مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، خيرپور ۾ راندين جو هفتي جا شاندار مقابلا جاري.

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس، خيرپور ميرس ۾ ھلندڙ راندين جي هفتي 2020 جا شاندار مقابلا ٻئي ڏينھن بھ جاري. ٻئي ڏينھن تي ٽيبل ٽينس جي مقابلن ۾ اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم پيٽروليم ۽ نيچرل گئس انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي مات ڏني جڏھن تھ مڪينيڪل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم اليڪٽريڪل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي ۽ سوِل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم سافٽويئر انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کان ڪاميابي ماڻي. ٻئي پاسي شاگردن جي رساڪشي جي مقابلي ۾ سوِل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم پيٽروليم ۽ نيچرل گئس انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کي ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم سافٽويئر انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کان کٽي وئي جڏھن تھ شاگردياڻين جي رساڪشي جي مقابلي ۾ سوِل انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم سافٽويئر انجنيئرنگ شعبي جي ٽيم کان ڪاميابي ماڻي. راندين جي ھفتي جي ٻئي ڏينھن تي ڪيمپس جي انچارج پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحھ حسين علي پڻ شرڪت ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪئي. ياد رھي تھ چار ڏينھن ھلندڙ راندين جي ھفتي دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درميان رساڪشي، ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، 100، 200 ۽ 400 ميٽر ريس، لانگ جمپ ۽ بيڊمنٽن جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا. شاگردن تمام گهڻي جوش سان راندين جي ھفتي ۾ حصو وٺي رھيا آھن. ڪيمپس جي شاگردن جي وڏو انگ راندين ۾ شرڪت ڪري رھيو آھي جڏھن تھ پنھنجي پنھنجي شعبي جي ٽيم جي حوصلاافزائي لاءِ لاڳاپيل شعبي جا شاگرد ۽ استاد پڻ موجود ھيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button