آرٽيڪل

مهانگائي ماري ڇڏيو

وفا معشوق علي کوکر، خيرپور ناٿن شاھ

Wafa Mashooq Ali
وفا معشوق علي کوکر
سنڌ ۾ هن وقت جيڪا بنا سبب مهانگائي آهي، ان غريبن جي وات تان گرهه به  کسي ورتو آهي، مهانگائي عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، مهانگائي سنڌ ۾ خيما کوڙي ويٺل آهي. حڪومتي قدمن سان اها شديد کان شديد تر ٿيندي وڃي، ڪڏهن بجلي مهانگي، ڪڏهن تيل جي اگهن ۾ واڌ ته ڪڏهن وري راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌندڙ گئس جا اگهه. ان مهانگائيءَ سبب ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، ماڻهن جي جيئاپي لاءِ بنيادي اسمن تائين رسائي ممڪن نه رهي آهي، مهانگائي گهٽائڻ بدران حڪمرانن جا قدم ويتر ان کي وڌائي رهيا آهن. سنڌ ۾ بدترين مهانگائي ماڻهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، مهانگائي گهٽائڻ بدران لڳاتار اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، جن سان مهانگائي وڌندي وڃي، لڳي ائين ٿو ته ڄڻ حڪومت آبادي گهٽائڻ واري مشن تي لٿل هجي، هونئن ته هر ڳالهه جو هڪ سبب هوندو آهي، ڪو جواز هوندو آهي، مهانگائي کي روڪڻ جو هڪ مئڪينزم ۽ طريقيڪار هوندو آهي، پر هتي ويتر مهانگائيءَ کي بنياد فراهم ڪيا پيا وڃن، هتي قيمتون ڪيئن ڪنٽرول ٿين، سرڪاري اهلڪارن کي ان جو ڪوبه اندازو ۽ ادراڪ نه آهي، قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي وچ ۾ فوٽبال بڻيل آهي، جنهن ۾ ڇيهه اهو ته پرائس ڪنٽرول انسپيڪٽر ڇاپا هڻي ڏنڊ وجهن ٿا ۽ دڪاندار وري ترن جو تيل، ترن مان ڪڍي وٺندا آهن، هاڻي ته عام ڀاڄيون به ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. ڀاڄين جي اگهن ۾ ايڪسيليٽر تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، حڪومت عوام کي ان معاشي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ تيار نه آهي. ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ کان مجبور ٿي خودڪشيون پيا ڪن، سنڌ سرڪار طرفان هر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ضابطي لاءِ پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيون جوڙيل آهن، پر اهي ڪهڙي گرهه تي ڪم پيون ڪن؟ سنڌ ۾ ته صورتحال اها آهي جو آمدنيءَ جا ذريعا ئي نه آهن، بيروزگاري عروج تي آهي، هٿرادو نموني وڌايل مهانگائي ذريعي ماڻهن جي جيئڻ جا گس بند ڪرڻ خلاف منتظمين جي تحرڪ نه وٺڻ به ان صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، هٿرادو مهانگائي، بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز نفعي خوري جيئن ته معاشي دهشتگردي آهي ۽ عوام کي ان کان بچائڻ منتظمين جي ذميواري آهي ۽ بدانتظامي ان سڄي صورتحال ۾ سهولتڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ بدترين مهانگائيءَ تي حڪمرانن کي ڳڻتي نه هجڻ به هڪ وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي، جيئن ته عوام کي ان معاشي دهشتگرديءَ کان بچايو وڃي، سنڌ ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌندڙ ڀاڄين  ۽ اٽي جي اگهن ۾ ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هاڻي ڀاڄين، اٽي  تائين به عام ماڻهن جي رسائي ممڪن نه رهي آهي انتظاميا کي گهرجي ته نوٽيس وٺي غريب عوام کي جئيڻ ڏنو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button