زراعت

موسمياتي تبديلي ۽ سنڌ جي زراعت جو مستقبل

راجا حيدر ٿيٻو
پوري دنيا موسمياتي تبديلي جي عمل مان گذري رھي آھي انھن ملڪن م پاڪستان به شامل آھي,لاطيني آمريڪا کان وٺي آسٽريليا ان زد م آھن,موسمياتي تبديلي اصل م ماحولياتي تبديلين جو نتيجو آھن,ڪجھ وقت آمريڪه ھڪ عالمي ماحولياتي معاھدي مان نڪري چڪو آھي مطلب آمريڪه ھاڻي ماحول کي بچائڻ جو پابند ناھي,فضا م گدلاڻ ئي موسم جي تبديلي جو سبب بني آھي جنھن جا اثرات پاڪستان تي تيزي سان پيا آھن,اڻ مندائتين برساتون,تيزي سان ڪرندڙ کنوڻ ۽ زمين مان پاڻي جو ختم ٿيڻ سنڌ م رپورٽ ٿيا آھن,اسان وٽ ستم ظريفي اھا به آھي جو ڪاربان ڊا۽ آڪسائيڊ خارج ڪندڙ ڪونو ڪارپس به تيزي سان پوکيو وڃي ٿو جيڪو ماحول لا۽ خطرناڪ آھي,وڻن جي بيدردي سان واڍي به ان جو وڏو سبب آھي ضلعي ڄامشوري م راڄڙي ٻيلي جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويو آھي,موسمياتي تبديلين جو اثر زراعت تي به پيو آھي,جديد سائنسي طريقن سان فصل نٿا پوکيا وڃن,روايتي قديم طريقي سان فصل اھا اپت نٿو ڏئي جيڪا پھرين ڏيندو ھو,ٻيو ته نقلي ٻجن ۽ نقلي زرعي دوائن جي ڪثير استعمال زمين جي طاقت ئي ختم ڪري ڇڏي آھي,پنجاب م چائنيز ڪمپنيز جديد سائنسي طريقن سان فصلن جا پوکائي بابت پروگرام ڪري رھيون آھن جنھن ڪري اتي ھاڻي ان تي عمل ڪيو پيو وڃي,سنڌ حڪومت کي کپي ته انھن ڪمپنيز سان رابطو ڪري سنڌ جي ھر تعلقي م اھڙا سمينار ڪرايا وڃن جنھن سان صوبي جي آبادگارن کي معلومات ملي سگھي ۽ نقلي پروڊڪٽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري مھانگائي جي ماريل عوام کي زرعي رليف فراھم ڪيو وڃي ته جيئن صوبو زراعت جي پيداوار م اڳڀرو ٿي سگھي,آئون پوري دعواي سان چوان ٿو ته اگر نقلي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري زراعت تي سبسڊي ڏئي جديد طريقن سان فصلن جي پوکائي تي عمل ڪرايو وڃي ته يقينن صوبي م غربت م ڪافي گھٽتائي ايندي,وڻن جي بيدردي سان واڍي ڪندڙن ۽ وياج خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انھن جا ڪيس دھشتگردي جي عدالت م ھلايا وڃن ۽ ماحول دشمن ڪونو ڪارپس جي پوکڻ تي پابندي لڳائي وڃي ته سنڌ سرسبز ٿي ويندي,سنڌ جي زراعت کي ڪو رليف ئي ناھي مليو,جيڪو ٻج ھزارن م ملي ٿو وري جڏھن ان جو فصل مارڪيٽ پھچي ٿو ته سون م وڪامي ٿو نتيجي م خرچ به نٿو نڪري ۽ آبادگار ويتر سيٺ جو قرضي ٿيو وڃي,سنڌ حڪومت کي انھن مسئلن تي سنجيدگي سان توجه ڏيڻي پوندي,ڇاڪاڻ ته موسمياتي تبديلي اسان جي نسلن جي دشمن آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button