رتوديرو

رتوديرو ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي قسط جاري

Ehsas Emergency Cash Program

سنڌي شڪيل دايو، رتوديرو
رتوديرو ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي قسط جاري مستحق عورتن کي 12 هزار وظيفو ڏنو ويو سينٽر تي رینجرس ۽ پولیس اهلڪار مقرر، عورتن کي 3 ٽي فٽ جي فاصلي تي لائن ۾ بيهاريو ويو.
رپورٽ موجب ڪرونا وائرس کان بچاءَ لاء ملڪ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون دوران بيروزگار ٿيل مستحق گهراڻن کي حڪومت طرفان احساس ڪفالت پروگرام جي قسط پوري سنڌ جي اندر ننڍن وڏن شهرن سميت رتوديرو ۾ به ڇار سينٽر جنهن ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، گرلس هاير سيڪنڊري ڪاليج، گورنمينٽ مين بوائز هاء اسڪول ۽ گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاء اسڪول رتوديرو قائم ڪيا ويا آهن هي احساس ڪفالت پروگرام جي جاري ڪيل قست جي رقم انهن عورتن کي ڏني پئي وڃي جيڪي اڳ ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي نالي تي قست وصول ڪنديون رهيو آهن اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو عبدالواحد چنا مختيارڪار عبدالغني پتافي ۽ انصار علي منگريو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button