آرٽيڪل

ڇا پاڪستان ترڪي جي نقش قدم تي هلندو؟

شيرمحمد سولنگي
طيب اردوان ترڪي جي هڪ بهترين ليڊر طورسامهون آيو آهي جنهن اقتدار ۾ ايندئي پنهنجي ملڪ ترڪي جي بگڙيل حالت سنواري ايجوڪيشن سسٽم، قانون جي بالادستي سميت سڀ مسئلا حل ڪيا هاڻي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي پاڪستان ۾ سندس جو تمام سٺو استقبال ٿيو هاڻي اسين اميد ٿا رکون اسان جي ڪپتان وزيراعظم عمران خان صاحب مان ته هو به طيب اردوان جي نقش قدم تي هلي مسئلا حل ڪندو، اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کان پوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته 8 لک ڀارتي فوجين لڳ ڀڳ 80 لک ڪشميري ۽ انهن جي اڳواڻن کي محصور ڪري رکيو آهي جنهن کي مواصلات ۽ ٻين بنيادي حقن تائين پهچ حاصل ناهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ٿيل صحيحن سان پاڪ ترڪ واپار ۾ نون دورن جو آغاز ٿي ويو. وزير اعظم عمران خان سياسي حمايت بابت چيو ته اسان ترڪي جي هر عالمي سطح تي مڪمل حمايت ڪندا آهيو ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ انقره اسان جي حمايت ڪئي جنهن تي هن ٿورا مڃيا.
ان کان سواءِ عمران خان چيو ته سياست کان سواءِ ميڊيا جي ذريعي ثقافتي مسئلن جو به مقابلو ڪنداسين ۽ ترڪ فلم انڊسٽري مان فائدو کڻندا. هن چيو ته ترڪ فلم انڊسٽري جون فلمون ۽ ڊراما مقامي ميڊيا تي نشر ڪيا ويندا جيڪي اسلاموفوبيا جي حوصلا شڪني تي ٻڌل هوندا.
وزير اعظم چيو ته جهڙي طرح صدر طيب اردوان قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪيو اُهو فخر جوڳو هو. ان کان سوءِ عمران خان عالمي تڪرار تي پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل موقف هوندو آهي. وزير اعظم چيو ته ترڪي سياحت سان ساليانو 35 ارب ڪمائيندو ۽ سستا گهر بڻائڻ ۾ تجربو رکندو آهي ان ڪري ٻنهي شعبن ۾ ان مان فائدو کڻنداسين. ان موقعي تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته ٽي سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ دلي مسرت آهي ۽ تعليم، مواصلات، صحت ۽ ثقافت سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار جي هٿي بابت 13 معاهدا پاڪ ترڪ ويجهن لاڳاپن جو مظهر آهي. ترڪ صدر چيو ته 2009 ۾ جوڙيل اسٽريٽيجڪ سهڪار ڪونسل پاڪ ترڪ سهڪار ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندو. رجب طيب اردوان پاڪستان کي ٻيون گهر قرار ڏنو. هن چيو ته ترڪي پاڪستان سان گڏ ڪالهه جيان اڄ به بيٺو آهي ۽ ترڪي ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيلن ماڻهن جي تعزيت تي پاڪستاني صدر، وزير اعظم، وزير ۽ قوم جا ٿورائتا آهيون. ان کان سواءِ ترڪ صدر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف قدمن تي وزير اعظم عمران خان سان ٿورا مڃيا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاع، عسڪري تربيت جي شعبن ۾ سهڪار گهري دوستي جو عڪس آهي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تي انتهائي ڳڻتي ۽ عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ استحڪام جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جو ڪردار فخر جوڳو آهي. ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪي صدر رجب طيب اردوان جي گڏيل ڪانفرنس کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ٿي. ٽي وي، ريڊيو، سياحت، ثقافت، خوراڪ، واپار ۾ سهولتڪاري، پوسٽل سروسز، ريلوي ۽ عسڪري تربيت سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي لاڳاپيل وزارتن جي وزيرن صحيحون ڪيون. ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاڪ ترڪ اڪنامڪ فريم ورڪ بابت گڏيل پڌرائي تي صحيح ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان هميشه ڀائرن جيان بيٺل رهندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ترڪي جي سلامتي واري وزير ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان ترڪي سان لاڳاپن کي اهميت ڏيندو آهي ۽ پاڪستان ترڪي سان هميشه پنهنجي ڀائرن جيان بيٺل رهندو. ترڪي جي صدر پاڪستان ٻن ڏينهن جي دوري ۾ روايتي ٻڌي ۽ تعلق کي هٿي ۽ پاڪ ترڪ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري ۾ وڌيڪ واڌ کان پوءِ اڄ واپس روانو ٿي ويو. انقره ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ سياسي منظر نامي جي ڪري ڇڪتاڻ، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ آرٽيڪل 370 جي رد ٿيڻ، اسلاموموفوبيا ۽ ملڪ ۾ معاسي ترقي سميت ايف اي ٽي ايف جهڙي مسئلن جي ڪري ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو دورو ڪيتري ئي اعتبار سان اهم سمجهيو پيو وڃي.