آرٽيڪل

ولادت با سعادت حضرت عباس علمدار عليه السلام

زوار سَيّد ارشد علي بخاري

Arshad Shah
خاڪي سَيّد ارشد علي بخاري
نالوعباس، والد حضرت امام علي عليه السلام، والده فاطمه ڪنيت اُمّ البنين، تاريخ ولادت 4 شعبان، 26 هجري، تاريخ شهادت 10 محرم الحرام، قبر مبارڪ ڪربلا (عراق) ۾ آهي
جناب اُمّ البنين شعبان جا اعمال ادا ڪري آرامي ٿي، ننڊ جي عالم ۾ خواب ڏسي ٿي ۽ بيدار ٿي پاسي ۾ ڪجهه ڳولهي ٿي ته شير خدا مسڪرائيندي چيو ته اي جناب اُمّ البنين اوهان ڪهڙي شيءِ ڳولهي رهيا آهيو، جناب اُمّ البنين فرمايو ته مان هيئر خواب ڏٺو آهي ته منهنجي جھوليءَ ۾ هڪ چنڊ ٽي ستارا آهن، حضرت امام علي عليه اسلام فرمايو ته اوهان جي تقدير ۾ 4 چار پٽ جنهن ۾ حضرت عباس عليه اسلام مثلِ چنڊ ۽ 3 ٽي پٽ حضرت عبد الله، حضرت عمران، حضرت جعفر اهي روشن ستارا آهن، هي 4 چارئي پٽ ڪربلا ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي فرزند حضرت امام حسين عليه السلام ابن علي عليه السلام مٿان قربان ٿيندا، تمام ملائڪ، مرسلين، هَر اُمت، جنابِ سُليمان جي قوم، حضرت ابوالفضل العباس جو ماتم ڪنديون ۽ صلواتون پڙهنديون. ۽ اِهو وقت اچي ويو آ، دُرِّ نجف، نسلِ صدف چمڪڻ لڳو. برجِ شرف ۾ روشن ٿيو، آيتِ اِلاهيءَ جو نزول ٿيو. امڙ کي هن چنڊ جي زيارت ٿي. معجزات ۽ ڪرامتن جو ظهور ٿيڻ لڳو جناب اُمّ البنين جي بدن مبارڪ مان حضرت امام حسين عليه اسلام ابنِ علي عليه اسلام جي نالي جي تسبيحءَ جي صدااچي پئي. هتي امامت جي منزل اهان سان شيئر ڪندو هلان ته جناب اُمّ البنين (حميده بي بي) ڏانهن جڏهن حضرت امام حسين عليه اسلام تشريف کڻي ايندا هئا ته جناب اُمّ البنين حضرت امام حسين عليه السلام جو طواف ڪندي هئي، حضرت امام حسين عليه السلام جناب اُمّ البنين کي چيو ته امڙ مان اوهان جو فرزند آهيان اوهان تعظيم ڇو پيا ڪيو. جناب اُمّ البنين فرمايو ته جيڪو منهنجي پيٽ ۾ ٻار آهي اهو اوهان جي اچڻ تي مون کي چوي ٿو ته مُختيارِ ڪائنات ۽ منهنجي سردار جي تعظيم لاءِ اٿي بيهو ۽ چوي ٿو ته امان مان غلام آهيان ۽ هي منهنجو آقا آهي.
جنت جون حورون جناب اُمّ البنين جي حجري مبارڪ ۾ آئيون، ڪوثر جا جام کڻي فرشتا به پهتا ۽ حضرت عباس عليه السلام کي ڪوثر جي پاڻيءَ سان وهجاريو ويو. ساقيِ ڪوثر حضرت علي عليه السلام آبِ ڪوثر سان مولا عباس عليه اسلام کي وهجاري سڄي ڪَن ۾ آذان ۽ کٻي ڪَن ۾ اقامت چئي حضرت امام حسين عليه اسلام جي جھوليءَ ۾ ڏئي ڪري حضرت امام علي عليه اسلام چيو ته وٺ حسين عليه اسلام اوهان کي علمدار مبارڪ هجي. جناب اُمّ البنين حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي 3 ٽي ڏينهن پنهنجو کير پياريو، 3 ٽي ڏينهن تي جناب اُمّ البنين جو کير خشڪ ٿي ويو. حضرت عباس علمدار عليه اسلام جا چپ مبارڪ ۽ ڳلو خشڪ ٿي ويو. ( اهو اشارو هو ته حضرت عباس علمدار عليه اسلام ڪربلا ۾ 3 ٽن ڏينهن جو پياسو رهندو) سانئڻ زينب سلام الله عليه، حضرت عباس علمدار عليه اسلام جي پياس جو هي عالم ڏسي حضرت امام علي عليه اسلام کي مسجد مان گھرائي ورتو.
جناب اُمّ البنين، حضرت عباس علمدار عليه اسلام پنهنجي گود مان کڻي حضرت علي عليه اسلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي، حضرت علي عليه اسلام، حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي گود ۾ کڻي فرمايو عباس علمدار عليه اسلام مون کي ڪربلا ۾ تنهنجي پياس ياد اچي رهي آهي، اهو چئي حضرت علي عليه اسلام پنهنجي زبان مبارڪ حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي منهن ۾ ڏني، حضرت عباس علمدار عليه اسلام سراب ٿيو ۽ پياس ختم ٿي وئي.( هاءِ ڪربلا ۾ عاشور جي ڏينهن حضرت علي عليه اسلام هجي ها ته 3 ٽن ڏينهن جو پياسو حضرت عباس علمدار عليه اسلام نه هجي ها) جناب اُمّ البنين جو کير ۽ حضرت علي عليه اسلام جي زبان چوسي ڪري حضرت عباس علمدار عليه اسلام وڏو ٿيڻ لڳو، حضرت عباس علمدار عليه اسلام ۾ خونِ شجاعت وڌڻ لڳي، الله جي معرفت، اکين جي نور۾ اضافو ٿيندو رهيو، رضاعيت جا ڏينهن مقرر ٿيندا رهيا. حضرت عباس علمدار عليه اسلام مثلِ حضرت علي عليه اسلام شجاع نظر اچڻ لڳي. حضرت عباس علمدار عليه اسلام جا بازون مثلِ يدالله نظر اچڻ لڳا.
