آرٽيڪل

ولادت باسعادت سائيڻ زينب سلام الله عليه

زوارسَيّد ارشد علي بخاري

خاڪي سَيّد ارشد علي بخاري

نالو زينب، والد حضرت امام علي عليه السلام، والده سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه نانو محمد صلي الله وآلهِ وسلم تاريخ ولادت پهرين شعبان 5 هجري جڳه مدينه منوره، تاريخ شهادت 15 رجب المرجب قبر مطهر دمشق (شام) ۾ آهي

لفظ زينب ٻن لفظن جو مرڪب آهي، زين اَب يعني پيءُ جي زينت. حضرت امام حسن عيله اسلام ۽ حضرت امام حسين عليه اسلام کان ننڍي پر حضرت امام علي عليه اسلام جي گھر ۾ پهرين ۽ وڏي نياڻي هئي جيڪا سڀني کي پياري هئي، سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جي ننڍي ڀيڻ جو نالوزينبِ صغريٰ (اُمِ ڪلثوم) آهي. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه بظاهر هن دنيا ۾ آمد ٿي ته سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه حضرت امام علي عليه السلام کي گذارش ڪئي ته نياڻيءَ جو نالو تجويز ڪيو. امام علي عليه اسلام حضرت محمد ڪريم صلي الله وآله وسلم جو انتظار ڪيو. رسول ڪريم صلي الله وآله وسلم ان وقت سفر تي هئا ۽ 3 ٽن ڏينهن کان بعد واپس آيا،شهر کان ٻاهرئي سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جي آمد جي خبر پئي ته  سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه جي گھر ڏانهن آيا ۽ سائيڻ کي مبارڪون ڏنائون. رسول الله صلي الله وآله وسلم کي عرض ڪيو ويو ته پنهنجي ڏهٽيءَ جو نالو تجويز ڪيو، حضرت محمد صلي الله وآله وسلم جن فرمايو آءُ الله  جي رضا کان سواءِ ڪجھ به نٿو چئي سگھان ته ايتري ۾ جبرائيل امين نازل ٿيو ۽ فرمايائين “پروردگار عالم اوهان تي سلام موڪليو آهي ۽ ارشاد فرمايو آهي ته هن نياڻيءَ جو نالو زينب رکيو وڃي” (بزرگ هستين جو نالو رب العالمين طرف کان ٿيڻ ڪا نئي ڳالهه نه آهي آيتِ قرآني پيش ڪجي ٿي. خوشخبري ڏيو ٿا “اسان توکي هڪ پٽ ڏيو ٿا جنهن جو نالو يحيٰ آهي ” حضرت عيسيٰ عليه السلام جو نالو اسمه المسيحُ ابن مريم جنهن رسول ڪريم صلي الله وآله وسلم لاءِ فرمايو ته مون کان بعد هڪ نبي ايندو جنهن جو نالو احمد صلي الله وآله وسلم هوندو) ۽ ناني محمد صلي الله وآله وسلم زينب نالو رکيو۽ 7 ستين ڏينهن عقيقه فرمايو. ان وقت مون کي سوره انجم جي 53 جي آيت 3 ٽي ۽ 4 چار ياد اچي وئي جيڪا پيش خدمت آهي.  ترجمو “ اوهان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھ نه چوندا آهيو بلڪه جو ڪجھ چوندا آهيو اهو ڪلامِ الاهي هوندو آهي”. پيغمبر صلي الله وآله وسلم  جنهن قدر ڌيءُ سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه سان محبت ڪندا هئا ان کان وڌيڪ پنهنجن ڏهٽن ۽ ڏهٽين سان محبت ڪندا هئا. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جي تعليم ۽ تربيت ان گھر ۾ ٿي جيڪا تربيت جو گَهِوارو هو، سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جو نانو عِلم جو شهر ۽ بابو علِم جي شهر جو دروازو ۽ امڙ خاتون جنت آهي. نياڻين جي تعليم ۽ تربيت زياده تر امڙ کان ملندي آهي. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جي تعليم ۽ تربيت جي ذمعداري ڪافي حد تائين سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه جن ادا ڪئي. سائيڻ جناب فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه جي نياڻي ايثار ۽ قرباني، فراست ۽ دانشمندي، استقلال، صداقت ۽ جرءت، تواضع ۽ مهمانوازي، تقويٰ، عبادت ۽ رياضت، خلق ۽ ڪرم، سادگي ۽ پاڪيزگي انهن سڀني صفاتن کان سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه ۾ جَمَعُ ٿيڻ نه صرف اثر هو بلڪه انهن جي بزرگن جو خون انهن جي رڳن ۾ ڀڃي رهيو هو، ائين به چئجي ته فيض هو ان ماحول جو ۽ محبت جو جنهن ۾ اک کولي ۽ بچپن کان گذريو. چوندا آهن ته سون تي سهاڳو ان محترم ۽ مقدس ماءُ جي تربيت هئي جيڪا پنن مان سون ۽ پٿرن مان هيرا ٺاهي ڇڏيا. ڊاڪٽر عائشه الشاطي مصري پنهنجي ڪتاب “ بطلته الڪربلا” ۾ ڪوڊ ڪيا آهن ته زينب سلام الله عليه جي ڏاڏي فاطمه بنت اسد ابن هاشم ابن عبد المناف هو جيڪا رسول الله صلي الله وآله وسلم جي چاچي حضرت ابو طالب جي گھرواري هئي، هيءَ پهرين هاشمي عورت هئي جنهن جو نڪاح هاشمي مرد سان ٿيو اهڙيءَ طرح هاشمي نسل هليو.