آرٽيڪل

سول سوسائٽي ۽ سنڌ جا اصل ڏک

راجا حيدر ٿيٻو

جڏھن به پاڪستان م ڪٿي ڪا اھم شخصيت وفات ڪري ويندي آھي يا وري ڪو اھڙو واقعو ٿيندو آھي جنھن کي اردو ميڊيا ڪوريج ڏيندي آھي ته سنڌ جي ميڻ بتي مافيا سول سوسائٽي حرڪت م اچي ويندي آھي چونڪن تي ميڻ بتيون ٻاري تصوير جي آڏو گل رکي کيس آرٽيفشل ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي پر ان جديد ماڊرن شيرواني پاتل سول سوسائٽي کي ٺل جي فضيلا سرڪي کان ويندي لاڙڪاڻي جو ساحل ڪوريجو ياد ئي ناھي,سنڌ جي سيلفي پرست سول سوسائٽي ٽوپي اجرڪ جا ڏينھن ملھائڻ لا۽ اکين تي دوربين جيترا ڪارا چشما چاڙھي نالي م نھال صوفي ميلن م اڳين صوفن تي برجمان ٿي اھوئي تاثر ڏيڻ م ھوندا يا ھونديون آھن ته اگر سندن وجود باقي نه ھجي ته ڄڻ سنڌ ختم ئي ٿي وڃي,اھائي سول سوسائٽي گھرن م ڪم ڪندڙن معصوم ٻارن يا عورتن جي حقن جي حاصلات لا۽ پريس سامھون چند ڪلاڪن جو ڊرامو ته ڪندي آھي مگر سچ ته اھو آھي جو سندن گھرن م ڪم ڪندڙ عورتن توڙي ٻارن سان جيڪو رويو ھوندو آھي جنھن جي سموري خبر سندن پاڙيسرين کي ھوندي آھي ڪڏھن ميڊيا م به ڪيس رپورٽ ٿيندا آھن ته وري پنھنجي پٽي ڀائي سوسائٽي لا۽ وري ٻيئن سول سوسائٽي تحرڪ م اچي ويندي آھي
توھان اڪثر ڏٺو ھوندو ته سيمنارن م برابري سراسري جا ليڪچر ڏيندڙ سول سوسائٽي بيگمات گھرن جي ملازمن کي سفر توڙي شاپنگ مالز م يا ته مھانگي گاڏين جي چوڪيداري تي ڇڏينديون آھن يا وري سامان ڍوئڻ لا۽ کين سامان جيان ئي ڪار جي ڊگي م ويھاريو ويندو آھي,مونکي انوقت ڪاوڙ به لڳندي آھي جڏھن اھا سول سوسائٽي انسانيت,برابري ۽ حقن جا ليڪچر ڏيندي آھي وري جڏھن پيٽ بکايل ملازمن طرف ڏسندو آھيان ته اھائي سوچ ذھن م تري ايندي آھي ته پاپي پيٽ خاطر سڀڪجھ برداشت ڪرڻو پوي ٿو

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close