لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي پوليس وفاق جي ليٽر کي اھميت نه ڏني، موبائل دڪان بند

سيد حسنين عباس بخاري
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، لاڙڪاڻو

لاڪ ڊائون دوران لاڙڪاڻي شهر ۾ لکين ماڻهن جو پنهنجن مٽن مائٽن، رشتيدارن سان پاڻ ۾ رابطو نه ٿي سگهيو، پوليس ڏنڊي جي زور تي ايزي لوڊ موبائيل شاپس وارن پابند ڪري دڪان مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏيا، جنهن ڪري شهري ماڻهن جو هن جديد دور ۾ به موبائيل فون هجڻ باوجود لاڪ ڊائون ۾ موبائيلن ۾ ايزي لوڊ بئلنس نه ملڻ ڪري ماڻهو گهرن ۾ هڪ طرف بوريت محسوس ڪندا رهيا ته ٻئي پاسي موبائيل شاپس جي مالڪن علي شيخ، قيوم شيخ، عبدالعزیز ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي هرهڪ شهر ۾ موبائيل ايزي لوڊ بئلنس جا شاپس کليل آهن پر لاڙڪاڻي شهر ۾ انوکي سرڪار پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي زوري زبردستي اسان موبائيل بئلنس وارا دڪان بند ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته اسان وٽ هڪ سرڪاري ليٽر پيو آهي جيڪو پوليس انتظاميا کي ڏيکاريو آهي پر پوليس انهي اسلام آباد مرڪز جي ليٽر گاهه به نٿي وجهي. جنهن ڪري لاڙڪاڻي شهر جا لکين ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن، رشتيدارن کان رابطو ڪٽيل رهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button