ان کان سواءِ پاڪ ترڪ جي وچ ۾ لاڳاپن بابت گڏيل ورڪنگ گروپ ( جي ڊِبليو جي) جو اجلاس ۽ ان ۾ ٿيل معاهدي تي خطي ۾ نئين تبديلي کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. وزير اعظم عمران خان ترڪ واپاري ڀائرن کي پاڪستان ۾ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت انتهائي واپار دوست آهي ۽ ترڪي سان واپاري لاڳاپن کي هٿي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي. عمران خان چيو ته زراعت جي شعبي ۾ به ترڪي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ڇو ته هن جي پيداواري صلاحيت پاڪستان کان وڌيڪ آهي، اسان وٽ دنيا جون بهترين زرخيز زمينون آهن پر اسان پنهنجي پاڻي کي صحيح طريقي سان استعمال ناهيون ڪندا ۽ اسان ان سلسلي ۾ به چين سان ٽيڪنڪ سکي سگهون ٿا. هن چيو ته ترڪي جنهن به شعبي ۾ اسان جي مدد ڪرڻ چاهيا، اسان هن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ڀليڪار چئون ٿا ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هنن کي سهولتون فراهم ڪندي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت انتهائي واپار دوست آهي ۽ هيءَ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ واپار دوست حڪومت ثابت ٿيندي ۽ اسان ڪاروباري آسانين جي لاءِ عالمي درجا بندي ۾ هڪ سال ۾ 28 درجا بهتري حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ واپاري برادري جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ترڪ صدر پنهنجي تقرير جي آغاز ۾ ٻن ڏينهن جي پاڪستان جي دوري ۾ شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته ڪالهه منهنجي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ٿي ۽ اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جو موقعو به مليو. هن چيو ته اسان نون واپارن جي لاءِ دروازا کولڻ جي لاءِ پراميد آهيون، اسان پاڪستان ۽ ترڪي جي سياسي لاڳاپن جيان واپاري لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. سندس چوڻ هو ته هن وقت اسان جي وچ ۾ 8 ملين ڊالر جو واپار ٿي رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل قبول ناهي، اسان جي گڏيل آبادي ٽي ارب کان وڌيڪ آهي ان ڪري اسنا کي واپار کي ان مقام تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي جنهن جا اسان مستحق آهيون. اردوان چيو ته ترڪي ۾ پاڪستاني سيڙپ تي ٻڌل 158 ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، اسان ان طرح جون وڌيڪ ڪمپنيون ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، هن وقت اسان وٽ هڪ ماڊل موجود آهي جنهن جي تحت اسان ڪجهه شرطن جي تحت سيڙپڪارن کي ترڪ شهريت جي آڇ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستاني واپارين کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته آئون پاڪستاني ڀائرن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو ترڪ معيشت تي اعتماد رکن، اسان دنيا جي 20 بهترين معيشتن مان هڪ آهيون. ترڪ صدر ٻڌايو ته اسان تي 72 سيڪڙو عوامي قرض هو جيڪو اسان 30 سيڪڙو تائين کڻي آياسين، معاشي جاسوسي ۽ خطي جي صورتحال سميت سمورن چيلنجن جي باوجود اسان ترقي ڪري رهيا آهيون. هن موجوده حڪومت طرفان ڪيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته واپاري برادري کي سهولتن جي فراهم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت قدم کڻي رهي آهي ۽ منهنجي ڀاءُ عمران خان جي قيادت هيٺ سٺو ماحول فراهم ڪري رهي آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هن دوري مان اسان کي به ڪافي اميدون آهن اميد ته عمران خان جي ٽيم بهتر ڪم ڪندي نه ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سياسي بساط وڏي مضبوط آهي.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close