آرٽيڪل

ڪرونا جي تباهي، سماجي لاڙا ۽ دنيا جي گولي تي جنم وٺندڙ سماجي نواڻ

اجمل مير مهدي، حيدرآباد

اجمل مير مھدي
اجمل مير مھدي

دورِ جديد جي صورتِحال ۾دنيا جي گولي تي موجود ماڻهن جي بيوسي جو ڏيک ڏسڻ وٽان آهي سندن پريشاني جا پَگهر رُڪجڻ جو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهن، پنهنجي وطن ۾ بي يارو مددگار ۽ بي سهارا، ڪنڌيءَ ڪناري لڳل دنيا جا انسان عجيب ڪشمڪش ۾ لڳا پيا آهن. قيامتِ صغرٰي جا علمناڪ منظر پيش ڪندڙ وبا موڀي پُٽن کي بي درديءَ سان ڏک ڏاکڙي ۾ جهوري رهي آهي، هي وچرندڙ بيماريءَ انساني ترقيءَ جي لازوال شاهڪارکي في الوقت مات ڏئي چُڪي آهي. هڪ انسان ٻئي انسان کان پَري رهڻ پسند ڪري پيو، جيڪو انسان پنهنجي معمول مطابق ٻين ڌرتي ڌڻيءَ جي ڪَمن ۾ ٽنگ اڙائيندو هو سو اڄ پنهنجي ئي ماڳ تي خاموشيءَ ۽ فراق جي فُرست ۾محفوظ رهڻ کي جياپو ٿو سمجهي.
عالمي تڪرارن جي عارضي ماٺ به گلوبل وليج کي نئون موڙ ڏيندي ۽ ڪجهه دنيا جي سطح تي دهشتگرديءَ جا جنوني به چُپ ڪري آءِ سوليٽ ٿي ويٺا انتظار پيا ڪن ته ڪڏهن هي وبا جان ڇڏيندي ۽ اُهي ٻيهر پنهنجي جنوني حوَس پوري ڪندي دنيا جي گولي کي وَري ساڳيءَ ريت روانو ڪندا.
ڪرونا وائرس جنهن کي پهريان عالمي وبا قرار ڏنو ويو آهي، هن عالمي وچرندڙ بيماريءَ جي سبب لاڪ ڊائون، ڪرفيو، پاڻمرادو تنهائي، سماجي فاصلو ۽ نقل و حرڪت محدود ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري عالمي دنيا جو نقشو پڻ تبديل ٿي رهيو آهي. وبا کان پهريان جيڪي ماڻهو پنهنجي پيارن کي وقت ڏيڻ انتهائي ضايع سمجهندا هئا سي سڀ هاڻي پنهنجي پيارن سان پنهنجن اَجهن ۽ جهوپڙن ۾پنهنجي بچاءَ سان گڏ هن مُشڪل وقت جي ٽرڻ جو انتظار پيا ڪن. دنيا جي گولي تي موجود انسانن جون حرڪتون هن وقت قابلِ نظر آهن، دُڪانن تي خريداري ڪرڻ لاءِ هن وقت غير مهذب طبقا جنهن نظم و ضبط جو مظاهرو ڪري رهيا آهن تنهن کي اڄ کان پهريان نه ڏٺوويو هو، ماڻهن جو ماڻهن کان سماجي فاصلو ۽ محدود ماڳ تائين حرڪت ڪرڻ جي مشروط اجازت شايد انسانن کي اصل آزاديءَ جولطف محسوس ڪرائي رهي آهي، ففٿ جنريشن به جديد ٽيڪنالاجي عيوض ترقيءَ جي ڊگهي ڊوڙ ۾ ڦاٿل انسانن کي ڪو رليف مهيا نه ڪري سگهي آهي. ترقي يافته، ترقي پذير، اُسرندڙ توڙي ڏتڙيل مُلڪن جا ماڻهو وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي اُپائن کي ساڳي ريت عمل ڪرڻ لاءِ مصروفِ عمل آهن، سامراجي مُلڪن کي هن وبا جي حالت ۾ مظلوم مُلڪن ۾ظُلم جي ڪري بيگناهه ماڻهن جو درد ۽ ڏک محسوس ٿيندو هوندو. حرڪتن جي محدود ٿيڻ جي ڪري انسانن کان سواءِ قدرتي جيوت سُک جو ساهه کڻي رهي آهي.
جئين ته انساني حرڪتن جا سبب ٻه ٿي سگهن ٿا هڪ جذبو ۽ ٻي خواهش. هن وقت دنيا جا باضمير انسانَ وبائي آفت ۾ سَٽيل ماڻهن جي گهرج آهر مدد ڪندي پنهنجو انساني جذبو ڏيکاري رهيا آهن، ياد رهي ته هن وقت پاڪستان جو ڪو به امير ماڻهو وبا سَٽيل ماڻهن جي لاءِ ڪنهن به امداد جو اعلان به نه ڪري سگهيو آهي جڏهن ته دنيا جي مُلڪن ۾ انهن جا امير شهري پنهنجي ماڻهن جي مدد، راشن ۽ ميديڪل جي سامان جو اعلان ڪندي عملي مظاهرو ڪري رهيا آهن.

