ولادت با سعادت حضرت امام حسين عليه السلام
وار سَيّد ارشد علي بخاري
نالو حسين، والد حضرت امام علي عليه السلام، والده سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه نانو محمد صلي الله وآلهِ وسلم تاريخ ولادت 3 شعبان 4 هجري جڳه مدينه منوره، تاريخ شهادت 10 محرم قبر ڪربلا (عراق) ۾ آهي
حضرت امام علي عليه السلام ۽ سائيڻ فاطمه الزهراءِ سلام الله عليه جي گهر ۾ هڪ ٻيو نور الاهي جلوه افروز ۽ قدرتِ امامت جي سلسلي کي وڌائيندي 3 ٽيو امام، وارثِ پيغمبر صلي الله عليه وآلهِ وسلم کي هن دنيا ۾ موڪليو.
هڪ ڏينهن جناب اُمّ ايمن رات جو هڪ خواب ڏٺو ۽ صبح جو ٽائيم تائين روئندي رهي، اهڙيءَ طرح گِريو ختم نه پيو ٿئي، ايتري تائين جو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن تشريف کڻي آيا۽ فرمايائون اي جناب اُمّ ايمن اوهان ڇو ايترا روئي رهيا آهيو؟ جناب اُمّ ايمن چوڻ لڳي اي الله جا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم مان هڪ خطرناڪ خواب ڏٺو آهي، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو اي جناب اُمّ ايمن الله جي رسول کي خواب ٻڌايو رسولِ خدا بهتر ڃاڻي ٿو جناب اُمّ ايمن چوڻ لڳي ايتري قدر خطرناڪ آهي جو بيان نه ٿي ڪري سگھان. اوهان جيڪو ڪجھ خواب ۾ ڏٺو آهي اهو پنهنجي پيغمبرِ خدا کي ٻڌايو. اهو ٻڌي جناب اُمّ ايمن بيان ڪندي چيو ته مان اڄ جي رات ۾ جيڪو خطرناڪ خواب ۾ منظر ڏٺو آهي ته جيئن ڃڻ اوهان جي جسم جوحصو منهنجي جھوليءَ ۾ ڏنو ويو آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم خواب ٻڌي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته اي جناب اُمّ ايمن خوش ٿيو پروردگار عالم جلد اوهان کي پٽ عطا ڪندو. اوهان جيڪو خواب ڏٺوآهي ان جي تعبير ڪجھ هن طرح آهي. منهنجي ڌيءُ فاطمه الزهراءِ کي هڪ پٽ جي ولادت ٿيندي جنهن جو نالو حسين عليه السلام هوندو جيڪو جناب اُمّ ايمن اوهان جي جھوليءَ ۾ ايندو ۽ اوهان حضرت حسين عليه السلام جي پرورش ۾ حصو وٺندوءُ. اهڙيءَ طرح منهنجو جسم جو هڪ حصو منهنجو ڏهٽو منهنجو نور نظر اوهان جي گھر ۾ پهچندو(مناقب ابنِ شهرِ آشوب ج 3 ص 226) ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي پيشن گوئيءَ مطابق شهزادي ڪونين جي گھر ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت با سعادت ٿي ۽ جناب اُمّ ايمن حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ پيارو ڏهٽو پيش ڪيو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته جيڪا جھولي هن پٽ کي جَھلِيون بيٺي آهي ۽ جيڪو پٽ هن جھوليءَ ۾ آهي انهن ٻنهن کي ڀلي ڪار چوان ٿو. اي جناب اُمّ ايمن جيڪو اوهان خواب ڏٺو هو اهو اوهان جي حقيقت ۾ اوهان جي سامهون آهي.
جناب شيخ عباس قمي فرمائن ٿا ته شيخ طوسي معتبر سند سان گڏ حضرت امام علي رضا عليه السلام جو هي فرمان نقل ڪيو آهي ته جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت با سعادت ٿي ته حضرت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جناب اسماء بنتِ عمس کي فرمايو ته اسماء منهنجي پٽ حسين عليه السلام کي مون ڏانهن کڻي اچو. اسماء چوي ٿي ته مان حضرت حسين عليه السلام کي صفيد ڪلر جا ڪپڙا پهرائي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ پيش ڪيو، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت حسين عليه السلام کي پنهنجي گود ۾ رکي ان جي سڄي ڪن ۾ آذان ۽ کٻي ڪن ۾ اقامت چئي جنهن بعد حضرت جبرائيل امين حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته رب العالمين اوهان جي خدمت ۾ سلام موڪليو آهي ۽ فرمايو آهي ته حضرت علي عليه السلام جي اوهان سان اهڙي ئي نسبت آهي جيئن حضرت هارون عليه السلام جي حضرت موسيٰ عليه السلام سان هئي (منتهي الآمال ج 1 ص 59 ط جديد)
شيخ صدوق رح جو چوڻ آهي ته جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت ٿي ته رب العالمين طرفان حضرت جبرائيل امين کي حڪم ڏنو ته فرشتن سان گڏ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي رب العالمين جي طرفان مبارڪون پيش ڪيو. جڏهن حضرت جبرائيل امين فرشتن سان گڏزمين طرف اچي رهيا هئا ته ان جو گذر هڪ جزيري کان ٿيو جتي فطرس موجود هو. فطرس جڏهن اهو منظر ڏٺو ته حضرت جبرائيل امين تمام گھڻن فرشتن سان گڏ زمين طرف وڃي رهيا آهن ته فطرس حضرت جبرائيل امين کي گذارش ڪئي ته ڪيڏانهن جو ارادو آهي، حضرت جبرائيل امين فرمايو ته رب العالمين پنهنجي حبيب حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم کي هڪ عظيم الشان نعمت عطا فرمائي آهي( محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏهٽي حضرت امام حسين عليه السلام جي دنيا ۾ آمد ٿي آهي) ان لاءِ اسان کي موڪليو ويو آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ مبارڪون پيش ڪيو. فطرس حضرت جبرائيل امين کي عرض