تاريخ جي چهري تي نظر وجھنداسين ته جڏهن حضرت علي عليه اسلام جي آمد ٿي ته ان وقت تائين اکيون نه کليون جيستائين پيغمبرِ اسلام تشريف نه کڻي آيا. پيغمبرِ اسلام حضرت امام علي عليه اسلام کي پنهنجي جھوليءَ ۾ کنيوته پهرين نظر چهرهِ رسالت تي پئي. اهڙيءَ طرح حضرت عباس علمدار عليه اسلام اکيون نه کوليون جيسيتائين حضرت امام حيسن عليه اسلام نه آيو، حضرت امام حسين عليه السلام امامت جي جھوليءَ ۾ حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي کنيو ته پهرين نظر چهرهِ امامت حضرت امام حسين عليه اسلام تي نظر پئي.
الله تعاليٰ حضرت علي عليه اسلام جي تمناء مطابق هڪ فرزند جناب اُمّ البنين مان عطا ڪيو، ولادت جي 7 ستين ڏينهن حضرت علي عليه اسلام “عباس” نالو رکيو ۽ گَھٽو( جانور) عقيقه ڪري ذبح ڪيو، مٿي جا وار سفا ڪري، وارن جي برابر چاندي رب العالمين جي راه ۾ صدقو ڏنو. حضرت عباس علمدار عليه اسلام جي آمد جي سلسلي ۾ تاريخ جا ورق ڀريل آهن هتي جڳهه گھٽ هجڻ ڪري اچو ته حضرت عباس علمدار عليه اسلام جي تربيت طرف هلون.
جيڪي عورتون تربيت يافتحه ۽ خانداني هونديون آهن اهي مڙس جو هر حڪم مڃينديون آهن ۽ مڙس جي خواهش مطابق اولاد جي تربيت ڪنديون آهن. ان ڪري جناب اُمّ البنين جو انتخاب ڪيو ته جيئن بهادر پٽ پيدا ٿئي، ۽ جناب اُمّ البنين ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ، پنهنجي مڙس جي اطاعت ۽ فرمانبرداري، گھر جو انتظام ۽ اولاد جي پرورش ۾ بالحوص حضرت عباس علمدار عليه اسلام جي تربيت ۾ انتهائي دلچسپي ورتي. حضرت عباس علمدار عليه اسلام سان حضرت امام علي عليه اسلام تمام گھڻي محبت ڪندا هئا. جيئن جيئن حضرت عباس علمدار عليه اسلام پنهنجي تربيت ۽ ادب ۾ ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن حضرت علي عليه السلام جي محبت ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ جناب اُمّ البنين، حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي ڪابه تڪليف نه ڏينديون هيون، هڪ ڏينهن حضرت علي عليه اسلام، حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي پنهنجي گود ۾ ويهاري ان جي بازن کي چميون ڏنيون ۽ تمام گھڻا رُنا ته جناب اُمّ البنين کي تمام گھڻي تڪليف پهتي ۽ حضرت امام علي عليه اسلام کان جناب اُمّ البنين روئڻ جو سبب دريافت ڪيو ته حضرت امام علي عليه اسلام جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسين عليه اسلام جي نصرت ڪندي حضرت عباس علمدار عليه اسلام جا بازون شهيد ٿي ويندا. ته جناب اُمّ البنين بيتاب ٿي وئي.( ڇو ته هوءَ امڙ هئي) پر جڏهن حضرت علي عليه اسلام، حضرت عباس علمدار عليه اسلام جو مقام ۽ مرتبو ٻڌايو، ڇا ٻڌايو؟ ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت عباس علمدار عليه اسلام جا ٻئي بازون جدا ٿيندا ته رب العالمين حضرت عباس علمدار عليه اسلام کي ٻه پَرَ عطا ڪندو، جنهن جي ذريعي هو جنت ۾ پرواز ڪندو، اهو ٻڌي جناب اُمّ البنين خاموش ٿي وئي ۽ اهوٻڌائيندو هلان ته جناب اُمّ البنين پٽن کي حمدِ خدا جو تعويز پارائيند هئي.
حضرت عباس علمدار عليه اسلام، حضرت علي عليه اسلام جي زيرسايه تربيت ورتي. حضرت علي عليه اسلام ان مقصد ڪري حضرت عباس علمدار عليه اسلام جي تربيت ڪئي ته هو پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسين عليه اسلام جي اُن وقت مدد ڪري جڏهن هو ميدان ۾ تنها ٿي وڃي ۽ هي ان جو فرنمانبردار ڪري سندس جي نُثرت ڪري. ۽ حضرت عباس علمدار عليه اسلام ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجو فرض سٺي نموني سر انجام ڏنو ۽ ڪري ڏيکاريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button