اسلام آباد

بلاول کي صحافتي آزادي جي ڳالهه سونهين نٿي: فردوس عاشق

انڊس نيوز ويب ڊيسڪ، اسلام آباد
وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خط لکندي ئي نواز شريف جي بيماري جي تازي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي وئي آهي، سندس بيماري تي حڪومت نه سندس پنهنجي پارٽي ئي سياست ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو لاهور کي ڇڏي پنهنجي صوبي ۾ مائيڪ جي ڦاهي سان قتل ڪيل صحافي جي خاندان کي انصاف فراهم ڪري، ٻار قوم جو مستقبل آهن، معصوم گلن کي ڪچلڻ وارن کي سخت سزائون ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان انهن سمورين پارٽين جن ان جي منظوري ۾ حصو ورتو انهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي ناڻي جو هڪ هڪ پئسو عوامي مفاد تي خرچ ڪري رهيو آهي، ماضي جي حڪومتن ۾ معذور ڪيل ادارن کي حڪومت فعال ڪري رهي آهي، حڪومت جن ادارن جي نجڪاري ڪندي انهن کي عالمي قانونن موجب صاف ۽ شفاف طريقيڪار تحت خانگايو ويندو. هن چيو ته هن ملڪ کي ڪارين رڍن نقصان پهچايو، عوام جي حمايت سان ادارن ۾ موجود ڪارين رڍن جو صفايو ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جو نابالغ سياستدان لاهور پريس ڪلب ۾ وڃي ٿو پر آئون اهو چوان ٿي ته هو لاهور ڇڏي ڏي، هو پنهنجي صوبي ۾ قتل ڪيل صحافي کي انصاف ڏياري، مقتول صحافي جو خاندان اڄ به انصاف جي لاءِ تڙپي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول کي صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ سونهين نه ٿي، سنڌ ۾ اظهار راءِ جي آزادي جي سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته نواز شريف گهر ويٺي ڪهڙو علاج ڪرائي رهيو آهي قوم کي ضرور ٻڌائي ته هن ڪهڙو طريقو ڳوليو آهي ته جيئن عوام کي ان علاج جي طريقي مان فائدو کڻي علاج جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته لنڊن خط لکندي ئي نواز شريف جي صحت بابت تازي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي وئي، نواز شريف نه ڪنهن اسپتال ويو آهي نه گهر تي علاج ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڪهڙيون ميڊيڪل رپورٽون موڪليون پيون وڃن، جيئن ئي لنڊن خط لکيو پريس ڪانفرنس جي ڀرمار ٿي وئي. هن چيو ته ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڪيل قانونسازي اهم ثابت ٿيندي، قوم جي معمارن کي نقصان پهچائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button