حڪومت قومپرست ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي
ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪارونجهر کان ڪوهستان تائين قومي ڪارڪن ماٺ ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌ جي قومپرست پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جنهن جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه آهي، سندس پارٽي ڪارڪنن خلاف گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بنا جواز رڻ ٻاريو ويو آهي، ڄامشوري جي قومي ڪارڪن اختر شاهه کان وٺي ميهڙ ڄائي ممتاز ڳورڙ تائين هن وقت تائين سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي چئن سرگرم ۽ مُک اڳواڻن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي ۽ ڪيترائي ڪارڪن پڻ مختلف ڏاڍ ۽ جبر تحت مختلف شهرن ۾ سختيون سَٺي رهيا آهن.
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ڌرتي تي جتي ٻيون قومپرست پارٽيون پنهنجي پنهنجي نظريي ۽ منشور تحت سرگرم آهن ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيون آهن اُتي ساڳئي وقت سنڌ يونائيٽڊ پارٽي به قومي مفادن خاطر ميدان تي ڀرپور نموني سرگرم هجڻ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وفادار ڪارڪن تنظيمي حڪمن کي لبيڪ چوندي هر محاذ تي ٻه قدم اڳيان وڌندي ڏٺا ويا آهن، سنڌ ڌرتي توڙي جو سنڌي قوم سان ٿيندڙ ٻه اکيائي وارو عمل هجي يا مختلف وقتن تي وفاق طرفان سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ يا سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ وار ڪرڻ جا سلسلا هجن، هر موڙ تي انهن غيراخلاقي ۽ غير پارلياماني عملن جي خلاف سنڌ جي ٻين قومپرست پارٽين جي طرفان آواز اٿاريو ويو آهي ته اُتي ساڳئي وقت سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اثرائتي ۽ سگهاري انداز ۾ پاڻ ملهايو آهي.
ايس يو پي سنڌ جي واحد قومپرست پارٽي آهي، جنهن مختلف وقتن تي پارلياماني چونڊن ۾ به حصو ورتو آهي ۽ پارلياماني سياست هجي يا مڪاني چونڊون هجن، پوري سنڌ ۾ ڪنهن به موقعي تي ان جماعت خالي ميدان ناهي ڇڏيو، جنهن ڪري ئي ڪجهه عرصي کان ايس يو پي جي مُک اڳواڻن کي نشانو بنايو پيو وڃي، جنهن جو دليل ڪجهه سال پهريان حيدرآباد جي نسيم نگر چوڪ تي اليڪشني ڪئمپ مٿان هٿياربندن پاران هٿيارن جا منهن کولڻ وارو عمل هو، نتيجي ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر انور لغاري شهيد ٿي ويو هو، جنهن جي به ورسي به تازو گذري وئي آهي، ان کان پهرين هڪ ٻيو قومي ڪارڪن اختر شاهه جيڪو ڄامشوري ۾ ماريو ويو ۽ سندس ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ موجود آهي، ان ڪارڪن جي شهادت جو سبب رڳو تنظيمي سرگرميون عروج تي پهچائڻ هو، ايس يو پي سان لاڳاپيل هڪ ٻيو نوجوان قائم الدين سرڪي جيڪو به جيڪب آباد ضلعي جي ٺل شهر جو رهواسي هو، سو به ائين بيدردري سان ماريو ويو، جنهن جي شهادت کانپوءِ گذريل 7 مهينن کان قومي ڪارڪن ۽ ٺل شهر جا رهواسي پنهنجو لاڳيتو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا پيا اچن، ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اڃا تائين قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ناهن ڪيا ويا، ٺل ۾ شهيد ٿيل قائم الدين سرڪي نه رڳو ايس يو پي جو اڳواڻ هو پر گڏوگڏ شهر اندر سٺي ۽ ايمانداري سان ڪاروباري ساک رکندڙ شريف شهري هو، جنهن کي رات جي اونداهي ۾ رهزنن پتو نه ڏيڻ تا چند ٽڪن عيوض ماري ڇڏيو، واقعي کانپوءِ جتي شهيد جا وارث توڙي ايس يو پي ڪارڪن سراپا احتجاج آهن، اُتي ساڳئي وقت جدوجهد ايڪشن ڪميٽي به جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکڻ جو عزم ڪري چڪي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل قومي ڪارڪنن کانسواءِ ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جو اهم ۽ سرگرم اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جيڪو ڪجهه ڏينهن پهرين ڪوٽڙي جي بهار ڪالوني ۾گولين سان پروڻ ڪيو ويو، هو اصل ميهڙ جو هو پر ڪافي عرصي کان ڪوٽڙي ۾ آباد هو، منهنجون ساڻس ڪافي ڀيرا ملاقاتون به ٿيون هيون، پاڻ سياسي ۽ قومي ڪارڪن هجڻ سميت هڪ سوشل ورڪر ۽ سماجي سوچ رکندڙ انسان دوست هو، ڪهڙي خبر هئي ته دشمني تحت هي به قومي ڪارڪن وڇڙي ويندو ۽ هزارين دوستن جو اکيون آليون ڪري ويندو، جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ به ايس يو پي ڪارڪن سراپا احتجاج آهن، گذريل ڪجهه عرصي ۾ مجموعي طور پوري سنڌ جي مختلف شهرن مان ايس يو پي جا چار ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ قاتلن جي گرفتاري خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيو آهي، انهن واقعن کان علاوه ايس يو پي ڪارڪنن خلاف گرفتارين ۽ هراسمينٽ توڙي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي، حالانڪه ايس يو پي قومي تنظيم سان گڏ هڪ پرامن قومپرست پارٽي آهي، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي ۾ امن جي پرچار کڻي هلندڙ ايس يو پي ڪارڪنن کي جانورن جيان گهليو ويو، ڪجهه ڏينهن پهرين تنگواڻي، ٺل روڊ تي جڏهن اتان جي مقامي ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو پئي ويو ته اتان جي پوليس نه رڳو انهن قومي ڪارڪنن جي خلاف دهشتگردي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيا پر قومي ڪارڪنن کي پوليس اهڙي طرح روڊن تي گهلي تشدد جو نشانو بنايو، ڄڻ ته اهي ڌاڙيل، ڦورو، دهشتگرد يا ڪي گهربل ڏوهاري هجن. هونئن به اسان جي معاشري ۾ سنڌ پوليس هٿين خالي شهرين مٿان وڌيڪ بهادري جو مظاهري ڪري ڏيکاريندي آهي، جيئن تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ جي روڊن تي ڏٺو ويو، بهرحال، هن وقت ايس يو پي جي سڏ تي پوري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جي باهه ڀڙڪيل آهي، هاڻي خبر ناهي ته ان جو ڪو کڙتيل نڪرندو به يا نه يا وري ٻيو ڪو قومي ڪارڪن ڪنهن جي ور چڙهندو.
آئون سنڌ جي هن اهم فورم تي فقط ۽ فقط حڪومت کان پنهنجيون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پرزور مطالبو ڪندس ۽ اها گهر ڪندس ته جيڪي سياسي ڪارڪن اهڙي طرح ماريا پيا وڃن، اهو سلسلو روڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي قومي ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ وکون وڌائڻ گهرجن ته سنڌ ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي، حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا انهيءَ عمل کي يقيني بڻائن ته هن ملڪ جي عوام کي پرامن نموني پنهنجي سياسي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي آزادي آهي ۽ اهڙو حق هن ملڪ جو آئين به ڏئي ٿو. حڪومت کي فقط پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي آهي، جيڪا پوري ٿيندي نظر نه پئي اچي، ان ڪري هن اهم اشو تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سڄاڻ ڌريون اڳتي اچن.