آرٽيڪل

سنڌ جي عورت ته سنڌ جو وجود آهي!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
چيو ويندو آهي ته ڪنهن ظلم تي خاموشي اختيار ڪندڙ به ظالمن ۾ شمار ٿيندا آهن، ان ڪري هڪ ڏينهن اڳ سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، ان نه صرف منهنجو جيءُ جهوريو آهي بلڪه سنڌ ۾ وڏي عرصي کان برپا ٿيل بدامنيءَ کي به وائکو ڪيو آهي، ٻيو ته آئون جنهن پيشي سان واڳيل آهيان، اهو به مون کي اجازت نٿو ڏي ته سنڌ ۾ اهڙي ظلم تي آئون خاموش رهان!
نوشهري فيروز ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري قتل ٿي وئي آهي، ٻُڌايو وڃي ٿو ته صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي ڀيڻويي زاهد کوکر جي چاليهي ۾ شرڪت لاءِ وئي هئي ته دريا خان مري ڀرسان ويجهي مائٽ مٿس فائرنگ ڪئي. شهناز انصاري کي مرڻينگ حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاهه نيو ويو پر هوءَ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو زمين جي تڪرار تان پيش آيو، شهناز انصاري تي مرحوم ڀيڻويي زاهد کوکر جي ڀائٽي فائرنگ ڪئي. واقعي بعد نوشهروفيروز پوليس درياءَ خان مريءَ ۾ ڪارروايون ڪري مُک جوابدار جي ڀيڻ سلميٰ کوکر کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم پي اي شهناز انصاري جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي نوشهروفيروز محمد فاروق اعواڻ جو چوڻ هو ته ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل جي حوالي سان گرفتاريون ڪيون آهن، کيس ايم پي اي شهناز انصاري جي سيڪيورٽي لاءِ ڪابه درخواست نه ملي هئي، هونئن به سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪجهه عرصي کان پارليامينٽيرينز کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ واري روايت ختم ٿي وئي آهي. مقتوله جي مڙس حميد انصاري طرفان سيڪيورٽي لاءِ ملاقات جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته ايم پي اي جي حيثيت سان هوءَ مختلف وقتن تي ساڻن ملاقاتون ڪندي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به ايم پي اي شهناز ساڻس ملاقات ڪئي، پر اُن ۾ سندس مڙس موجود نه هو. اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته پ پ ايم پي اي شهناز انصاري ڀيڻويي جي چاليهي تي ڳوٺ وڃڻ کان 4 ڏينهن اڳ ايس ايس پي ۽ ڊي سي نوشهروفيروز کي خط لکيو، جنهن ۾ هُن لکيو آهي ته سندس ڀيڻيويو زاهد حسين کوکر فوت ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي سموري ملڪيت زال توڙي ٻارن کي ڏئي ويو آهي. خط ۾ ايم پي اي شهناز انصاري لکيو ته فوتي ڀيڻيويي جو ڀاءُ اختر علي کوکر ۽ اُن جو پُٽ اختيار کوکر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڀيڻ سوڌو کيس به قتل ڪري ڇڏيندا پر افسوس ته ان جي باوجود به شهناز انصاري جي تحفظ لاءِ نه پوليس ڪو تحرڪ ورتو ۽ نه ئي انتظاميا سندس تحفظ لاءِ ڪو قدم کنيو.
ڪالهه هڪ طرف مقتوله شهناز انصاري جو مڙهه دفنايو پيو وڃي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي جو اهو بيان به سامهون آيو، جنهن ۾ صوبائي حڪمران جماعت جي اهم نمائندي ايس ايس پي نوشهروفيروز خلاف جاچ جو مطالبو ڪندي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل کي سياسي قرار ڏنو. نوشهروفيروز ۾ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ پونيئنر سان تعزيت بعد پ پ سينيٽر عاجز ڌامراه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت گهرڀاتين جي سامهون کيس ٽارگيٽ ڪيو ويو. ايم پي اي شهناز انصاري کي قتل جون ڌمڪيون مليون هيون ۽ سيڪيورٽي لاءِ سندس خط منظرعام تي به اچي ويو آهي، خبر ناهي ته ايس ايس پي خط کي الائي ڇو درخواست نٿو سمجهي. هُن ايس ايس پي نوشهروفيروز خلاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي پ پ مخالف سياست مان واندڪائي نه آهي جو ايس ايس پي نوشهروفيروز جي تڪراري بيان جو نوٽيس وٺي ۽ کائنس پُڇاڻو ڪري. هن چيو ته ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ۾ پوليس مان انصاف جي اُميد نه آهي.
پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل واري واقعي ته سنڌ حڪومت جي انهن دعوائن جي پت به وائکي ڪري ڇڏي آهي، مختلف موقعن تي اها وڏي فخر سان چوندي رهي آهي ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ امن امان کي بحال رکندي پئي اچي ۽ حڪومتي رِٽ مڪمل طور تي بحال آهي، پر ان واقعي ڪيئي سوالن سان گڏ اهو سوال به اٿاريو آهي ته سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهناز انصاري قتل ڪئي وئي آهي ته پوءِ انهن عورتن جو ڇا حال هوندو، جيڪي بي پهچ، بيوس ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکن ٿيون؟ هڪ انسان جو قتل ته پوري انسانيت جو قتل هوندو آهي پر جڏهن عورت قتل ڪئي وڃي ته انسانيت سميت ايندڙ نسلن جو به قتل هوندو آهي. سنڌ جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي عورت شروع کان پنهنجي ڌرتي ۽ ڪٽنب سان وفادار رهي آهي، مارئي جو مثال سڀ کان مٿانهون آهي، جنهن کي لطيف سرڪار به پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، ان کان علاوه اسان وٽ ٻيا مثال به موجود آهن، پر هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، افسوس ته ان منظرنامي ۾ عورت جو مقام ڌنڌلو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي وئي، افسوس ان ڳالهه تي به ٿئي ٿو ته اسين اڃا تائين قبائلي ريتن رسمن ۾ گهيريل آهيون، جيڪي عورتن کي حقيقي مقام ۽ سندن رتبي کي سمجهڻ ۽ قدر ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هر روز پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عورتن ۽ معصوم نياڻين جو قتل دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏي ٿو ته اسين سنڌ جا ماڻهو اڃا به جهالت واري دور ۾ رهون پيا؟ جتي هر ڏينهن عورتن ۽ نياڻين کي ڪُٺو ٿو وڃي، انهن جي احترام کي پائمال ڪيو ٿو وڃي، ذاتي دشمنين، انائن ۽ ملڪيتن جي تڪرارن تان انهن جون حياتيون کسيون ٿيون وڃن. سنڌ جا ماڻهو اهڙا ته نه هئا، سنڌ جي تاريخ اهڙي ته نه هئي، جيڪا وحشي پڻي جو مثال بڻي هجي!؟
ڪاش! اڄ منهنجو استاد رسول بخش پليجو جسماني طور تي موجود هجي ها ته اڄ ميڊيا جي هر پليٽ فارم تي هو نهايت سخت ڪاوڙ ۽ دليري سان نه صرف سنڌ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊي ها بلڪه اهڙن ظالمن ۽ سنڌ جي عورت تي گوليون وسائيندڙ وحشي درندن خلاف سگهارو آواز به بڻجي حڪمرانن جا تخت لوڏي ڇڏي ها. تنهن هوندي به مون کي سنڌ جي ساڃاهه وندن مان اها اميد آهي ته اهي عورتن سان ٿيندڙ اهڙن ظلمن خلاف ڪو گڏيل ۽ سگهارو آواز اٿاريندا ته جيئن سنڌ جي عورت کي نه رڳو پنهنجو اصل مقام ملي سگهي بلڪه انهن جي حياتين کي به محفوظ بنائي سگهجي. آئون سمجهان ٿو ته اهو طريقو جهالت جو ڏَس ٿو ڏي ته اسين عورتن کي همٿائڻ بجاءِ کين نشانو بڻايون، مٿن تشدد ڪريون، ڪهاڙين جا وار ڪريون ۽ گولين جو ائين کاڄ بڻايون، جهڙي طرح نوشهروفيرز ۾ ايم پي اي شهناز انصاري تي گوليون وسائي کيس بيدردري ۽ بي رحمي جو مثال قائم ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي عورت ته سنڌ جو وجود آهي، جيڪڏهن اسان ان کي هٿ سان گولين سان پروڻ ڪري، ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ائين ماريندا وينداسين ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو، جڏهن اسين پنهنجي وجود کي بچائڻ ۽ بقا لاءِ به بيوس بڻجي وينداسين، ٻيو الميو اهو به آهي ته اسان جي معاشري ۾ مرد پاڻ کي عورت کان مٿانهون سمجهي ٿو ڇو ته شروع کان ان کي ماحول اهو مليو آهي ته مرد، عورت کان وڌيڪ طاقتور ۽ عزت لائق آهي. اسان وٽ جڏهن مرد پاڻ کي عورت کان مٿانهون سمجهڻ ڇڏي ڏيندو، تڏهن ئي اها سوچ ۽ مائينڊ سيٽ ختم ٿي سگهندو، جنهن جي ڪري عورت کي مرد کان هيٺين درجو جو مقام ڏنو وڃي ٿو. مڃان ٿو ته عورت ۽ مرد جي مزاج ۾ وڏو فرق هوندو آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته مرد پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي عورت کان مٿانهون سمجهي.
آئون ته حڪومت، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، لاڳاپيل اختيارين توڙي سنڌ جي باشعور فردن سميت هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ساڃاهه وندن کي گذارش ڪندس ته هو سنڌ جي عورتن کي اصل مقام ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن، ساڳئي وقت عورتن کي هيٺين درجي جو مقام ڏيڻ جي سوچ رکندڙن به اهو چوندس ته خدارا سنڌ جي عورتن ۽ نياڻين جي عزت ڪريو، انهن جا محافظ بڻجو، سنڌ جي تاريخ اها ناهي، جهڙي طرح اڄ سنڌ جي قبائلي جهيڙن ۽ فرسوده ريتن رسمن ۾ وڪوڙيل سماج ۾ عورتن کي بيدردري سان چٿيو پيو وڃي. ساڳي ريت سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته اها پنهنجي رٽ قائم ڪري، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان جوڳا قدم کڻي ۽ رتوڇاڻ کي ٻنجو ڏئي ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻي.

وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close