ٻيو پس منظر خواهش وارو ائين آهي ته هن وقت وبا کان بچاءَ جي لاءِ ويڪسين ۽ غيرمعمولي علاج جو پوري دنيا جا مُلڪ انتظار ڪري رهيا آهن. ان خواهش واري پهلُوءَ دنيا جي اُسرندڙ مُلڪن ۾ موجود رجعت پسند، تنگ نظرئي ۽ قداومت قيادت جي دقيانوسي سوچ کي للڪاري رهيو آهي. عقل ۽ دليل جي ڳالهه ٻُڌي اها حلقا ڇرڪ ڀريندا رهندا آهن ڇاڪاڻ ته عقل ۽ دليل انهن دقيانوسي سوچ رکندڙن جي دُڪانداري ختم ڪري ڇڏيندو. اهي ٻئي پهلُو دنيا ۾ نئي نواڻ اچڻ جو اشارو ڏئي رهيا آهن. تنگ نظر سوچ وارا ماڻهو هن وبا کي معمولي طور وٺي رهيا آهن ۽ سائنسي طريقيڪار کي للڪار ڪندي پنهنجي روزمره واري سوچ کي باقي رکي رهيا آهن پر انهن رجعت پسندن ۽ تنگ نظر نظرئي وارن کي خبر ناهي ته سماجي تبديلي اڻٽر آهي، سماجي تبديلي هڪ لڳاتار عمل آهي جنهن کي هر صورت ۾ جاري رهڻو آهي ۽ جيڪو جاري رهندو. جنهن عمل مان پوري ڪائنات گذرندي رهي ٿي. سماجي تبديلي هزارن سالن کان جاري و ساري آهي ۽ جاري و ساري رهندي. دنيا جي ارتقا کان سماجي تبديلي جو عمل پنهنجي مخصوص انداز ۾ شروع ٿيو آهي جنهن جي ڪري دنيا جي معاشرن ۾ نواڻ وارو عنصر نمايان نظر اچي ٿو. گلوبل وليج ۾ ٽيڪنالاجيءَ پنهنجو ڳاٽ مٿي کڻي بيٺي آهي جيڪا پڻ تبديلي جو اهم ذريعو آهي. سماجي تبديلي جيڪي هن وقت عالمِ انسانيت جي لاڳاپن ۾ نظر اچي رهي آهي اها پهرين ڪڏهن به ائين نظر نه آئي آهي. ياد رهي ته سماجي لاڳاپن کان بغير انساني معاشرو ناممڪن آهي سماجي رشتا ۽ سماجي تعلقَ انساني نظام جي بقا جا ضامن آهن. ارسطو چيو هو ته انسان سماجي جانور آهي زمين جي گولي تي ڪير به انسان اڪيلي سِر زندگي نٿو گذاري سگهي، انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي بقا لاءِ ٻين انسانن تي ڀاڙڻو پوي ٿو.ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر انسان کي سماجي تعلق جوڙڻا پون ٿا. ماڻهن جو ميڙ جنهن کي سماجي گروهه چئبو آهي جنهن کي سماجيات يعني سوشلاجي ۾ سوشل گروپ پڻ سڏيو ويندو آهي. مختلف سماجي گروپن جي ڪري دنيا جا سڀ وهنوار هلن پيا. ڪرونا جي عالمي وبا ۾ انهن سماجي ضابطن، رابطن، تعلقن ۽ گروپن ۾ وڏي پئيماني تي تبديلي جي اُميد ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته دنيا جا ماڻهو جن حالتن کي اڄ ڏسي رهيا آهن سي وبا کان بچي ويندڙ انسانن تي پنهنجي تمام گهرا اثر ڇڏي ويندا. بي گهر ٿيل ماڻهو، گهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي نظر ايندا، بُکن تي پڄري گذارو ڪندڙ کين نظر مان گُذرندا، ائين انساني احساس ۾ روح ڦوڪجي ويندو جيڪو جديد ٽيڪنالاجي ۽ گلوبل وليج جي ڪري ماڻهن ماڻ اڻلڀ ٿي ويو هو.
