آرٽيڪل

جڏهن ڊاڪٽرن ڪورونا خلاف جنگ جوٽي“

بلال مُصطفيٰ ٻُگهيو

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي آرمي، فوج، رينجرس، پوليس ۽ عوام طرفان هن ماڻھو مار ڪورونا سان جنگ وڙهندي سلامي پيش ڪئي وئي آھي. انسانيت جا هي مسيحا جن شروع کان ئي پنهنجي ڪرت ۾ ڏينهن رات محنت، جفاڪشي ۽ سچائي سان نڀايو ۽ انصاف ڪيو آھي پر جڏهن هن ڏکي گهڙي ۾ ملهن وانگر سندرا ٻڌي ميدان ۾ لٿا ته سندن جي تعريف جوڳي ڪم کي ڪڏهن به نظر انداز نٿا ڪري سگهون.

زندگي ۽ موت ته خُدا جي هٿ ۾ آھي پر ڌرتي تي اچڻ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽرن کي ئي هميشه انساني جانيون بچائڻ جو هڪ اهم ۽ سڀ کان چڱو ذريعو سمجهيو، پرکيو ۽ ڪوٺيو ويندو آهي جن پنهنجي مھارت، ڪامل فن، فڪر، سياڻپ، ڏاهپ، عقل، سوچ، فهم، دانائيءَ، سُگهڙائپ، ڏات ۽ ڏانءُ سان ڪيتريون ئي زندگيون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي نموني جڏهن اڄ سڄي دنيا ڪورونا وائرس (Covid-19) جي اُٿل پُٿل منجھ ڦاسي پئي آھي اتي اهڙن عظيم ۽ مانوارن ڪردارن جيڪا جنگ جوٽي آهي تن سڀني کي ڀيٽا ڏيڻ لازم سمجهڻ گهرجي ته جئين انهن کي ان موذي مرض کي شڪست ڏيڻ واري مسلسل جدوجهد ۾ همٿ، حوصلو ۽ اُتساه ملي. اهڙي طرح سڄي ملڪ،توڙي شھر، ڳوٺ، واهڻ، وستي ۾ کين جو عمل ڀرپور ساراه جوڳو آھي جنهن تحت اهي سڀ پنهنجي گهرن، ٻارن ۽ رشتيدارن کي ڇڏي جهڙي ريت آدميت جي خاطرداري ڪندي وسان ڪين گهٽائي رهيا آھن تن کي هي سماج ۽ تاريخ هر دم ياد ڪندي.

ٻين صوبن جي بنسبت جيڪڏهن پاڻ سنڌ صوبي۾ ميڊيڪل اسٽاف جي واکاڻ جوڳي ڪردار کي وڌيڪ داد ڏيڻ جي ڳالھ ڪيون ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت طرفان ناول ڪورونا مقابل کنيل ترت قدمن کي آفرين پر ٻئي رخ تي نظر گهمائجي ته ذھنن ۾ ڪجھ سوال جنم وٺن وٿا ته ڇا اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ سامان جو پورائو آھي يا نه؟ ڇا سنڌ جي مختلف شھرن ۾ قائم ڪيل آئسوليشن سينٽرن ۾ وينٽيلٽرن جو جهجهو تعداد موجود آھي يا نه؟ ڇا ڊاڪٽرن ۽ نرسن لاءِ فل سرجيڪل ڪِٽون، ماسڪ ۽ ٻيو ضروري حفاظتي سامان مُيسر آھي يا نه؟ ڇو ته جيستائين ضرورت موجب مناسب سامان دستياب نه هوندو ته يقينن اسان جي ڊاڪٽرن لاءِ پنهنجو فرض نڀائڻ ڪنهن جوکم ۾ جان وجهڻ کان گهٽ نه هوندو ڇو جو انهن جي پٺيان به زير ڪفالت خاندان آھن، انهن جا به ننڍڙا ٻچڙا آھن، انهن وٽ به ڪُراڙا پيءُ ماءُ آھن، اهڙو ئي واقعو چند ڏينهن اڳ ڏٺو جڏهن 2 سالن جي ٻار جو ڊاڪٽر ابو جئين ئي گهر ۾ داخل ٿيو ته ننڍڙو ڀڄي اچي پيءُ کي ڳل لاهڻ جون ناڪام وکون اڳيان ڪيون پر والد چاهيندي به پنهنجي ٻچي سان نه مليو ته متان ڪٿي منهنجو ٻچڙو ان قاتل ڪورونا جي ور چڙھي.

