ماڻھون ڇا چوندا

راجا حيدر ٿيٻو
انسان جڏھن به ڪو ڪم شروع ڪندو آھي ته ان تي پھرين سوين ڀيرا سوچيندو آھي ته اگر ڪم ڪيان ته فلاڻو ڇا سوچيندو يا ماڻھون ڇا چوندا,ان ماڻھون ڇا چوندا واري فلاسفي م ڪافي بھتر مثبت ڪم به ناھن ٿي سگھندا ۽ خواھشون ارمان رھجي ويندا آھن نتيجي م انسان صرف ئي صرف سوچ جي حد تائين محدود رھجي ويندو آھي,مگر حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته اھا ٿيوري صرف ايشيا جي عوام م آھي ۽ ايشيا م پاڪستان,ڀارت,بنگلاديش جھڙن ملڪن جي عوام ئي ان تي سوچي ٿو,يورپ توڙي لاطيني آمريڪي ملڪن جي عوام ان ڳالھ کان بي پرواھ ٿي پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آھن پو۽ نتيجو ڇا نڪري ٿو اھو بعد جي ڳالھ آھي نتيجي م يا ته ھڪ سبق ملي ٿو يا وري تجربو حاصل ٿئي ٿو
اسان وٽ به سنڌ م ماڻھون ڇا چوندا واري خلقت اڪثريت م آھي,ڪافي نوجوان صرف پنھنجي انا خاطر برگر جو ريڙھو يا وري برياني جو گاڏو يا وري رڪشا وغيره انڪري به ناھن ھلائيندا جو سوچيندا آھن ته ماڻھون ڇا چوندا,اھو ھرگز ناھن سوچيندا ته منھنجي ان ڪم ڪرڻ سان گھر جي معاشي حالت م ھڪ سيڪڙو به بھتري اچي سگھي ٿي,پيرسن والد يا والده جو ھٿ ونڊائي سگھان ٿو يا وري معصوم ڀائرن يا ڀينرن جي پڙھائي جو خرچ نڪري سگھي ٿو مگر صرف ئي صرف اھا فلاسفي ذھن م ويٺل ھوندي آھي,سڄو ڏينھن جي آواره گردي کان بھتر آھي ته ڪجھ نه ڪجھ ڪجي تڏھن ئي گھر ھلي سگھي ٿو,اڄڪلھ ته ھڪ نئين مصيبت به ڳلي م پيل آھي جنھن کي ٽڪ ٽوڪ چون ٿا,نه خدا نه رسول نه قران نه نماز سمورو وقت ان ايپ تي فضول ويڊيوز اپلوڊ ڪيون ٿيون وڃن
منھنجي ان ماڻھون ڇا چوندا برگيڊ کي گذارش آھي ته ماڻھن جي پرواھ ڪرڻ کان بغير پنھنجي مثبت ڪم جي شروعات ڪيو,اھي ئي ماڻھون توھان جي تعريف ڪندا

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close