ڪراچي

سنڌ ۾ نوان ڪيس رپورٽ، صوبي ۾ مريضن جو انگ 394 ٿي ويو

ويب ڊيسڪ، اسلام آباد
سنڌ ۾ 42 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن جو انگ وڌي 394 ٿي ويو.

پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 17 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ 246، بلوچستان ۾ 110، خيبرپختونخوا ۾ 38، اسلام آباد ۾ 15، گلگت بلتستان ۾ 80 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ان کانسواءِ ڪورونا وائرس وگهي ملڪ ۾ 6 مريض فوت ٿي چڪا آهن

جڏهن ته ملڪ اندر ڪيسن جو انگ وڌي 884 ٿي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس بابت 26 هين اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني، وڏي وزير جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته اجلاس کي بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هيل تائين ڪل 394 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان سکر ۾ موجود زائرين ۾ پهرين فيز ۾ 151 ۽ ٻئين فيز دوران 109 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مجموعي طور سکر ۾ 260 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، بريفنگ دوران چيو ويو ته ڪراچي ۾ 134 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مقامي منتقلي جا ڪيس شهر ۾ آهن، وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته لاڪ ڊائون جون مثبت رپورٽس آيون آهن. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 17 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ 246، بلوچستان ۾ 110، خيبرپختونخوا ۾ 38، اسلام آباد ۾ 15، گلگت بلتستان ۾ 80 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ان کانسواءِ ڪورونا وائرس وگهي ملڪ ۾ 6 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 3 ڄڻا خيبرپختونخوا ۾ فوت ٿي ويا، سنڌ، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button