ڪيو ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلو شايد حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم منهنجي لاءِ دعا گھري ۽ پروردگار عالم مون کي بخشي ڇڏي. حضرت جبرائيل امين فطرس پاڻ سان گڏ کڻي آيا ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دربار ۾ پهچي سلام ۽ مبارڪون پيش ڪيو، فطرس جي حالت بيان ڪئي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فطرس کي چيو ته پنهنجو جسم حضرت امام حسين عليه السلام سان مَس ڪري واپس پنهنجي جڳهه تي هليو وڄ، اهو فطرس ٻڌي ڦورن پنهنجو جسم حضرت امام حسين عليه اسلام سان مس ڪيو ته فطرس کي وار ۽ پَرَ ملي ويا. روايت ۾ اهي لفظ آهن ته فطرس کي وار ۽ پَرَ مليا ته هو آسمان ڏانهن پرواز ڪئي ۽ چوندو رهيو ته مَن مِثلي اَناعَتيقُ اَلحُسين عليه السلام ، مان جهڙو ڪير آهي! مان ته حضرت امام حسين عليه السلام بن علي عليه السلام جو آزاد ٿيل آهيان. (امالي شيخ طوسي ص 367، امالي شيخ صدوق 2 ڪامل الزيارت ابنِ قولويه 64، بحارالانور ج 43 ص 245، منتهي الامال ج 1 ص 391، 392)
هڪ ڏينهن حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام هڪ باغ ۾ ٻئي ڀائر ڀاڪر پائي آرام ڪري رهيا هئا ۽ ڀرسان هڪ خطرناڪ جانور بيٺو رهيو ۽ ان جي وات ۾ هڪ گل جي ٽامي وات ۾ جھليل آهي ائين لڳي رهيو هو ڃڻ پکو گھلائي رهيو هجي. جڏهن ان خطرناڪ جانور حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي باغ ۾ ايندي ڏٺو ته وات مان گلن واري ٽامي ڪيرائي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته مولا در حقيقت مان جانور نه آهيان بلڪه ملائڪن مان هڪ فرشتو آهيان ڪجھ دير لاءِ ذڪرِ خدا کان غافل ٿي ويس ته خدا وند عالم سزاطور تي مونکي هن صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، مون کي آسمانن مان ڪڍي زمين تي موڪليو ويو، ڪيترائي سال گذري ويا آهن. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام کي ڏٺو ۽ پيار ڪرڻ شروع ڪيو ته حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام کي جاڳ ٿي ۽ اٿي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جھوليءَ ۾ ويهي رهيا. حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حسينين ڪريمين کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي خطرناڪ جانور نه پر الله جي فرشتن مان هڪ فرشتو آهي لمحي لاءِ ذڪرِ خدا کان غافل ٿيو ته رب العالمين هن کي سزا طور جانور جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، مان اوهان کي گذارش ٿو ڪريان ته هن لاءِ اوهان دعا گھرو حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام دعا گھري ۽ رب العالمين دعا قبول ڪئي. اهو فرشتو خداوند عالم جي تسبيح ڪندي آسمان طرف پرواز ڪندو چوندو رهيو ته مَن مِثلي و انا في شفاعت السيدين السبطين الحسن والحسين عليه السلام. مان جهڙو ڪير ٿي سگھي ٿو، منهنجي سفارش پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏهٽن حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام ڪئي آهي جيڪي سيد ۽ سردار آهن (موسوئمه ڪلمات امام حسين عليه السلام ص 9،10. بحارالانوار ج 43 ص 313، العوالم ج 16)
شهر بن حوشب چوي ٿو ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي وحي نازل ٿي رهي هئي ان وقت حضرت امام حسين عليه السلام حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪنڌن تي هئا، حضرت جبرائيل امين اهو منظر ڏسي حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان دريافت ڪيو ته ڇا اوهان حضرت امام حسين عليه السلام سان تمام گھڻي محبت ٿا ڪيو؟ حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ڇا مان پنهنجي پٽ سان محبت نه ڪيا؟ اهو ٻڌي حضرت جبرائيل امين چيو ته اوهان کان بعد اوهان جي اُمت هن کي قتل ڪري ڇڏيندي. حضرت جبرائيل امين مٽي کڻي حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي چيو اي الله جا رسول جنهن جڳهه تي اوهان جو فرزند شهيد ٿيندو، ان جو نالو ڪربلا آهي ۽ هيءَ مٽي ان سرزمين جي آهي (مناقبِ شهرآشوب ج 3 ص 213) اهڙيءَ طرح اربابِ تاريخ جناب اُمّ سلميٰ جي روايت به معتبر سند مان نقل ٿيل آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي پٽ حضرت امام حسين عليه السلام سان کيڏي رهيا هئا، ڪڏهن پيشانيءَ تي چمي ڏئي رهيا هئا ته ڪڏهن چهري تي ته ڪڏهن ڪنڌ تي ان دوران مان هڪ ٻئي ڪمري ڏانهن ويس ته ايتري ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي روئڻ جو آواز آيو مان جلدي واپس اچي حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان روئڻ جو سبب دريافت ڪيم ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته هيئر حضرت جبرائيل امين آيو جنهن خبر ڏني ته منهنجو پٽ ڪربلا جي سرزمين تي 3 ٽن ڏينهن جو بکيو پياسو شهيد ڪيو ويندو.