آرٽيڪل

تنزلي جي آفت ۾ سَٽيل مارئي جو مُلڪ ملير

اجمل مير مهدي، حيدرآباد
باشعور قومن جا فرد پنهنجي قومي جاڳرتا کي ورثي طور پاڻ وٽ نه فقط سهيڙي رکن ٿا پر ان کي بروقت ڪارائتو بڻائي پنهنجي شخصي اهميت، اجتماعي نظرئي، انفرادي حيثيت ۽ عوامي سڃاڻپ کي بحال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. ان سان گڏ باشعور قومون پنهنجي فردن سان گڏ آئيندي جي جياپي جو سبب بڻجندڙ نسل لاءِ لاب رکڻ وارو ڪردار رکن ٿا. جنهن سان انفرادي طور فردن جا فائدا ۽ اجتماعي طور قومي فائدو ٿئي ٿوجنهن سان وڌيڪ ترقي ٿئي ٿي، انهيءَ سبب جي ڪري انهن قومن ۾ تعليمي شرح ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي، اتي ترقي جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا وڃن ٿا، انهن قومن پنهنجي قومي شعور کي قومي وسيلن، اثاثن کي اجتماعي شعور عيوض سنڀالي ڪري هرممڪن فائدو ورتو آهي. جنهن ڪري انهن قومن وٽ ترقي جي تعريف ۽ ننڍي کنڊ ۾ ترقي جي وصف ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي.
ترقيءَ جي وصف جيڪا اڪثر ڪري پاڪستان ۾ سياستدان پيش ڪندا آهن ته روڊ، رستا، گهٽيون ۽ ناليون وغيره ٺهرائي ڏينداسين سا بين الاقوامي ادارن موجب ترقي جي نالي تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ واري تعريف آهي. موئن جي دڙي جي تاريخ ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسان جا ماروئڙا شاهوڪار، مالدار هجڻ سان گڏ تمام گهڻا پڙهيا، لکيا ۽ باشعور هيا. جنهن دور ۾ دنيا ۾ بارٽر سسٽم ( يعني شين جي بدلي شيءِ وٺڻ ۽ ڏيڻ جو نظام) هو ان وقت سنڌ ۾ سڪن يعني ڪرنسيءَ جو رواج ملي ٿو. ارغون، ترخون، عرب ۽ عجمي سنڌ تي ڪيترا دفعا ڪاهه ڪري آيا پر سنڌ جي نقشي کي بگاڙي نه سگهيا نه ئي ملير جي ماروئڙن کان سڃاڻپ، تاريخ، تمدن ۽ ثقافت کسي سگهيا. ماضيءَ جي انهن ورقن کي وڏي جائزي کان پوءِ ڳالهه ان نتيجي تي پهچي ٿي ته سنڌ جي شاهوڪار ماضيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي نه ئي سنڌ جي پراڻن ماڻهن جي تعليم ۾ ڪا گهٽتائي نظر اچي ٿي.
پوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين، ڪي ٽي بندر کان ڪارونجهر تائين، سنڌو دريا جي ڇوڙ کان پُڇڙي تائين ماروئڙن جا مسئلا، پيچيده حالتون رت جا ڳوڙها ڇو ٿا روئارين؟
معصوم نياڻين سان جنسي درندگي، معصوم ٻارڙن سان جنسي بگهڙن جون جنسي ڏاڍائيون، ماروئڙا مٺي پاڻي جي ڍُڪ لاءِ سڪن پيا ۽ سنڌو دريا جو پاڻي ماروئڙن جي اجهن تائين نه پهچڻ، بيروزگاري سبب خودڪشي ڪندڙ نوجوانن جي علمناڪ دردن جي ڪهڙي ڪٿا ڪجي؟ هڪ درد ڀري داستان ورسٽين ۾ ملي ٿي جنهن جي ڪري ورسٽيون هاڻي مستقبل جي معمارن لاءِ ڪنهن خطري کان گهٽ ناهن رهيون، ڳاٽي ٽوڙ ڳريون فيسون، نه صاف پاڻي ملي ٿو، نه ئي شاگردن لاءِ رهائش موزون ۽ مناسب موجود آهي، پوائنٽس جا ڊرائيور سنڌ امڙ جي نياڻين سان معمول مطابق ڇيڙڇاڙ ڪن ٿا، انتظاميه فيسن ۾ اضافي ڪرڻ باوجود لکن روپين جا چالان وصول ڪري ٿي ۽ سهولتن جي نالي تي هميشه کان ويساهه گاتيون ڪندي آئي آهي. پوءِ سنڌ ۾ ڪهڙي ترقيءَ جا جهنڊا لڳائي سگهبا؟ ائين تاريخ جي اونداهي دور ۾ پنهنجو پاڻ کي ڌڪي رهيا آهيون.
شاگرد تحريڪن، مستقبل جي معمارن جي سٿن، نوجوانن جي پليٽ فارمن کي شاگردن جي ڳڻتيءَ جوڳي حالتن تي مسقتل مزاجيءَ کان ڪم وٺي ڪري جامع حڪمتِ عملي سان احتجاج ۽ شعور جو ڀرپور مظاهرو ڪري مستقبل جي معمارن جي لاءِ علم ۽ شعور جي راهه هموار ڪئي وڃي. سنڌ سرڪار جي شاگرديونين بحال ڪرڻ واري اعلان کي ڀليڪار چئجي ٿوپر جيڪڏهن سنڌ سرڪارشاگردن جي جائز مسئلن کي سنجيدگيءَ سان وٺي ڪري نبيرو ڪري ته جئين سنڌ ۾ موجود ترقي جي راهه ۾ وڏي رُڪاوٽ کي هٽائي سگهجي. سنڌ سرڪار جي اعلانن باوجود انتظاميه انتهائي شرمناڪ رويو رکي ويٺي آهي هي رام ڪٿا ڪنهن هڪ ورسٽي جي ناهي پر سنڌ جي مڙني علمي درسگاهن ۽ ورسٽين جي آهي جتي شاگردن سان ٿيندڙ معمول مطابق ويساه گاتيون سخت مذمت جوڳو عمل آهن.