بي رحم ناول ڪورونا وائرس (COVID-19) هڪ موذي مرض جيڪو چائنه جي واپاري مرڪز واري وڏي ۾ وڏي شھر وهان (جنهن جي آبادي هڪ ڪروڙ کان به وڌ ٻڌائي پئي وڃي) مان پوري دنيا ۾ پکڙيو، سال 2019ع جي آخري مهيني ڊسمبر کان مٿي ذڪر ڪيل شهر مان شروع ٿيندڙ هن ماڻهو مار مرض هاڻي تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي طاقتور ۽ مستحڪم ملڪن کي پنهنجي پڪڙ ۾ سوگھو ڪيو آھي. جلاد ڪورونا جنهن هاڻي تائين موجوده زماني کي باه وانگر وڪوڙي ڇڏيو آھي، هن وقت تائين سموري گولي تي 1,100,283 ماڻھو متاثر ٿيا آھن جڏهن ته صحتياب ٿيلن جون انگ 226,603 آھي ۽ هن بيماري سبب فوتين جو تعداد گوگل جي سروي مُطابق 58,929 آهي.

سڄي دنيا ۾ تباهي مچائيندڙ خُوني ڪورونا وائرس (COVID-19) پاڪستان ۾ 26 فيبروري 2020ع تي سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ نمودار ٿيو جنهن کانپوءِ اک ڇنهڀ ۾ سموري ملڪ کي پنهنجي گرفت ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي، پاڪستاني حڪومت طرفان هاڻي تائين جي تصديق ڪيل انگن اکرن موجب ٽوٽل 2,696 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن جن مان 130 ماڻھو صحتياب ٿيا آھن جڏهن ته 40 ڄڻن پنهنجون حياتيون وڃائي ڇڏيون آھن، سنڌ 830، پنجاب 1,069، ڪي.پي.ڪي 343، بلوچستان 175، اسلام آباد 75، گلگت بلتستان 193 ۽ اهڙي طرح ڪشمير ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 11 آھي.

اهڙي نموني سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثرين دنيا جي ايٽمي سگھ رکندڙ وڏي ملڪ آمريڪا ۾ آهن ته وري سڀ کان گهڻو فوتگين جو تعداد اٽليءَ ۾ آھي.

هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آھي ته جيڪڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪن جي عملي کي ڏسون ته اهي ڪهڙي طريقي سان منهن ڏئي رهيا آهن خاص ڪري چائنه جو وڏو شھر وهان جنهن جو ذڪر پاڻ مٿي به ڪري آيا آھيون جتي ڪورونا کان جنگ کٽڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جڏهن چڱي عرصي کانپوءِ منهن تان ماسڪ لاٿا ته انهن جي چھرن تي فتح جا نشان واضع چٽيل هئا جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو انهن سڀني جو اڻٿڪ پاڻ پتوڙڻ جو نتيجو ھو جنهن تحت 3 مهينن جي وڏي انتظار ڪرڻ بعد ڪاميابي انهن جا قدم چُميا، هوڏانهن چائنه جي ماڻهن ۾ اها پچار هئي ته هي جنهن طرح پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آھن تڪميل تائين ضرور رسندا، ڪجھ ان ريت ئي اسان جا ڊاڪٽر پڻ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪورونا سان وڙھڻ جي مظفر جستجوءَ ڪن پيا ۽اميد اھا آھي سي به لازم سوڀارا ٿيندا:

جن جي دلين ۾ آھي رحم جي ريکا

انسانيت جا سي ڊاڪٽر پيروڪار ٿا ڏسجن،

جوٽي جنگ ظالم ڪورونا سان هي

ٿيندي سڀ سوڀارا ٿا ڏسجن،

ڇڏي پنهنجي گهر کي رکي عزم جستجو جو

اسپتالن ۾ انسانن لاءِ بيتاب ٿا ڏسجن،

ويهڙي ماسڪ منهن تي ڏکيا ڏينهن گذاري

مڙني حياتين کي همٿائيندي ٿا ڏسجن،

اٿم پڪ ”بلال“ سي سڀ ڪامياب ٿيندا

محبت ۽ امن جا ايندي واپس ميلا ٿا ڏسجن.

اهڙي نموني حڪومت کي به گهرجي ته ڊاڪٽرن کي گهربل سامان مهيا ڪري ڏنو وڃي ته جئين هو پنهنجو ڪم بغير ڪنھن رڪاوٽ جي جاري رکي انساني حياتيون بچائي سگهن سڄي قوم طرفان سندن جي جرئت ۽ ظرافت کي سلام جيڪي بارڊر واري فرنٽ لائين تي بيهي هن خُدائي آفت ناول ڪورونا وائرس سان جنگ وڙھي رهيا آھن جن کي اڃا به تمام گهڻي داد ۽ دان جي سخت ضرورت آھي.

ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪو نه وسيلو وچ

سائي تال تندن جي، سائي چارڻ چت،

جي هِتي، جي هُت، ڳالھ مڙيو ئي هڪڙي!

شاه سائين

موت ته هر انسان تي اچڻو آھي، پر هي ڊاڪٽر جن پنهجي جانين جو نذرانو ڏئي ڪورونا خلاف جوٽيل جنگ ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندي ۽ وقف ڪندي بيٺل نظر اچن پيا تن سمورن مسيحان کي تاريخ ۾ صدين تائين ياد ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button