جيڪڏهن غور ويچار ڪريون ته خبر پوي ٿي ته سن 1948 کان پهرين دنيا ۾ اسرائيل نالي ڪا به رياست جو وجود ئي نه هو. تاريخ ڪجهه هن ريت آهي ته فلسطين تاريخي طور تي وطن آهي جنهن جي صدين جي تاريخ موجود آهي، اسلامي تاريخ موجب ڪيترن ئي نبي سڳورن ۽ مقدس شين جو فلسطين ۾ هجڻ ملي ٿو. اسلام جو پهريون ڪعبو مسجد اقضي بيت المقدس پڻ فلسطين ۾ موجود آهي. جنهن ۾ نبين سڳورن جون امانتون ان ۾ موجود آهن.

سن 1948 ۾ آمريڪا برطانيه جي ڪوششن سان دنيا جي يهودين کي فلسطين ڏانهن آباد ڪرايو ويو،منهنجي محدود علم موجب يهودين جي مذهبي عقيدي موجب الله انهن کي تمام مخلوقات تي حاڪم ۽ افضل ترين توڙ پيدا ڪيو آهي تنهن ڪري اهي ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي ڪمزور يا غير شناخت واري حالت ۾ نه پئي رهڻ گهريو تنهن ڪري وڏي ايراضي تي يهودين کي جمع ڪرڻ کانپوءِ اسرائيل رياست ٺاهڻ ۽ ٻين ملڪن کي وزن وڌو ويو ته اهي اسرائيل جي رياست کي قبول ڪن جنهن مان ڪجهه ملڪن قبول ڪيو پر پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

اسرائيل جي ناپاڪ وجود کان پوءِ عالمي سطح تي فلسطين جي تاريخي حيثيت کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيو ويون. جنهن ۾ اسرائيل پاران فلسطين جي اندر نسل ڪشي ڪرڻ شامل آهي، ان کان پوءِ آمريڪا اسرائيل پاران مخلتف ذريعن سان ملڪن کان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتون ويو آهن، مثال جيڪو ملڪ اسرائيل جو وجود تسليم نٿو ڪري ان کي آمريڪا ث اسرائيل مختلف طريقن سان پريشان ڪندو رهيو آهي، ڪڏهن خانه جنگي، ڪڏهن تجارت ۾ پابنديون، ڏکين حالتن ۾ انهن جو ساٿ نه ڏيڻ سميت ڪيترا ئي حربا استعمال ڪندا رهيا آهن.

اهڙن تمام حربن باوجود کين شڪست ملندي رهي آهي ته پوءِ ميڊيا جي اينڪرن ۽ ڪجهه سوچ رکندڙ ليکڪن ذريعي فلسطين مسئلي کي منجهائڻ جي ڪري اها به رائي ٺاهي وئي آهي ته اسرائيل 1967ع کان پهرين واري سرحدن تي واپس هلي وڃي ته فسلطين اسرائيل جو مسئلو حل ٿي ويندو، پر فسلطين عوام جو موقف واضع ۽ چٽو آهي ته جڏهن تاريخي توڙ تي اسرائيل جو ڪو به وجود ناهي ته پوءِ ڪهڙي 1967ع واري سرحدون؟ انڪري اسرائيل نالي ڪابه رياست ناهي نه ئي ان کي ڪنهن ملڪ جي حصي ۾ ٺاهي سگهجي ٿو.

بنيادي توڙ تي اسرائيل صيهونيزم يهودين ۾ هڪ انتها پسند تنظيم جو نالو آهي جنهن جو نصب العين پوري دنيا تي مسلط ٿيڻ ۽ حاڪميت قائم ڪرڻ آهي. صيهونيت نه فقط اسلام يا مسلمانن جي دشمن آهي پراهي ٻين مذهبن سميت عيسائين جي پڻ دشمن آهي، هن وقت اهي صرف مسلمانن سان وڙهي رهيا آهن پر انهن جي ايجنڊا موجب ملسمانن تي حاڪميت قائم ڪرڻ کانپوءِ عيسائين کي پڻ پنهنجي حاڪميت هيٺ آڻڻ جو ارادو رکن ٿا.

