لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: پ پ جي ڳڙھ ۾ پورھيت راشن کان محروم، احتجاج

سيد حسنين عباس بخاري
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو

Ration distibution in Larkana
شھري احتجاج ڪندي

لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 18 الله آباد جي رهواسين طرفان يوسي چيئرمين جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ علائقي واسين حاجي گلزار علي کوسو، حافظ الله بخش پيرزادو، غوث بخش سولنگي، حاجي غلام حسين جتوئي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ صوبي جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڪرايل لاڪ ڊائون دوران روزگار کان متاثر ٿيندڙ پورهيتن لاءِ حڪومت پاران يوسي چيئرمين هارون هليو کي راشن ڏنو ويو هيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان مليل راشن يوسي چيئرمين هارون هليو ڪنهن هڪ به پورهيت کي ناهي ڏنو، جيڪو افسوس ناڪ عمل آهي، هنن چيو ته پورهيت روز جي بنياد تي يوسي 18 الله آباد جي چيئرمين هارون هليو جي آفيس توڙي گهر جا چڪر لڳائي لڳائي بيحال ٿي پيا آهن، پر يوسي چيئرمين پورهيتن سان ملڻ لاءِ به تيار نه آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان مسڪين پورهيتن لاءِ فراهم ڪيل راشن هارون هليو پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب پورهيتن جا ٻي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، احتجاج ڪندڙ علائقي واسين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، سهيل انور سيال، جميل احمد سومرو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا هن معاملي جو نوٽيس وٺي يوسي 18 جي چيئرمين هارون هليو کان سخت پڇاڻو ڪري اسان کي راشن مهيا ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button