مقبوضه فلسطين، اسرائيلي دهشتگردي ۽جعمته الوداع يوم القدس

محسن ظفر اصغري

 محسن ظفر اصغري

محسن ظفر اصغري
مظلوم فلسطينين تي غاصب اسرائيل طرفان ٿيندڙن ظلمن کان سڄي دنيا واقف آهي. بي گناهه فلسطيني عورتن، ٻارن ۽ شهرين تي ٿيندڙ ظلم سڄي دنيا ۾ اسرائيل جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اسرائيلي جارحيت ۽ وحشتناڪ ڪاروائيون انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي.15 مئي 1948 ع ۾ دنيا جي نقشي تي آمريڪا جي ناجائز اولاد اسرائيل نالي هڪ رياست وجود ۾ آئي جنهن فسلطين سميت سڄي دنيا ۾ امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ان ڏهاڙي تي فلسطيني عوام مٿان موت جو راڪاس رڪس ڪندي هزارين جي تعداد ۾ فلسطين جي نوجوانن، معصوم ٻارڙن، عورتن توڙي مردن کي موت جي گهاٽ سماريو، جنهن بعد مسلسل سندن ڪٿيون ڪاروائيون انسانيت جي لاءِ اذيت بڻيل آهن.

اسرائيل رياست جو نقشو اهڙو آهي جهڙو عربن جي سيني ۾ خنجر کوڙيو ويو هجي. اسرائيل جو قيام جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي فلسطينين تي سندن ئي زمين کي ٽامو بڻايو ويو آهي. اقوام عالم جي بي ايماني ڏسو ته اسرائيل جو ناجائز وجود نه صرف قيام ۾ آندو ويو پر ان کي مضبوط ٿيڻ ۽ کلي ڪڏڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي. انهيءَ جي ڪري ئي اسرائيلي يهودين جون هٺ ڌرميون ۽ ظلم انتها تي ڏسڻ ۾ آيا، ڪڏهن مصر، ڪڏهن اردن ته ڪڏهن لبنان کي پنهنجي جارحيت جو نشانو بڻايو. اسرائيلي فوج لاءِ فلسطيني ويچارا انهيءَ لاءِ رڍن ۽ ٻڪرين وانگر آهن ته جڏهن چاهجي ذبح ڪيو وڃي ۽ هاڻي مسلسل ڪيترن ئي سالن کان يهودين جي بربريت ۽ ظلم جو زور جاري ۽ ساري آهي، فيس بڪ تي ٻارن جا ٽڪر ٿيل وجود ۽ عورتن جون ٻاهيون انهن يهودين توڙي اقوام عالم تي تر جي داڻي جيترو به اثر ناهي.

انساني حقن جي لاءِ ٺاهيل اقوام متحده قراردادن جي حيثيت عالمي دهشتگرد آمريڪا ۽ اسرائيل اڳيان ردي جي ڪاغذ کان وڌيڪ ڪا به اهميت ناهي،يا اڻ سڌي طرح اسرائيل اڳيان اقوام متحده جي ڪابه حيثيت ناهي. پر اها ئي اقوام متحده ڪڏهن ڪڏهن انهن ئي غاصب رياستن جي ڍال جو ڪردار ادا ڪندي آهي جڏهن کين ڪنهن به ملڪ تي چڙهائي ڪرڻي هوندي آهي، جهڙوڪ عراق، افغانستان تي ڪيل ڪروائين جي منظوري شامل آهي. ساڳئي ريت مسلمانن جي دفاع لاءِ ٺاهيل آرگنائيزيشن اسلامڪ ڪوآپريشن او آئي سي پڻ قراردادن جي حد تائين محدود آهي،

ويجهي ماضي ۾ سعودي عرب اسلامي دنيا جي 42 ملڪن جي فوج جو مضبوط نيٽ ورڪ جوڙيو ته مسلم دنيا اهو محسوس ڪيو ته شايد ان جي ايجنڊا ۾ اسلام جي پهرين ڪعبي بيت المقدس، فلسطين ڪشمير جي آزادي شامل هوندي پر افسوس سعودي عرب جي ايجنڊا ۾ به ڪا اميد نه ملي، ابتو فلسطين جي آزادي ۽ مسلم بلاڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڙهندڙ قوت ايران شام تي الزام هڻي کين اڪيلو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جنهن مان واضع ٿيو ته سعودي عرب پڻ فلسطين جي مسئلي ۾ اسرائيل جو حامي نظر اچئي ٿو.

ويجهي ماضي ۾ آمريڪي سفارتخاني جي تبادلي جي باھ ٻيهر ڀڙڪي پئي آهي ۽ غزه جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي. اها ويڙھ ۽ اهو معاملو آمريڪا طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قرار ڏيڻ ۽ آمريڪي سفارتخانو منتقل ڪرڻ واري رجهان سال 2017ع ۾ ڪر کنيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کانپوءِ پاڪستان سميت عالمي برادري سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان معاملي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي فيصلو واپس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو آهي پر اقتدار ۽ طاقت جي مستي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڪو به فرق نه پيو.بيت المقدس مسلمان جي عبادت گاھ آهي جتي انهن جو راڄ قائم آهي اسرائيلي، فلسطين ۽ غزه ۾ آمريڪا سر عام پنهنجي دهشتگردي ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي سبب غزه جنگ جو ميدان بڻيل رهيو. اسرائيلي فوج ۽ فلسطينين جي وچ ۾ ڇتي ويڙھ ۽ چڪريون ٿيون جنهن سبب وڏي خون ريزي پڻ ٿي، اسرائيلي فوج احتجاج ڪندڙ خالي هٿين فلسطينين تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 48 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي پٽي تي فلسطنين والاريل بيت المقدس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي واري فيصلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ جو به حق اسرائيل ۽ آمريڪا کي ڏکيو محسوس ٿيڻ لڳو.

ان سڄي صورتحال ۾ فلسطين اندڙ پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪندڙ تنظيم حماس جي اخلاقي مدد ڪرڻ ۾ ۽ فلسطين جي لاءِ اسلامي دنيا ۾ واضع ۽ جٽادار موقف رکندڙ ايران نظر اچئي ٿو. انقلاب اسلامي ايران جي باني ۽ امت مسلمه جي عظيم سپوت امام خميني فلسطين جي حمايت، مسلم ملڪن جي اتحاد لاءِ ڪوششون ورتيون جنهن سان آمريڪا کي وڏو ڌچڪو مليو. امام خميني رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي آخري جمع يعني جمته الوداع جي ڏهاڙي کي بيت القدس جي ڏهاڙي جي عنوان سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن سان فلسطين ۾ ورهندڙ تحريڪن کي اتساهه مليو.جنهن سان فلسطيني عوام ۾ اميد جاڳي ۽ سڄي دنيا ۾ بيت المقدس جي ڏهاڙي تي فلسطين جو مسئلو اجاگر ٿيڻ لڳو، امت مسلمه ۾ بيداري اچڻ لڳي جنهن سبب ايران، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف احتجاج ٿيڻ لڳا ۽ سندن ڪيل انسانيت کان ڪريل حرڪتون دنيا ۾ آشڪار ٿينديون پيون اچن. هن وقت بيت المقدس ۽ فلسطين جي آزادي هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو هر باضمير مسلمان جي دل ۾ آرزو ۽ آس بڻجي، ڌڙڪندو رهي ٿو. بيت المقدس ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ پوري ملت اسلامي کي بيدار ڪرڻ ضروري آهي. اهڙي وقت جڏهن غزه جي وڪوڙيل فلسطينين جي صورتحال تمام افسوسناڪ حد تائين پهچي وئي آهي ۽ هڪ انساني انڌير نگري ڏسڻ ۾اچي رهي آهي. انساني حقن جا دعويدار مغربي ملڪَ حسب معمول خاموشي سان تماشو ڏسي رهيا آهن انهن جي ماضي کي ڏسي ڪري انهن تي توقع ڪرڻ بيڪار آهي. جڏهن ته عرب ملڪ ۽ انهن جي تنظيم عرب ليگ او آئي سي ڪنهن به عملي ڪم انجام ڏيڻ کان ڏور آهي اهڙي حالت ۾ فلسطين جي ڌرتي جي آزادي ۽ صيهونين جي چنگل مان بيت المقدس جي رهائي جي لاءِ هنلدڙ تحريڪ سان واسطو رکندڙ فلسطين جي نئين نسل جي حمايت جي لاءِ مسلمان عوام ميدان عمل ۾ موجود آهي. اسلامي امت جي بيداري ۽ جاڳرتا لاءِ هڪ اهڙي پلاننگ جي ضرورت آهي جيڪا فلسطين ۽ بيت المقدس واري مسئلي کي هر مسلمان جو پنهنجو مسئلو ڄاڻائي، ان عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ رهبر ڪبير حضرت آيت الله العظمى روح الله الخميني (رح)، يوم القدس جو اعلان ڪيو ته جئين پوري دنيا جا مسلمان رمضان المبارڪ جي آخري جمعي تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻاهر نڪري صيهوني ظالمن جي خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃن. قلم نگار پنهنجي لکڻين ذريعي فلسطين بيت المقدس جي مسئلي جي حقيقت کي لکن ته جئين ظالم جي ظلم کي ناڪامي ۽ مظلومن کي ڪاميابي نصيب ٿئي. اهڙي ريت اسلامي دنيا جي اڳواڻن کي اسرائيل آمريڪي جارحيت خلاف جٽادار ۽ واضع موقف رکڻ گهرجي، جڏهن ته اسلامي دنيا کي فلسطين ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ جميته الوداع يوم القدس کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي جنهن سان آمريڪي ۽ اسرائيلي سازش کي ناڪامي ملندي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close