اھم خبرون

لاڙڪاڻو: لاڪ ڊائون ۾ ڪرفيو جهڙو ماحول

سيد حسنين عباس بخاري
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي شهر جي اندر 26 ڏينهن به ڪورونا وائرس جي حفاظت لاءِ لاڪ ڊائون برقرار رهيو، جمعي ڏينهن 12 وڳي کان 3 وڳي تائين لاڪ ڊائون کي سخت بڻائيندي ڪرفيو جهڙو ماحول برپا ڪيو ويو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جا مزدور ريڙهي هلائيندڙ فروٽ فروش، سبزين، ميڊيڪل اسٽورن ۽ ٻين دڪاندارن منجهند جي ٻارهين وڳي کان اڳ ۾ پوليس جي ڪارروائي ڪرڻ کان پهريان پنهنجا دڪان ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ پوري شهر ۾ ويراني ڇانيل رهي ۽ هر طرف خاموشي نظر اچڻ لڳي، انهيءَ سلسلي ۾ اڪثر شهرن ۽ مذهبي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي صرف مسجد ۾ نمازي وڏي تعداد ۾ گڏ جمع ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت عمل ڪري رهي آهي. جڏهن ته ڪورونا وائرس جي وباء کان بچڻ لاءِ الله پاڪ کان معافي وٺڻ اسان سڀني تي لازم آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هاڻي ته مسجد ۾ ٻه چار نمازي اچڻ ٿا پر رمضان شريف ۾ عبادت جو شوق ذوق وڌڻ لڳي ٿو ته پوءِ ڪا به مسجدن مٿان بيجا پانڌي برداشت نه ڪئي ويندي.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close