اسلام آباد

ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ترڪي سان لاڳاپا متاثر نه ٿيا: شاھ محمود قريشي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان ترڪي سان اسان جا لاڳاپا متاثر نه ٿياجڏهن ته ترڪ صدر جي پاڪستان آمد کان پوءِ ترڪي سان خراب لاڳاپن تي اڳڪٿيون ساهه ڇڏائي وينديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان اسان جا لاڳاپا ٻين مسلم ملڪن مان متاثر نه ٿيا ۽ نه ئي مسلم امت ۾ ڪي ٻه بلاڪس پيا بڻجن، مسلم مخالف قوتون ورڇ جو تاثر پکيڙي رهيون آهن. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ترڪي ۽ ملائيشيا سان اسان جا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو پاڪستان جو دورو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي، ترڪ صدر جي پاڪستان آمد کان پوءِ ترڪي سان خراب لاڳاپن جا افواهه ختم ٿي ويندا، ترڪ صدر جو ڪشمير مسئلي تي موقف واضح آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هڪ ٻئي جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندا. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي اڪنامڪ زونز ۾ سيپڙڪاري جي لاءِ سمورن ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ترڪي جيڪڏهن سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، ترڪي طرفان سي پيڪ ۾ حصو وٺڻ سان پاڪستان کي ڏاڍو فائدو ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button