جيڪڏهن ائين ئي مستقبل جي معمارن سان منفي روئي وارو وهڪرو جاري ۽ ساري رهيو ته پوءِ ماروئڙن جي تنزلي وارو سفر وڌيڪ تيز ٿي ويندو ۽ حالتون فلسطين ۽ ڪشمير جيان ڏيک ڏينديون. ظُلم ۽ ناانصافي جي خاتمي کان بغير ترقي جو سوال ئي پيدا نه ٿي سگهي ٿو، عدل ۽ انصاف جي موجودگي ۾ ڪُفر وارو نظام ترقي سگهي ٿو. مولا علي عليه سلام جو فرمان آهي ته ”حڪومتون ڪُفر سان هلي سگهن ٿيون پر ظُلم سان ڪڏهن به نه“.وفاق پاران سنڌ جي حقن تي هميشه ڌاڙو هنيو ويو آهي پوءِ اهو سنڌ طاس معاهدي تحت پاڻي ڏيڻو هجي يا وري اين ايف سي ايوارڊ مطابق ڏوڪڙ ادا ڪرڻا هجن يا سنڌ جي ترقياتي اسڪيمون هجن هميشه نظرانداز ڪندي الزامن جي وَر چاڙهي ڪري کُتو جواب ڏنو ويو آهي. جيڪو سنڌ جي تنزلي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.
پاڻي نه ملندو ته اسان جو ڊيلٽا تباه ٿي چُڪو آهي جيڪو اڳئي مرحلي ۾ بدين ۽ حيدرآباد جو رُخ ڪندو، سمنڊ کي دريا وارو پاڻي نه ملندو ته اهو ساحلي پٽي ۽ ڊيلٽا ڳرڪائيندو ويندو. صرف ايترو ئي نه پر آبادگارن، هارين، ڪُڙمين جي ماني ٽڪر کسڻ ۾ اضافو ٿيندو، فصل نه ٿيندا ته آبادگار، هاري ۽ ڪُڙمي بي يارومددگار مرندا رهندا جنهن سان مارئي جي مُلڪ ۾ تنزلي جي وڌيڪ بابن ۾ حيرت انگيز واڌارو ٿيندو.
سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن، پراجيڪٽ، ڪمن جو پورو نه ٿيڻ يا بُلڪل به نه ٿيڻ ۽ وفاق پاران ترقياتي اسڪيمون رد ڪرڻ سان مهراڻ جي سانگيئڙن سان وڏي ناانصافي آهي. اهو به هڪ وڌيڪ دليل آهي سنڌ کي تنزلي ۾ رکڻ ۽ تنزلي ۾ ڌڪڻ.
جهموري راڄ هجڻ باوجود جهموري حقن جي لتاڙ رياستي جبر، ظُلم ۽ ڏاڍ کي ظاهر ڪري ٿي. غريب ماڻهو ماني کائڻ لاءِ سڪي رهيو آهي، اٽو مهانگو ٿي چُڪو آهي، پيٽرول گئيس جون قيمتون پهريان ئي آسمان مٿي تي کنيون ويٺيون آهن. ٻئي طرف انصاف۽ عدل جي نالي تي قائم ٿيل قانوني ادارن ۾ ڪامورا خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن جنهن سان به ترقي جي رُڪاوٽ کي هٿي ملي رهي آهي. انساني ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ معصوم ٻارڙن جي جنسي درندگي ڪافي آهي پر نه، نه انهن قانون ۽ انصاف جي ذميدارن جو ضمير ٿو جاڳي نه ئي اهي حادثا رُڪجڻ جو نالو وٺن ٿا. رياست جي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ لاءِ روزجو معمول بڻيل خُودڪَشيون ڪافي آهن پر شايد اسان جي جهموري ماڻهن پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جو نمرتا کي انصاف نٿو ملي نه ئي گهنشام ڀيل جي قانون مدد ڪئي نه ئي قتل جا واقعا گهٽيا آهن.
انصاف ۽ قانون جي مسند تي ويٺل ذميدارن کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس عوامي شعور سان جاڳائي سگهجي ٿو ته جئين ماروئڙن جا وڌيڪ اجها نه سڙي راک ٿين، ان لاءِ مستقبل جي معمارن، هارين، نارين، آبادگارن سميت معاشري جي هر فرد کي باشعور بنائڻ اڻٽر ضرورت آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرجي ته سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي ڪري عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ ڪارائتا قدم کڻي. ان کان علاوه ورسٽين، علمي درسگاهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي اتي موجود شاگردن کي هر ممڪن سهولت ڏني وڃي ته جئين مسقتبل جي معمارن کي جسماني بيمارين سان گڏ سماجي بيمارين کان بچائيو وڃي ۽ تنزلي جي باب کي هميشه لاءِ فُل اسٽاپ ڪندي ترقي جي نئي باب کي شُروع ڪري سگهجي.
ليکڪ: اجمل مير مهدي، حيدرآباد

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close