اھم خبرون

ٺٽو: ايڪسپائر راشن رات جي اوندھ تقسيم، شھرين جو احتجاج

شاه خالدڏاتاري، ٺٽو
ٺٽي شهر جي وارڊ نمبر 3 جا رهواسي خراب ڊيٽ ايڪسپائر راشن ملڻ خلاف سراپا احتجاج،مڇريل ماڻهو وارڊ جي راشن ويرهائيندڙ ڪائونسلر سيد اظهر شاه جي گهر تي راشن کڻي پهچي ويا،راشن واپس ڪري فريش راشن ڏيئڻ جو مطالبو، انهي موقعي تي جوڻيجا ڪالوني جي رهواسي اعجاز ميمڻ صحافين جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته رات جو 12 وڳي انڌيري ۾ جيڪو راشن ڏنو ويو هو اهو ڊيٽ ايڪسپائير آهي جيڪو کائڻ جي لائق ڪونهي،هن وڌيڪ چيو ته هن کان بهتر هو ته اسان کي زهر جي پڙي ڏيئي ماري ڇڏين ها.جڏهن ته محمد خان گراڻي چيو ته هي جيڪو اسان کي سنڌ حڪومت طرفان راشن مليو آهي اهو ڪنهن به قسم جي ڪم جو نه آهي،هي راشن اسان پنهنجي ٻچن کي کارئي بيمار نه ٿا ڪرڻ چاهيون.تنهن لاء ڊي سي ٺٽو گي گذارش آهي ته هي ايڪسپائير راشن واپس کڻي وڃي ۽ اسان کي فرش راشن ڏنو وڃي.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close