ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو: احساس ڪفالت پروگرام لاءِ قائم سينٽر بند پيل

وقار نفيس  ميمڻ

 انڊس  نيوز، ميرپوربٺورو

ميرپوربٺورو ۾ وفاقي حڪومت پاران اعلانيل احساس ڪفالت پروگرام لاءِ قائم سينٽر بند پيل ، سوين عورتون سينٽر جي ٻاهران ويهي رهيون عورتن جو احتجاجي مظاهرو ، تفصيل موجب ميرپوربٺورو هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر بند پيل آهي  جنهن ۾ اسٽاف جي انتظار ۾ سوين عورتون سينٽر جي ٻاهران بيهي رهيون  ۽ سخت ڪاڙي ۾ سڙنديون رهيون ، ان موقعي تي باهه ٿي ويل عورتن ۽ انهن سان گڏ آيل مردن سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي مسمات ڀاڳل ، مسمات آسي ، وزيران ، غلام حيدر چانڍيو ، محبوب بلوچ ، حيدر ملاح ، غلام شيخ ، نواز ملاح ، معشوق جتوئي  ۽ ٻين چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي ڪري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون ، گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال لڳي پئي آهي ، اسان جا معصوم ٻچڙا ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن ، هنن چيو ته وفاقي حڪومت پاران احساس ڪفالت پروگرام ۾ موڪليل ٻارنهن هزار روپيا نه ٿا ملي سگهن جيڪا رقم ٻين شهرن ۾ ملي رهي آهي ميرپوربٺورو ۾ مقرر سينٽر بند پيل آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته مقرر سينٽر تي عملو مقرر ڪري احساس ڪفالت پروگرام جي رقم ڏياري وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button