آرٽيڪل

ڀارت ۾ هلندڙ فسادن جا اسان جي ملڪ تي اثر پوندا؟

صاحب خان ڀٽي

Sahib Khan Bhatti
صاحب خان ڀٽي
جڏهن به پاڙيسري ملڪ ۾ فساد ٿيندا آهن ته ان جا اثر اسان جي ملڪ تي ضرور پوندا آهن، هن ڀيري ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري بل تي مسلمانن جي احتجاج کانپوءِ عوام ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، غير مسلمن جي اڪثريت تڪراري بل جي حمايت ۾ مظاهرا ڪري رهي آهي ۽ ان کي حڪومتي آشيروارد به حاصل آهي، ٻئي طرف وري مسلمان انهيءَ بل خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڀارتي فنڪار ۽ ڪجهه سياستدان مسلمانن سان گڏ احتجاج ۾ به شريڪ رهيا آهن پر هن وقت حالتون حڪومت جي هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ هن وقت مذهبي فساد جي باهه ڀڙڪڻ شروع ٿي وئي آهي، جنهن جا اثر اسان جي ملڪ تي نه پوڻ جو ته سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ هڪ ئي آهي ته جيئن ڀارت ۾ شرپسند سرگرم آهن، اهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ به شرپسندن جي کوٽ نه آهي، جيڪي اقليتن تي ظلم ڪرڻ جو موقعو هٿ کان نه وڃائيندا آهن، جڏهن به کين موقعو ملندو آهي، اهي ڪو نه ڪو فساد پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ڪڏهن عيسائين جي عبادتگاهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن وري مندرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، جن خلاف ڪارروائي نالي ماتر ٿيندا آهن، هن ڀيري به پاڙيسري ملڪ ۾ هڪ مذهبي فساد جي شروعات هڪ تڪراري بل کان ٿي آهي، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر مسلمان ئي ٿيا آهن ۽ انهيءَ بل تي رڳو اعتراض به ڀارتي مسلمانن کي هو، ڀارتي مسلمانن جو چوڻ آهي ته شهريت جو تڪراري بل پيش ڪري ساڻن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڀارت جي ماضي واري صورتحال تي نظر وڌي وڃي ته 1984ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌي کي سندس سک محافظ قتل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڀارت جي گادي واري شهر ۾ فساد پکڙجي ويا آهن، جنهن کانپوءِ مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو هو ۽ لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا، هونئن ته ڀارت ۾ مذهبي فساد ٿيندا رهندا آهن، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار به ٿيا پر 2002ع ۾ گجرات ۾ هڪ ٽرين ۾ باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 60 هندو ياتري فوت ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ فساد شروع ٿي ويا هئا ۽ هاڻو وزيراعظم نريندر مودي ان وقت ڀارتي رياست گجرات جو وڏو وزير هو، ان وقت به ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو هو، هن ڀيري بي جي پي جي هڪ اڳواڻ ڌمڪي به ڏني ۽ پوليس کي چي ته جتي به ماڻهو شهريت بل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن علائقن کي خالي ڪرايو وڃي، جيڪڏهن پوليس ٽن ڏينهن ۾ اهي علائقا خالي نه ڪرائي سگهي ته ڳرا نتيجا ڀوڳڻ تيار رهڻ گهرجي، ڀارت ۾ موجوده تڪراري بل خلاف فنڪار۽ ادڪار به ڳالهائي رهيا آهن پر ڀارتي شرپسندن کي اهي ڳالهيون پسند نه آهن، جنهن سبب ڀارتي پوليس توڙي هڪ شرپسند تنظيم تڪراري بل خلاف احتجاج ڪندڙن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته ويڊيو وائرل ٿيڻ باوجود حڪومت انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري آهي، گڏيل قومن اهڙي حساس معاملي تي هن وقت تائين ڪو نوٽيس نه ورتو آهي ۽ نه ئي ڪو خاص بيان ڏنو ويو آهي.
هونئن ته ڀارت ۾ شهريت جي تڪراري بل تي احتجاج ڪافي عرصي کان جاري آهن ۽ ڪيترائي بي گناهه ماڻهو مارجي به چڪا آهن پر جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڀارتي دوري تي پهتو ته انهن احتجاجن ۾ شدت آئي ۽ پوليس شرپسندن سان گڏجي مسلمانن جي ملڪيتن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ عالمي ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته مسجدن کي به شهيد ڪيو ويو آهي، هاڻي اهي مسجدون ڪنهن غير مسلم شهيد ڪيون آهن يا وري فساد پکيڙيندڙن اهو گندو ڪم ڪري پنهنجي سازش ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾ شرپسندن جي هميشه اها ئي ڪوشش رهي آهي ته مسلمان ۽ هندو پاڻ ۾ وڙهندا رهن ته جيئن هو پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت اهي شرپسند ۽ فسادي ماڻهو پانهنجي ناپاڪ مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، انهن شرپسندن جي ڪري هن وقت تائين ڪيترن ئي گهرن ۾ ماتم ٿي رهيو آهي پر ڀارتي حڪومت پوليس سان گڏ بيٺل شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، رڳو بيان بازي مان ڪم ورتو پيو وڃي، جيئن هر ملڪ ۾ ٿيندو رهندو آهي.
