خيرپور ناٿن شاھدادورانديون

خيرپور ناٿن شاھ: گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ ناٿن شاھ ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح ڪيو ويو

وفا معشوق علي کوکر
خيرپور ناٿن شاھ
خيرپور ناٿن شاھ ۾ مرحوم حاجي سڪندر علي خان کوهارو جي ياد ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ ناٿن شاھ ڪرڪيٽ ليگ جو افتتاح ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر منظور علي کوهارو، طارق ممتاز کوهارو، فهد ممتاز کوهارو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي ڪيو ڊاڪٽر منظور علي کوهارو بيٽنگ ڪري ٽورنامينٽ جو باقعده افتتاح ڪيو افتتاح دوران ڊاڪٽر منظور علي کوهارو جو رانديگرن وڏي جوش ۽ جذبي سان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽر منظور علي کوهارو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڇوندا آهن ته جتي راندين جا گراونڊ آباد هوندا آهن اتي اسپتالون ويران هونديون آهن اهڙي طرح اسان کي گهرجي ته شهر ۾ اهڙا پروگرام هئڻ کپن جنهن سان خيرپور ناٿن شاھ ۽ ڀرپاسي جي عوام لطف انداز ٿئي ان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اهيو افسوس سا چوڻو ٿو پوي ته اسان جي شهر ۾ ڪوب ڪرڪيٽ گراونڊ نه هجڻ ڪري هتان جا ڪرڪيٽ جا رانديگر پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن پو به مان جس ٿو ڏيان هنن ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي جيڪي شهر ۾ اهڙي ڪامياب ٽورنامينٽ ڪرائي آهي افتتاحي تقريب ۾ رانديگرن سنڌ جي ثقافت تقريب ۾ آيل مهمانن ۽ صحافين کي اجرڪ پارايا افتتاحي تقريب ۾ پي ٽي آء اڳواڻ خالد چنو، زاهد علي کوسو، ڪي ٽي اين جو نالي وارو اداڪار راجه ممتاز ۽ صحافين ۾ وفا معشوق علي کوکر، شفيق الزمان لغاري ، برڪت علي چانڊيو سميت شهر جي معزز ماڻھن رئيس شڪيل احمد کوهارو، علي حسن لاکير، ساگر علي کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٽورنامينٽ کي چار چنڊ بڻائي ڇڏيو 

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Social Media Auto Publish Powered By : XYZScripts.com