ملڪ ۾ سامان کڻي ويندڙ گاڏين تان پابندي ختم
انڊس نيوز، ويب ڊيسڪ
وزيراعظم لاڪ ڊائون دوران گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ۽ سڄي ملڪ جي گڊز ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪرونا سان ڪهڙا حال ٿيندا ان جو ڪنهن کي به پتو ناهي، عوام مشڪل صورتحال لاءِ تيار ٿي وڃي ۽ بدترين حالتن جي تياري ڪئي وڃي، جيڪڏهن لاڪ ڊائون سان سڌا پنجين گير ۾ هليا وياسين ته پوءِ غريبن جو ڪهڙو حشر ٿيندو، ان بابت ڪو به نٿو ڄاڻي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرونا جي خلاف جنگ قوم متحد ٿي کٽيندي، آمريڪا پنهنجي معيشت ۽ عوام لاءِ 2 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جي صورت ۾ انتهائي غريب طبقي جو فڪر هو، سامان جي چرپر لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ جي مڪمل اجازت هوندي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ روان دوان هوندي، فيصلو ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ جي ازالي لاءِ ڪيو ويو، مسافر گاڏين تي پابندي برقرار رهندي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ٻن هفتن کانپوءِ ڪرونا وبا جي ڪهڙي صورتحال هوندي، پوري پڪ سان ڪجهه چئي نٿا سگهون، هن چيو ته چين ۾ لاڪ ڊائون دوران شهرين کي گهرن تي کاڌو پهچايو ويو، وزيراعظم چيو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن تي مشتمل رضاڪار فورس ٺاهي رهيا آهيون، 31 مارچ تي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو اعلان ڪيو ويندو، ضرروت پئي ته نوجوان، رضاڪارن جي ذريعي متاثرن جي گهرن تي کاڌو پهچائينداسين، هن چيو ته ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ به قائم ڪيو ويندو، پاڪستاني عوام خيرات ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي صلاحيتن تي مڪمل ڀروسو آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ خصوصي اڪائونٽ کولينداسين جتي اوورسيز پاڪستاني فنڊز جمع ڪرائي سگهندا، هن چيو ته پوليس کي چوندس ته لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي تي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته اسان کي آهستي آهستي قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن اسان گڊز ٽرانسپورٽ تان پابندي ختم نه ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿيندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ ڪل آمدني 45 ارب ڊالر آهي، هن چيو ته صورتحال ايتري آسان نه آهي ڪرونا واري وبا سڀني جي لاءِ نئين آهي، هن چيو ته جڏهن ڪرونا ملڪ ۾ آيو ته مختلف رد عمل اچڻ شروع ٿيو، صوبن تي دٻاءُ وڌيو ۽ انهن پنهنجا فيصلا ڪيا، پر تاثر اهو مليو ته حڪومت کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي پر حقيقت ۾ ائين نه هو پاڪستان کي اهڙي صورتحال جو ڪڏهن تجربو ئي ناهي رهيو، هن چيو ته مون کي خدشو هو ته اسان لاڪ ڊائون سان سڌا ڪٿي پنجين گير ۾ هليا وياسين ته عوام لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون، هن چيو ته اسان گڊز ٽرانسپورٽ تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ کاڌي پيتي جو شيون بڻائيندڙ صنعتون به کوليون وينديون. هن چيو ته اڃان تائين ملڪ ۾ ڪرونا ائين ناهي پکيڙيو جيئن ٻين ملڪ ۾ پکڙيو آهي اها ضمانت ڪير به نٿو ڏئي سگهي ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ مريضن جو انگ ڪٿي دنگ ڪندو، ان لاءِ قوم کي تيار رهڻ گهرجي ۽ اسان کي انتهائي خراب حالتن کي نظر ۾ رکندي تياري ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪرونا وائرس جي ڪري اسان جو واپار به متاثر ٿي رهيو آهي. روانگي واپار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ خوف آهي ته اها صورتحال رهي ته پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿي ويندا، روپئي تي دٻاءُ پوندو، ان لاءِ آئون ان جي تياري ڪري رهيو آهيان ۽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کوليندس ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي درخواست ڪندس ته هو ان ۾ پئسا جمع ڪرائين ته جيئن روپئي تان دٻاءُ ختم ٿئي. وزيراعظم چيو ته پوليس فوري طور تي لاڪ ڊائون دوران گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري. هن چيو ته ماڻهن کي رڳو ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اهي پنهنجي ٻارن جو پيٽ ڪيئن پاليندا.