آرٽيڪل

شھر وڃون ته ڳوٺ جو ڇا ٿيندو؟؟

Zahoor Memonجديد دور ۾ دنيا جون نظرون جديد سھولتون حاصل ڪرڻ لاء ڳوٺن کان شھر جي طرف لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن ، مگر ڇا ڳوٺ ۾ سھولتون نه ھجن ته اسان پڙھي لکي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي ڏيون؟ ڇا اسان پڙھيل لکيلن کي پنهنجي اباڻي ڳوٺن ۾ اھڙا ڪم نه ڪرڻ گھرجن ته جيئن اسين ڳوٺ ۾ ھڪ شھر کان سٺي زندگي گذاري سگھون؟

ھر ڳوٺ ۾ صاف پاڻي موجود آهي تازو کير بغير ملاوٽ وارو اٽو ۽ ٻيو ڪيتريون ئي نعمتون آهن جن سان اسان جو جسم چست رھي ٿو تيزي سان شهر وڌندا وڃن ٿا، آسمان کي ڇهندڙ بلڊنگون تيار پيون ٿين، اهي شهر قبرستانن تي قبضا ڪري جوڙيا وڃن يا زرعي زمينون ڪمرشل ڪيون وڃن، غير فطري طرح جڙندڙ توڙي وڌندڙ شهر پنهنجو حسن وڃائي ويهن ٿا، شهرين کي صاف پاڻي نه ٿو ملي، پيئڻ جي پاڻي جون لائنون ۽ گندي نالي جو پاڻي پاڻ ۾ ملي وڃي ٿو ۽ شهري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجيو وڃن، وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ذهنن جيان سندن گهرن مان نڪرنديون گهٽيون به سوڙهيون ٿينديون ٿيون وڃن.

روشنين جي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ته ڪڏهن آسمان جو حسن به نه ڏٺو آهي، کين اها به خبر ناهي ته رات جو چمڪندڙن تارن ۾ آسمان ڪيڏو نه حسين لڳندو آهي، هو ته ٿڌي ۽ صاف هوا کان به محروم آهن. پر شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن جو هڪ پنهنجو ڌار حسن ٿئي ٿو، جتي چئني موسمن جي خبر پوي ٿي، چانڊوڪين راتين جو حسن به ڳوٺن ۾ محسوس ٿئي ٿو ته چمڪندڙ تارن جو حسن به پنهنجو آهي، سرءَ ۾ ڇڻندڙ پن جڏهن ٻيهر ساوا ٿي نڪرن ٿا ته بهار جي خوشبوءِ کڻي اچن ٿا، سانوڻي جي برسات جون پهريون ڪڻيون جڏهن زمين تي پهچن ٿيون ته مٽي جي خوشبوءِ به دل کي ڇوهي ڇڏي ٿي، صبح جو پکين جي خوبصورت آواز ۾ اک کوليندڙ ڳوٺاڻا به سدائين صحتمند ۽ چست رهن ٿا.

ڳوٺ ۽ شھر جي زندگي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي چاليھ سال پھريان ھر ڳوٺ ۾ جڙيٻوٽين سان اعلاج ٿيندا ھا جنهن جا ڪي به نقصان نه ھئا جڏهن کان اسين غير ملڪي ترز تي ھلڻ شروع ڪيو آهي ۽ دوائين جو استعمال ڪيو آهي ته ھڪ بيماري مان جان ڇٽندي مس آهي ته ٻي بيماري لاھ ڪڍي ڇڏندي آهي ساڳي شئي کي محسوس ڪندي اوھان کان ھڪ سوال آهي ته ڳوٺ وارا چست ۽ شھر وارا سست ڇو ٿا رھن؟

اگر اسين چاھيون ته پنهنجي ڳوٺن ۾ آباد ٿي ھڪ نئين تحريڪ ھلائي ڳوٺ جا مسئلا حل ڪري ڳوٺ وارن جي مدد ڪري ھڪ سٺو نظام ٺاھي سگھون ٿا ڇا ڪاڻ ته اسان جي سنڌ جي ڳوٺ جا ماڻهو جيترا صادا آهن ته وري سلڇڻا به آهن جنهن جا لکيم مثال آھن.

وقت اچي ويو آهي ته اسين سوچون ته ھاڻي آخر سنڌ جي ڳوٺن کي وري آباد ڪيئن ڪجي ڳوٺ وارن جا مسئلا حل ڪيئن ڪجن؟
اگر 50 مان 5 پڙھيل لکيل شاگرد پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وڃي مفت ۾ ٽيوشن سينٽر قائم ڪن ڳوٺ جي شاگردن کي مفت تعليم فراھم ڪن ته شايد ڳوٺ جا شاگرد رولاڪ نه ٿين.
ھميشھ چواندا آھيون ته ڳوٺ جي نظام کي بگارڻ ۾ وڏيرن جو وڏو ھٿ آهي پر در حقيقت ان نظام کي گندگي جي وڙھ ھر ان پڙھيل لکيل ماڻهو چاڙھيو آهي جيڪو پاڻ پڙھي رڳو پنهنجي ۽ پنهنجي گھرڀاتين کي سکيو رکڻ لاء شھر طرف نڪري ويو آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ لاء ڪجھ به نه ڪيو آهي.
ھئڻ ته ايئين گھرجي ته سڀني سلجھل ماڻھن کي پاڻ پتورڻ گھرجي ۽ جديد دور ۾ ڳوٺ وارن کي ٽيڪنالاجي ۾ اڳي آڻڻ گھرجي. ڪاش ان فارمولي تي ھر پڙھيل لکيل ۽ سنڌپرست سوچي ۽ عمل ڪري.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button