فاطمه بنت اسد رسول الله صلي الله وآله وسلم تي شروع کان ئي ايمان آندوهو. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه بچپن ۾ هڪ خواب ڏٺو ان وقت سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه جي عمر 6 ڇهه سال هئي. پنهنجي ناني رسول الله صلي الله عليه وآله وسلام کي خواب ٻڌائيندي چيو ته مان هڪ تنها بيابان ۾ بلند جڳهه تي بيٺي آهيان ايتري ۾ هڪ تيز طوفان آيو ۽ هر طرف مٽي ئي مٽي هئي، روشن ڏينهن شام جي ٽائيم ۾ بدلجي ويو آهي، منهنجي ڀرسان هڪ وڻ هيو مان پناه وٺڻ لاءِ وڻ طرف وڌي وڻ کي ڀاڪر پاتو ته اهو وڻ پاڙن سميت نڪري آيو، مان ان وڻ جي هڪ ٽاميءَ جو سهارو ورتو پر اها ٽامي به وڻ کان ڌار ٿي وئي، وري مان هڪ ٻئي ٽاميءَ جو سهارو ورتو پر اها ٽامي به ان وڻ کان ڌار ٿي وئي، وري مان ٻٽي ٽامي جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي جڙيل ٻٽيون ٽاميون به مون کان ٽٽي ويون، مان تيز طوفان ۾ پريشان حال پنهنجي پيرن تي مضبوطيءَ سان بيٺي رهيس ته ايتري ۾ اک کلي وئي. محمد صلي الله وآله وسلم اهو پريشان خواب ٻڌي سخت پريشان ٿي ويا ۽ رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي چهري مبارڪ جو رنگ تيز ٿي ويو ڪجهه ٽائيم کان بعد ان پريشان ڪن خواب جي تعبير ڪجهه هن طرح بيان ڪئي. “ اهو وڻ جنهن کي اوهان ڀاڪر پاتو جيڪو پاڻ کان ئي نڪري ويو هو اهو وڻ مان محمد صلي الله عليه وآله وسلام آهيان جيڪو ڪجهه ٽائيم کان بعد ڌار ٿي ويندس،هڪ ٽامي جنهن کان اوهان سهارو ورتو جيڪا اوهان کان ڌار ٿي وئي اها اوهان جي امڙ سائيڻ فاطمه الزهرا سلام الله عليه آهي، وري اوهان ٻئي ٽاميءَ جو سهارو ورتو جيڪابه اوهان کان ڇڏائجي وئي اهو اوهان جو بابو علي عليه السلام آهي، وري اوهان ٻٽي ٽاميءَ جي سهارو وٺڻ پئي چاهيو. اهي  ٻه ڳڍيل ٽاميون اوهان جا ٻه ڀائر هڪ حسن عليه السلام ۽ ٻيو حسين عليه اسلام هئا. رسولِ خدا خواب جي تعبير جي آخر ۾ فرمايو اهو خواب آزمائيشِ تقدير ۾ اهان جي بزرگي ۽ استقامت جو مظهر آهي، مون کي اميد آهي ته هن آزمائش ۾ احسن طريقي سان ڪامياب ٿيندوءُ. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه کي هن دنيا مان ويندي ويندي حضرت امام علي عليه السلام سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه کي چيو ته “زينب ڌيءَ اوهان کي ياد آهي نه ” جواب ۾ سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه چيو جي بابا بلڪل ياد آهي، پر بابا شام جي دربار ۾ منهنجو خطبو ٻڌڻ ضرور اچجاءِ. مان رهان نه رهان پر ڪائنات ۾ علي علي ۽ حسين حسين تا قيامت رهندو، ۽ هو سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه ڪري ڏيکاريو. اڪثر ماڻهون سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه کي صرف ۽ صرف حضرت امام حسين عليه السلام جي ڀيڻ جي حيثيت سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن اهو غور نه ڪيو آخر رب العالمين کي ڪهڙي ضرورت درپيش آئي جو نالا خود عرش تي تجويز ڪيا. اهو ڪو معمولي پهلون نه آهي. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه توحيد جي ڇاوَ ۾، رسالت جي آغوش ۾، عصمت ۽ طهارت جي جھوليءَ ۾ ۽ 5 پنجن امامن جي ماحول ۾ زندگي گذاري. سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه کي توحيد ۾ ڳولهجي، سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه کي رسالت ۾ ڳولهجي، سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه امام حسن المجتبيٰ عليه السلام جي سادگيءَ ۾ ڳولهجي، امام حسين المظلوم عليه السلام جي صبر ۾ ڳولهجي ۽ ها بيمارِ ڪربلا حضرت امام سجاد عليه السلام جي 18 ارڙهن مهينن جي رفاقت ۾ به اوهان کي سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه ملندي. اوهان پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته اگر ڪوئي ڪنهن تي احسان ڪندو آهي ته اهو ان جي بدلي ۾ ان جو شڪريو ادا ڪندو آهي. هر مومن رازانو فجر جي نماز کان بعد وڏي آواز ۾ صلوات سان گڏ چوڻ گھرجي ته اُمّ المصائبِ سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه اوهان جو احسان آهي سَرُ جھڪائي اوهان جو شڪريو ٿو ادا ڪريان، سائيڻ جناب زينب سلام الله عليه اوهان جي عظمت کي سلام پيش ٿو ڪريان.

 

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close