ڀارت ۾ شروع ڪيل فساد رڳو هڪ تڪراري بل تي عمل ڪرائڻ لاءِ نه پيا لڳن، انهيءَ مذهبي فسادن پٺيان هڪ وڏي سازش نظر اچي رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت ۾ مذهبي فساد ڪرائي رهيو آهي يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مودي حڪومت چاهي ٿي ته هندو مسلم فساد ڪرائي انهن سڀني ڌرين کي جيل ۾ قيد ڪري جيڪي تڪراري شهريت بل خلاف آواز اٿاري رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهيءَ فسادن جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي دوري تي هو ۽ صحافين کانئس سوال به ڪيو، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس تڪراري بل تي هلندڙ احتجاج جي رپورٽ ملي آهي پر هن انهيءَ معاملي تي نريندر مودي سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان ۽ نريندر مودي کي پنهنجو سٺو دوست به قرار ڏنو ۽ ڪشمير معاملي تي ٻيهر ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي پر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تي ڪجهه به نه ڳالهايو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري کانپوءِ ڀارت ۾ تڪراري بل جي احتجاجن مذهبي فسادن جي شڪل اختيار ڪئي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب، نئين دهلي ۾ تڪراري شهريت قانون تي احتجاج دوران مذهبي فسادن جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ 20 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته200 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آهن، دهلي جي اولهه اوڀر علائقن موجپور، جعفر آباد، چاند باغ ۽ ڪراول نگر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته تڪراري بل جي احتجاجن جي خدشي سبب ڪجهه علائقن ۾ قلم 144 به لاڳو ڪو ويو. ايتري قدر جو فسادن جي متاثر علائقن ۾ شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو پر افسوس ته ڀارتي ميڊيا تي ئي ڀارتي پوليس سان گڏ اهي شرپسند لٺيو کڻي بيٺل نظر آيا ۽ پوليس طرفان چيو ويوته حالتون سندن هٿن مان نڪري ويون آهن، جڏهن ته هڪ وزير پاران فوج گهرائڻ جو به مطالبوڪيو ويو.
بهرحال ڀارت مذهبي فسادن جي شروعات پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي، ڀارت ۾ مسلمان ۽ غير مسلم وڏي اڪثريت ۾ آهن، جنهن سبب جهيڙا ٿيندا رهندا آهن ۽ انهن جهيڙن کانپوءِ ٻيهر اهي خاموش ٿي ويهي رهندا آهن پر پاڪستان ۾ غير مسلمن جي اڪثريت نه هئڻ جي برابر آهي، جيڪي غير مسلم هتي رهن ٿا، انهن ۾ تمام گهڻو خوف ڇانيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن مندرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري غيرمسلم جن نابالغ نياڻيون اغوا ڪري انهن جو مذهب تبديل ڪرايو ويندو آهي ۽ انهن جا وارث رڳو احتجاج ڪندا رهندا آهن، هن ڀيري اسان جي ميڊيا تي بار بار ڏيکاريو پيو وڃي ته ڀارت ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب مذهبي جنونينت رکندڙ ماڻهو تمام گهڻو سرگرم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته فوري طور اهڙن شرپسندن تي نظر رکي ۽ غيرمسلمن جي ملڪيتن ۽ مذهبي عبادتگاهن جي حفاظت ڪري ۽ کين تحفظ فراهم ڪري، ڀارت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جا اثر اسان جي ملڪ ۾ تي پئجي سگهجن ٿا، جيڪڏهن حڪومت تڪڙا قدم نه کنيا ته شرپسند اسان جي سنڌ ۾ به فساد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، اهڙن جنونين کي جلد کان جلد رسو وڌو وڃي ته جيئن اسان جي ملڪ جو عالمي سطح تي ڪا برائي نه ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button