بلاگ

گڏيل قومن جو ادارو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھي

راجا حيدر ٿيٻو
اقوم متحده جنھن کي پاڻ سنڌي م گڏيل قومون چوندا آھيون ان جي قيام جو مقصد ئي دنيا مان تڪرارن جو خاتمو ۽ عالمي امن کي ھٿي وٺرائڻ آھي,مگر اگر غور ڪري ڏسجي ته گڏيل قومن جو ادارو ان م ناڪام ويو آھي,افغانستان,عراق,ليبيا,شام,فلسطين,بوسينا,ڪشمير,يمن م ھلندڙ رتوڇاڻ قتلام,معصوم ٻارن جو بک,بمباري وگھي مرڻ پوري دنيا جي منھن تي چماٽ آھي,افغانستان م انا جي جنگ آھي,طالبان مسلسل ان ضد م وڙھن پيا ته دنيا کي تاثر ڏئي سگھن ته طالبان ئي افغانستان جا اصل مالڪ آھن,تازو آمريڪه طالبان وچ م معاھدو به ٿيو آھي مگر لڳي نٿو ته اڳتي لا۽ پائيدار ٿيندو يا جٽا۽ ڪندو,آمريڪه افغانستان جي منتخب حڪومت کان وڌيڪ طالبان کي اھميت ڏئي رھيو آھي,شام م به اھڙوئي حال آھي,شامي صدر بشرالاسد ايران ۽ روس جي مدد سان پنھنجي بقا۽ جي جنگ وڙھي پيو,الاسد حڪومت ڪافي وقت اڳ ئي مسمار ٿي چڪي ھجي ھا جي اگر روس ان جنگ م ٽپو نه ڏئي ھا,آمريڪه توڙي اسرائيل ۽ سعودي عرب برگيڊ ھر حال م موجوده شامي حڪومت کي مسمار ڪرڻ جي ضد م بمباري ڪري لکين ماڻھن کي قتل ڪري چڪا آھن جن معصوم ٻار به شامل آھن ته ٻئي طرف روس ۽ ايران شامي حڪومت جا محافظ بنيل آھن روس ايران شامي حڪومت جي شڪست کي پنھنجي شڪست سمجھن ٿا,آمريڪا روايتي طريقو اپنائيندي شام م حڪومت مخالف ھٿياربند گروپن کي سپورٽ ڪر رھيو آھي,عراق به شام جي صورتحال جيان گذري رھيو آھي,مطلب اناپرستي ۽ ضد م عام معصوم ماڻھن جو قتلام ٿ رھيو آھي,ليبيا م ڪرنل قذافي جي بيرحماڻي قتل کانپو۽ حالات مسلسل خراب آھن,قذافي ھڪ فوجي آمر ھو مگر ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته قذافي جي دور م ليبيا خوشحال ملڪن م شمار ٿيندو ھو,فلسطين وارو مسئلو اڄ تائين گڏيل قومن جي ٽياس تي ٽنگيل آھن,ڪشمير واري مسئلي کي به حل ناھي ڪيو ويو,حالانڪه ڪشمير م ريفرنڊم وارو آپشن موجود آھي مگر مودي حڪومت به ضد م اٽڪيل آھي,اقوام متحده م ويٽو جو اختيار به چند ملڪن کي مليل آھي,انڪري ويٽو پاور جو پنھنجي مفادن خاطر استعمال ٿيندو رھيو آھي,اقوام متحده اڄ تائين ڪنھن به مسئلي کي مڪمل واضع طور حل ناھي ڪري سگھي ته پو۽ اقوام متحده جي اھليت ڪردار تي شڪ ڇو نه ڪجي
چوڻ جو اصل مقصد ته گڏيل قومن جو ادارو مخصوص قومن جو ادارو بنجي چڪو آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button