آرٽيڪل

شهادت حضرت امام علي نقي عليه السلام

خاڪي سَيّد ارشد علي بخاري

Arshad Shah
خاڪي سَيّد ارشد علي بخاري
نالو ابوالحسن علي نقي الهادي عليه السلام، والد بزرگوار حضرت امام محمد تقي عليه السلام، والده ماجده سمانه، تاريخ ولادت 15 ذي الحج 212 هجري، جاءِ ولادت صريا(مدينه)، القاب نقي، هادي، ابوالحسن الثالث به چيو ويندو آهي. 220 هجريءَ ۾ حضرت امام جواد عليه السلام جي شهادت کان بعد حضرت امام علي نقي عليه السلام مسندِامامت تي جلوه افروز ٿيا. حضرت امام علي نقي عليه السلام جي عمر 8 اٺ سال هئي. حضرت امام علي نقي عليه السلام 22 سال امامت ڪئي، 41 سال ۽ ڪجهه مهينه زنده رهيا، 3 رجب 254 هجريءَ ۾ حضرت امام علي نقي عليه السلام جي شهادت واقع ٿي. حضرت امام علي نقي عليه السلام پنهنجي زندگيءَ ۾ بني عباس جي خليفن جو عروج ۽ زوال ڏٺو، پنهنجي امامت کان پهريان “مامون” ۽ ان جي ڀاءُ “معتصم”جو دورِ حڪومت ڏٺو. امامت جي دوران معتصم جا ڪجهه ڏينهن، معتصم جي پٽ منتصر، منتصر جي سوٽ مستعين ۽ متوڪل جي ٻئي پٽ معتز کي ڏٺو. معتز جي هٿان حضرت امام علي نقي عليه السلام جي شهادت واقع ٿي. حضرت امام علي نقي عليه السلام جي اولاد ۾ 11 يارهون امام،حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام، “حسين”.“محمد”.“جعفر” ۽ هڪ نياڻي عليه جن آهن. حضرت امام علي نقي عليه السلام عوام جي هدايت، ضمانتن جي حقن ۽مظلومن جي طرفداريءَ کان هڪ سيڪنڊ کان به غافل ڪون رهندا هئا ۽ مسلسل ظلم جي خلاف آواز بلند ڪندا هئا، عوام جي حقن جي حفاظت ڪندا رهيا ۽ ان تي ثابت قدم رهيا. ان ڪري حڪومتِ وقت کي هميشه پنهنجي مٿان خطري جا ڪڪر نظر ايندا رهندا هئا. ان ڪري هميشه ان فڪر ۾ رهندا هئا ته ڪهڙي طرح حضرت امام علي نقي عليه السلام جي ڪردار کي داغدار بڻائي عوام جي اڳيان پيش ڪري عوام ۾ حضرت امام علي نقي عليه السلام جي اهميت گھٽ ڪريون ته جيئن حضرت امام علي نقي عليه السلام عوام کي هدايت نه ڪري سگھي.
جيڪو به حضرت امام علي نقي عليه السلام جي حالاتِ زندگيءَ تي نظر وجھندو ته آسانيءَ سان سمجھي ويندو. حضرت امام علي نقي عليه السلام جي سڄي زندگي قيد بند، سختين۽ پابندين ۾گذري. اها صورتحال صرف حضرت امام علي نقي عليه السلام سان مخصوص نه هئي. بني اميه ۽ بني عباس جي حڪومتن ۾ آئمه معصومين مٿان ائين ئي ظلم، قيد ۽ سختيون هيون. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ آزاديون مليون. تقريبن غاصب خليفا معاشري جي فلاح بهبود کان پاسيرو رهندا هئا ۽ عوام کي ناپاڪ مقصدن جو حصو بڻائيندا هئا. ظالم ۽ جابر حڪومتن جي زماني ۾ عوام ۾ تمام گھڻو خوف رهيو جو هو حڪومتِ وقت جي خلاف سوچي به نه سگھندا هئا. عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويندا هئا ۽ عوام کي مصروف رکيو ويندو هو۽ ائين ئي هربا هلايا ويندا هئا ته جيئن عوام حضرت امام علي نقي عليه السلام کا پري رهي ته جيئن امام جي گفتگوءَ مان رهنمائي حاصل نه ڪري سگھي. ان ڪري حڪومتِ وقت حضرت امام علي نقي عليه السلام کي زبردستي مدينه مان سامرا ڏانهن گھرائي قيد ڪيو ۽ حضرت امام علي نقي عليه السلام مٿان وڌيڪ ظلم ۽ سختيون ڪيون ائين عوام کي امام کان پري رکيو. حضرت امام علي نقي عليه السلام اهي سڀ ظلم ۽ سختيون برداشت ڪيو پر ظلم حڪومتِ وقت جي بعيت نه ڪئي ۽ نه ئي انهن سان اتفاق ڪيو.بني عباس پنهنجو اثر سمجھندي حضرت امام علي نقي عليه السلام کي قتل ڪري خداجي روشني ڏيندڙ هدايت جي ڏئي کي وسائي(خاموش ڪري) ڇڏيو.اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٻين آئمه جي طرح حضرت امام علي نقي عليه السلام جي قدرتي موت سان هن دنيا مان رحلت ڪونه ڪئي بلقه معتز عباسيءَ جي حڪومت ۾ حضرت امام علي نقي عليه السلام کي زهر ڏنو ويو.(نورالابصار شبلنجي ص 183، انوارالبهيه ص 150). 3 رجب 254هجريءَ ۾ مولا حضرت امام علي نقي عليه السلام جي شهادت واقع ٿي ۽ حضرت امام علي نقي عليه السلام کي پنهنجي ئي گھر(سامرا) ۾ دفن ڪيو ويو.(ارشاد مفيد ص 314، اعلام الوريٰ ص 355، انوارالبهيه ص15) معتز ۽ ان جي اتحادي هميشه ان ڪوشش ۾ رهيا ته حضرت امام علي نقي عليه السلام جا دوست ۽ چاهڻ وارن ۾ ظاهر ٿيو. حضرت امام علي نقي عليه السلام جي جنازي ۽ تدفين ۾ شريڪ ٿي عوام کي پنهنجي توجه جو مرڪز بڻايون ۽ عوام کان همدرديون وٺون ۽ ائين امام مٿان ظلم، سختين ۽ آخري وار زهر ڏئي حضرت امام علي نقي عليه السلام کي شهادت جو جام پيارڻ واري عمل تي پردووجھي سگھون. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته حضرت امام علي نقي عليه السلام جي جنازه نماز ان جي پٽ حضرت امام حسن عسڪري علي السلام گھر ۾ پڙهائي هئي.(انوار البهيه ص 151) جنازه نماز پڙهائڻ کان بعد گھر کان ٻاهر آندو ويو. معتز پنهنجي ڀاءُ احمد بن متوڪل کي موڪليو ۽ چيو ته حضرت امام علي نقي عليه السلام جي جنازه نماز ابي احمد نالي سڙڪ تي پڙهائيو، اتي حضرت امام علي نقي عليه السلام جي نمازِ جنازه پڙهي وئي ۽ ماڻهن تمام گھڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ماڻهون تمام گھڻو رُنا. بعد ۾ وري واپس حضرت امام علي نقي عليه السلام کي پنهنجي گھر آندو ويو ۽ گھر ۾ دفن ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button