آرٽيڪل

ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۽ پاڪستاني عوام جون اميدون

شيرمحمد سولنگي

پاڪستاني عوام جون جيڪي اميدون پي ٽي آئي حڪومت مان هيون سڀ هاڻي دم ٽوري ويون آهن وزيراعظم عمران خان جيتوڻيڪ پر اميد آهي پر مهانگائي ۽ حڪومتي غلط پاليسن سبب عوام ڏاڍو پريسان آهي ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ان کي جون 2020ع تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ماتحت ناڻي ڊويزن مان جاري بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي تحت مثبت اڳڀرائي ڪئي ۽ ٽاسڪ فورس پاڪستان جي بندوبستن کي قبول ڪيو ۽ ايڪشن پلان تي عمل جي عزم کي ساراهيو.بيان ۾ چيو ويو ته ايف اي ٽي ايف وڌيڪ بندوبستن جي لاءِ پاڪستان کي جون 2020ع تائين وقت ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو هاڻ جون ۾ ورتو ويندو، جڏهن ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ناڻي ڊويزن موجب حڪومت ايڪشن پلان جي باقي نقطن تي عمل جي لاءِ بندوبست ڪندي ۽ حڪمت عملي مرتب ڪئي آهي.هوڏانهن چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوانگ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته پاڪستان دهشتگردن جي فنڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي نظام ۾ چڱي بهتري ڪئي آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انهن قدمن کي نظر ۾ رکندي ايف اي ٽي ايف جي ميمبر ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان کي پنهنجي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويندو.پريس بريفنگ ۾ جڏهن چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان کان ايف اي ٽي ايف اجلاس جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن چيو پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي نظام ۾ چڱي بهتري ڪئي آهي جنهن جو اعتراف 20 فيبروري تي پڄاڻي تي پهچندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن جي اڪثريت ڪيو.هن چيو ته اجلاس ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان کي پنهنجي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويندو.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارتي ميڊيا رپورٽن جي ترديد ڪندي چيو ته ان معاملي ۾ چين جو موقف تبديل ناهي ٿيو، واضح طور تي پاڪستان ٽيرر فنانسنگ جي خاتمي جي لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان جو اعتراف ايف اي ٽي ايف جي تازي ميٽنگ ۾ به ڪيو ويو.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايف اي ٽي ايف جو مقصد ئي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جو مالي سهڪار روڪڻ ۾ ملڪن جي مدد ڪرڻ ۽ ان جي رياستي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.هن چيو ته ان معاملي ۾ پاڪستان کي وڌيڪ سهڪار فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏکئي وقت مان نڪرڻ جو مطلب اِهو ناهي ته آسان زندگي اچي وئي پر اڃان اڳتي به چيلينج آهن.عمران خان پنجاب صوبي جي علائقي ليه ۾ احساس آمدن پروگرام جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻايون.هن چيو ته هن وقت تائين اسان جي ملڪ ۾ جيڪا ترقي ٿي ان ۾ امير اڃان امير ۽ غريب اڃان غريب ٿيندو ويو ۽ ان ۾ فاصلو وڌندو ويو.
وزير اعظم جو چوڻ هو ته چين جي ترقي جو سبب اِهو آهي ته هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ اِهو ئي اسان جو پاڪستان جي خواب آهي، ان ڪري هي احساس پروگرام آهي جنهن جو مقصد هيٺين طبقي کي مٿي کڻڻ آهي.هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو ته عورتن کي کي ڳئون، هڪ مينهن ۽ ٽي ٻڪريون ڏيون جيئن هو پنهنجو گهر هلائي سگهن، ان کان سواءِ هر مهيني 80 هزار ماڻهن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا جڏهن ته نوجوانن کي هر سال 50 هزار اسڪالر شپون ڏنيون وينديون.وزير اعظم جو چوڻ هو ته ان کان سواءِ اسان سڄي پاڪستان ۾ پناهه گاهون پيا بڻايون، اُهي ماڻهو جيڪي روڊن تي سمهندا آهن انهن جي لاءِ اِهي پناهه گاهون بڻائينداسين جيئن اهڙا ماڻهو اُتي رات گذاري سگهن ۽ انهن کي مفت ۾ ماني ملي.ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته هن وقت 180 پناهه گاهون بڻجي چڪيون آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪو ماڻهو روڊ تي نه سمهي.