روشني وارا شهر ويران، مشهور گليون ماڻهن جي اچڻ جو منتظر ۽ مشهور وسنديون ويران برپٽ جيان محسوس ٿي رهيون آهن. سماجي وسيلا ۽ سماجي ذريعا ڄڻ ڪجهه وقت لاءِ بي معنٰي ٿي ويا آهن جيڪي انساني نظام ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ پيچيدگين کي گهٽ ڪرڻ واسطي هوندا آهن، سماجي وسيلا دنيا ۾ ڄڻ ڪجهه وقت لاءِ بچي ويا آهن، هن وقت گلوبل وليج ۾گدلائڻ به آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي، هوا به زهريلي گئيسن جي غير موجود جي ڪري تازي ۽ صحت بخش ٿي رهي آهي، زمين، هوا، پاڻي پنهنجي فطرتي منزل ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن. انساني حرڪتن جي ڪري زمين جي گولي تي گذريل ڪجهه صدين ۾ ائين بريڪ نه لڳو آهي جئين هن وقت گلوبل مُڪمل طور جام لڳو پيو آهي. ڪيميائي هٿيارن جو استعمال موجوده حالتن ۾ گهٽجي رهيو آهي، وچرندڙ ڪرونا وائرس جي ڪري غريب ۽ امير مُلڪَ به وبا کان بچڻ لاءِ حفاظتي اُپاءَ وٺي رهيا آهن، لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو لڳائي ماڻهن جي حرڪت کي بلڪُل محدود ڪيو ويو آهي.
شهر بند، فيڪٽرين کي تالا، ڪارخانا سيل ۽ هر هنڌ وبا جو خوف ماڻهن کي پنهنجي خوف طرف گهيري رهيو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هدايتن پٽاندڙ بچاءَ وارو رستو اختيار ڪيو وڃي پيو ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙچ ۾ وبا جي پُهچڻ، انسان کي هڪ وڏي ڏچي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. چين جي صوبي ووهان مان شروع ٿيندڙ وائرس جو الزام آمريڪا تي لاڳايو پيو وڃي ۽ روس به پڻ آمريڪا تي وائرس ڦهلائڻ جو الزام ورجهايو آهي. دنيا جي مُلڪن ۽ عالمي قيادت وبا کي بائيولاجيڪل جنگ قرار ڏنو آهي. آمريڪا وبا سَٽيل مُلڪن ۾ سرفهرست اچي ويو آهي، وبا جي ڪري ايران ۽ اٽليءَ ۾ موت جو راڪاس جاري آهي، ايران تي آمريڪي پابندين جي ڪري ايران انتهائي گهمڀير حالتن کي خراب نموني مُنهن ڏئي رهيو آهي، اٽليءَ جي شروعاتي لاپرواهي اڄ روم جي قديم تهذيب کي تمام گهڻو نقصان پُهچائي رهي آهي. ائين دُنيا جا 180 کان وڌيڪ مُلڪ وبا کي مُنهن ڏئي رهيا آهن ۽ موت جو تعداد بدستور وڌي رهيو آهي، ڪرونا جي پازيٽو ڪيسز ۾ حيرت انگيز اضافو ٿي رهيو آهي.

ھي به پڙھو

صحت جي عالمي اداري جو ڊي جي لاڪ ڊائون جي حق ۾ ناھي.

ڪرونائي وبا جي ڪري اڪيلائي ۽ تنهائي جو شڪار ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ قدرتي رليف مان مزو ماڻيندو جنهن سان مثبت شين ڏانهن پڻ ذهني هم آهنگي وڌنڌي، جيڪو اڳي پوءِ انساني معاشري جي لاءِ بهترين عمل هوندو. وبا جي باري ۾هڪ پهلُو هن وقت اهو به آهي ته قُدرت ”عمل جو ردِعمل“ واري قانون کي ورجهائي رهي آهي جنهن سان دنيا ۾ قدرتي شين جي ريسائيڪلنگ ٿي رهي آهي. هن وبا جي ڪري دُنيا جا مُلڪ هڪ طرف قيمتن زندگين جو نظراڻُو ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف قدرت انسان دوست وايو منڊل پيدا ڪري رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه انساني معاشري ۾ نوان لاڙا ۽ هڪ برک نواڻ نمودار ڪندو، جنهن سان گلوبل وليج ۾ رهندڙ ففٿ جنريشن جا ماڻهو حيرت انگيز سطح تي تبديل ٿي ويندا.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close