ڪرونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون
ڪرونا وائرس ڪري پاڪستان جي اڪانامي کي وڏو نقصان ٿيو آهي سنڌ حڪومت بر وقت ٻاهران آيلن جي چيڪ اپ جا اپاءَ نه ورتا جنهن جي ڪري وائرس پکڙجي ويو . هاڻي لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي حالت آهي مزدورطبقو، پينو فقير وڏا پريشان ڏسڻ ۾ آيا انهن جو چلهونه ٻري سگهيو، شاگردن جي تعليم خراب ٿي ويئي ۽ وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا سبب معاشي سرگرمين ۾ ايندڙ وقفي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سمورا قدم کڻي رهيا آهيون پر في الحال لاڪ ڊائون نٿا لڳائي سگهون. سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ في ليٽر 15 رپيا لاٿ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي ۽ گئس جا بل قسطن ۾ ادا ڪري سگهبا، طبي سامان لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين تي به ٽيڪس گهٽ ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته مزدورن لاءِ 2 سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ ايڪسپورٽ انڊسٽري کي تڪڙي بنياد تي 100 ارب رپيا ٽيڪس ري فنڊ فراهم ڪيا ويندا، ننڍين صنعتن ۽ زرعي شعبي لاءِ به 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ ان لاءِ گهٽ سود تي قرض به ڏنا ويندا، جڏهن ته سود جي شرح ۾ تبديلي جو فيصلو اسٽيٽ بئنڪ ڪندي. ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي سوال تي وزيراعظم چيو ته ٿي سگهي ٿو جتي ڪورونا جو خدشو وڌيڪ هجي اها جاءِ سيل ڪري ڇڏيون، خدا نه ڪري ڪرفيو لڳائڻو پئي ته اڳ ۾ تياري ڪرڻي پوندي، ڪرفيو لڳائڻ تي انتظاميا سان گڏجي رضاڪارن جي فورس ٺاهڻي پوندي ۽ ان فورس ذريعي غريبن جو کاڌو گهرن تي پهچائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته اها ٽي ٽوئنٽي ميچ ناهي، ٿي سگهي ٿو صورتحال 6 مهينن تائين هلي، اسان کي افراتفري بدران دانشمنداڻا فيصلا ڪرڻا پوندا، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سان سڀ کان وڏو مسئلو سپلائز جو ٿيندو آهي، ماڻهن کي پڪڙي جيلن ۾ وڌو ويو ته به ڪورونا پکڙجي سگهي ٿو، ماڻهن کي ڪيتري دير تائين گهرن ۾ بند ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اسان وٽ اها صلاحيت آهي ته غريبن کي گهر کاڌو پهچائي سگهون، لاڪ ڊائون تحت اسڪول ۽ عوامي ماڳ اڳ ئي بند آهن، ملڪ ڪرفيو کي برداشت نٿو ڪري سگهي، گهڻا ماڻهو گڏ ٿيڻ سان وائرس تيزي سان پکڙجندو آهي، سڀ کان وڏو خطرو ڪورونا نه پر غلط فيصلن سان ٿي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبا پاڻ فيصلا ڪندا آهن، اسان رڳو تجويز ڏئي سگهون ٿا، جڏهن ته چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان اسان جو فيصلو درست ثابت ٿيو، ايران ته پاڻ مسئلن ۾ ڦاٿل هو، ڇا اسان پاڪستانين کي واپس نه آڻيون ها، ايران ڪورونا سان چين وانگر ڊيل نه پئي ڪري سگهيو. هن چيو ته لاڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 300 يونٽن تائين گئس ۽ بجلي جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، هر خاندان کي چئن مهينن تائين ماهوار 3 هزار رپيا ڏنا ويندا، دالين سميت ٻين شين تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون. پيڪيج جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌائيندي وزيراعظم چيو ته مزدور طبقي لاءِ 200 ارب رپيا رکيا ويا آهن، يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ 50 ارب رپيا وڌيڪ رکيا آهن، ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري لاءِ 280 ارب، انتهائي غريب طبقي لاءِ 150 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 100 ارب رپين جي ٽيڪس ريفرنڊ سان صنعتون ليبر تي خرچ ڪري سگهنديون، برآمدي صنعت کي 100 ارب رپين جا ٽيڪس ريفنڊ فوري طور ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪيسن جو انگ 958 ٿي ويو آهي. اڄ ملڪ ۾ گڏيل طور تي 74ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن مان خيبرپختونخواهه ۾ 40، پنجاب ۾ 21 ۽ سنڌ ۾ 13 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. نون ڪيسن جي تصديق کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 958 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته موذي وائرس مان هن وقت تائين 10 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن مان گلگت بلتستان ۽ سنڌ مان 4-4 ۽ 2 جو تعلق اسلام آباد سان آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي آبادي واري صوبي پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب پهرين فوتگي ٿي آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ لاڏاڻو ڪندڙ ماڻهن جو انگ 7 تائين وڃي پهتو آهي. ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ 3، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ سنڌ ۾ 1-1 مريض فوت ٿيا.
سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري متاثر ماڻهن جي انگ ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر آهي ۽ چئني صوبن لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت طرفان نوٽيفڪيشن جي موجب گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ به فوج مقرر ڪئي وئي آهي ۽ فوج جون خدمتون آئين جي آرٽيڪل 131 اي جي تحت طلب ڪيون ويون آهن.
پنجاب: پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب پهرين فوتگي سامهون آئي جتي لاهور جي ميو اسپتال ۾ 57 سالن جو مريض لاڏاڻو ڪري ويو. پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد صوبي ۾ وائرس سبب پهرين فوتگي جي تصديق ڪئي. پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 19ڪيس سامهون آيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 267 ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ تصديق پنجاب جي صحت واري کاتي طرفان ڪئي وئي آهي. صحت واري کاتي جي موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن ۾ 176 زائرين شامل آهن جڏهن ته لاهور ۾ 59، ملتان 2، راولپنڊي 2، گجرات 12، جهلم 3، گجرانوالا 7، سرگوڌا 1، فيصل آباد 1، منڊي بهاو الدين 1 ۽ رحيم يار خان ۾ هڪ ڪيس آهي.
سنڌ: سنڌ ۾ هن وقت تائين وڌيڪ 13 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گڏيل انگ 407 تائين وڃي پهتو آهي. صحت واري صوبائي وزارت جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ 8 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 407 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هڪ مريض جو تعلق حيدرآباد ۽ هڪ جو دادو سان آهي. تفتان کان سکر آيل زائرين مان وڌيڪ 5 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 265 ٿي ويو آهي. ترجمان موجب سنڌ ۾ 4 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن مان 3 جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو حيدرآباد سان آهي جڏهن ته هڪ مريض لاڏاڻو ڪري چڪو آهي.
خيبرپختونخواهه: خيبرپختونخواهه ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 40 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي صوبي ۾ متاثر مريضن جو گڏيل انگ 78 ٿي ويو آهي.
صوبائي صحت واري وزارت موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ 16، پشاور ۾ 10، مردان ۾ 6، مانسهره ۾ 3، بونير، چارسده ۽ ڪرڪ ۾ 1-1 مريض ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.
بلوچستان: گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري پهرين فوتگي ٿي جتي ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ 66 سالن جو مريض لاڏاڻو ڪري ويو. گذريل ڏينهن صوبي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 110 ٿي ويو.
گلگت بلتستان: گلگت بلتستان ۾ به اڄ ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جنهن کان پوءِ متاثر ڪيسن جو انگ 80 ئي آهي.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب ضلعي نگر ۾ 34، اسڪردو ۾ 16، گلگت ۽ شِگر ۾ 13-13، کرمنگ ۾ 3 ۽ استور ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباڊ ۾ سومر جي ڏينهن وڌيڪ 4 نون ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي ۽ گڏيل انگ 15 ٻڌايو ويو جيڪو هن وقت تائين پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي.
آزاد ڪشمير: آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جو هن وقت تائين هڪ ئي ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جڏهن ته رياست ۾ حڪومت شهرين کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته ماڻهو نفعي خوري ڇڏين ۽ پنهنجي قوم جي مدد ڪن، سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وسيلن کي ڏسندي فيصلا ڪري رهيا آهيون، وينٽي ليٽرز سميت ٻئي سامان جي خريداري لاءِ هر هنڌ وياسين، بدقسمتي سان چين کانسواءِ ڪنهن سامان نه ڏنو، چين 8 سئو وينٽي ليٽر فوري طور ڏيڻ جو چيو آهي هن چيو ته سڀاڻي چين کان شروعاتي طور تي اين 95 ماسڪ پاڪستان ايندا، اسان جو اصل ڪم جمعي کان شروع ٿيندو، جڏهن طبي سامان اچڻ شروع ٿيندوسندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽرز پروٽيڪشن ڪٽ، 50 هزار ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ ٻيو سامان چين ڏيندو، 28 مارچ تي هڪ ڏينهن لاءِ ٿي سگهي ٿو اسان سرحد کولي ڇڏيون، 27 مارچ تي اسان چين ۾ آرڊر لکرائينداسين ۽ 28 مارچ تي سامان ايندو، پاڪستان ۾ ڏيڍ مهيني ۾ 6 آرڊر بُڪ ڪرايا آهن اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته وائرس ختم ٿي ويو پوءِ کوڙ پئسو پر هي وقت مدد جو آهي، ماڻهو منافعي خوري ڇڏين ۽ پنهنجي قوم جي مدد ڪن.