هڪ نئين قانون بابت ڳالهائيندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان هڪ نئون قانون پيا آڻيون جيئن اُهي غريب جيڪي وڪيل نٿا ڪري سگهن انهن کي حڪومت وڪيل ڪري ڏئي جيئن ان کي عدالت مان انصاف ملي سگهي.پنهنجي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 60 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ ملندا جڏهن ته اسان اسپتال بڻائڻ ۽ ان جي مشينري جي درآمدات تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪري ڇڏي آهن.اسڪولن ۽ تعليمي نظام جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پراڻي بگڙيل نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته هڪ نصاب جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون جيئن سڀ هڪ نصاب مان تعليم حاصل ڪري سگهن، پر اِهو ڏکيو آهي ڇو ته اسان 70 ۾ ان کي بگاڙيو آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.ٿاڻي ڪچهري تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان پوليس جو نئون نظام آڻڻ چاهيون ٿا ۽ مون نئين آءِ جي کي چيو آهي ته ننڍن نه پر وڏن بدمعاشن کي پڪڙيو.ٻئي طرف اپوزيشن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدو نااهلي ۽ نالائقي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي گهمن پيا جڏهن ته جيڪي روزگار سان لڳل آهن انهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، عام ماڻهو کان گهر کسيو پيو وڃي ۽ دڪان ڊاهيا پيا وڃن جڏهن ته قومي ناڻي جو پيسو عوام تائين نه پيو پهچي.بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت پاڪستان جي معاشي خودمختاري تي سودي بازي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جيڪي خواب ڏيکاريا اُهي پراڻي پاڪستان ۾ رهجي ويا، حڪومت معيشت جو ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي تار تار ڪري رهي آهي، ان تي حملو غريب ماڻهو تي حملو آهي، انهن کي ڀٽي سان بغض آهي ان ڪري شهيد بينظير ڀٽو پروگرام ختم ڪرڻ چاهن ٿا ۽ بيبي جي تصوير هٽائڻ چاهن ٿا.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون قبول ڪيون، هي ڪهڙي قسم جي آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ ڊيل آهي، حڪومت کي خبر ئي ناهي ته معيشت ڪيئن هلائي ويندي آهي. حڪومت غريبن جي بدران اميرن کي سهولت ڏني جڏهن ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدو نااهلي ۽ نالائقي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايوان ۾ نه مخالف ڌر پئي اچي ۽ نه ئي وزير اعظم ان ڪري ايوان ۾ نه اچڻ تي مخالف ڌر اڳواڻ تبديل ڪرڻو آهي ته وزير اعظم کي به تبديل ڪيو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدو نااهلي ۽ نالائقي آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي گهمن پيا جڏهن ته جيڪي روزگار سان لڳل آهن انهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، عام ماڻهو کان گهر کسيو پيو وڃي ۽ دڪان ڊاهيا پيا وڃن جڏهن ته قومي ناڻي جو پيسو عوام تائين نه پيو پهچي.بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت پاڪستان جي معاشي خودمختاري تي سودي بازي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جيڪي خواب ڏيکاريا اُهي پراڻي پاڪستان ۾ رهجي ويا، حڪومت معيشت جو ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي تار تار ڪري رهي آهي، ان تي حملو غريب ماڻهو تي حملو آهي، انهن کي ڀٽي سان بغض آهي ان ڪري شهيد بينظير ڀٽو پروگرام ختم ڪرڻ چاهن ٿا ۽ بيبي جي تصوير هٽائڻ چاهن ٿا.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون قبول ڪيون، هي ڪهڙي قسم جي آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ ڊيل آهي، حڪومت کي خبر ئي ناهي ته معيشت ڪيئن هلائي ويندي آهي. حڪومت غريبن جي بدران اميرن کي سهولت ڏني جڏهن ته حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدو نااهلي ۽ نالائقي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايوان ۾ نه مخالف ڌر پئي اچي ۽ نه ئي وزير اعظم ان ڪري ايوان ۾ نه اچڻ تي مخالف ڌر اڳواڻ تبديل ڪرڻو آهي ته وزير اعظم کي به تبديل ڪيو. اميد ته پاڪستان جا مسئلا بغير ڪنهن ترسيل جي حل ٿيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button