صهيونيت پنهنجن مفادن خاطر ڪنهن به حد تائين انسانيت جو نقصان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، مثال طور 15مئي 1948ع ۾ صهيوني دهشتگرد ”هگانا“ هزارين ڌرتي ڌڻي فلسطينن کي انتهائي وحشت ناڪ انداز قتل و غارت ڪئي جنهن کي فسلطينن سميت دنيا ۾ يوم نڪبه يعني وڏي تباهي ۽ بربادي جو ڏينهن تور ملهايو ويندو آهي. اهڙي طرح فسلطينن کي پنهنجي ملڪ مان بيدخل ڪيل فلسطينين جي ڪئمپن صبرا ۽ شتيلا ۾ بدترين گولاباري ڪري فلسطينن کي موت جي گهاٽ ۾ لاٿو ويو. سن 1982ع ۾ لبنان ۾ مخصوص علائقن تي صهيوني فوجن جو قبصو ڪيو ۽ اتي موجود بي گناهه ماڻهن کي قتل و غارت ۽ وحشتناڪ ڪاوائين ذريعي خوفزدو ڪندا رهيا جنهن کان پوءِ مسلسل جهڙن ذريعي لبناني تنظيم حزب الله جي سپاهين 2000 سن ۾ صهيونين کان آزاد ڪرايو.

اسرائيل پنهنجي جوهر واضع ڪرڻ ۽ انسانيت کي غلام بنائڻ لاءِ انسانيت جو قتل و غارت ڪندو رهيو آهي. لبنان ۾ اسرائيلي فوج سن2006 ۾ ڪميونسيٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سمير قنتار نالي شخص کي اغوا ڪيو ۽ بيروت مٿان بمباري ڪندي رهي، جنهن خلاف پڻ اسلامي تنظيم حزب الله جي اڳواڻ سيد حسن نصرالله پڻ وڙهڻ ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ سمير قنتار کي آزاد ڪرڻ تائين اسرائيل خلاف جهاد جو اعلان ڪيو، جنهن ڪري 32 ڏينهن تائين مسلسل جنگ واري حالت ۾ رهڻ کانپوءِ اسرائيل جنگ بندي جو اعلان ڪيو.

سڀني ڳالهين ۽ جنگين کي نظر ۾ رکجي ته اهو واضع ٿئي ٿو ته اسرائيل نالي رياست جو وجود ڪنهن به صورت ۾ انسانيت ۽ مستقل امن جي حق ۾ ناهي اهڙي طرح اهو به واضع آهي ته اسرائيل آمريڪا دنيا ۾ بد امني انتشار ۽ انسانيت جي قتل و غارت ۾ برابر جا حصه دار آهن. جڏهن اسان جو شعور اهو تسليم ڪري ٿو ته اهي عالمي دهشتگرد انسانيت لاءِ حاڃيڪار آهن ته پوءِ لازمي آهي ته ان خلاف وڙهندڙ ۽ واضع موقف رکندڙ شخصيتن جهڙوڪ دنيا جي تمام مظلومن جو هڏ ڏوکي ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي، اسلامي مزاحمتي تحريڪ سيد حسن نصرالله سميت مظلومن جي اڳواڻن جي حمايت ڪريون ۽ فلسطين سميت مظلومين جهان جو آواز بڻجڻ لاءِانقلاب اسلامي ايران جي اڳواڻ امام خميني پاران فلسطين ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ رمضان المبارڪ جي آخري جمع جمته الوداع کي يوم القدس طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، ان ڪري ايران سميت سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حمايت بيت المقدس جي آزادي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف احتجاجي ريليون، سيمينار ۽ تقريبون منعقد ٿينديون آهن انهن ۾ هر باضمير آزاد شعور رکندڙ فرد کي شرڪت ڪرڻ گهرجي ته جئين فلسطيني تحريڪن کي آٿت ملي ۽ انسانيت خلاف آمريڪا اسرائيل جون سازشون ناڪام بڻجي سگهن.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close