آرٽيڪل

شايان علي شاھ جي موت جو ذميوار ڪير؟

شاگرد، مھراڻ يونيورسٽي
ڪالھھ 10 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ڏاڍو افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي اليڪٽريڪل شعبي جي ٽئين سال ۾ پڙهندر شايان علي شاھ يونيورسٽي بس جي ٽائر هيٺيان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. اڄ جڏهن ليپٽاپ کولي شايان جي موت پتعلق خبرون پڙهڻ لاءِ مختلف سنڌي اخبارن جو مطالعو ڪرڻ لڳس ته اکيون ڀرجي آيون ۽ قلم کڻي هن معاملي تي لکڻ لاءِ مجبور ٿي پيس. بجائي صحيح ۽ سچي خبر ڇپڻ جي ڪم و بيش سمورن اخبارن معاملي کي پيچيده ڪري، غلط ۽ بي بنياد خبر ڇپيا آهن. جيڪا شايان جي موت سان وڏي ناانصافي آهي.
مھراڻ يونيورسٽي جي بس نمبر 26 جنهن جي ٽائر هيٺيان چيڀاٽجي شايان علي فوت ٿيو، ان وقت انهيءَ بس ۾ مان به موجود ھئس. يونيورسٽي جو بس نسيم نگر چوڪ وٽ پھتو، ته ڪجھ شاگرد لھڻ لاءِ بس جي دروازي وٽ گڏ ٿيا، ۽ شايان علي جيڪو سڀني شاگردن کان پھريان وڃي در تي بيهي رهيو، ته جيئين بس جي بيهڻ شرت ئي لھي وٺي. پر بدقسمي سان ڪنهن به نموني بس هيٺيان اچي فوٿ ٿي ويو. سندس موت تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن ته، شاگرد بس جي ٽائر ھيٺ آيو ڪيئن؟ ڇا شاگرد بس مان لھڻ کانپوءِ بس سان لڳي ٿاٻڙجي ڪري ٽائر ھيٺيان آيو؟ يا کيس ڪنهن ڪار وغيره ٽڪر هنئي جو هو بس ھيٺيان ڪري پيو؟ يا ڇا شاگرد ھلندڙ بس مان لھندي وزن قابو نه رکڻ سبب ڪري ٽائر ھيٺيان آيو؟
شايان بس جي اڳئين دروازي تي بيٺل هو. جيڪي شاگرد سندس ويجھو در تي بيٺا هئا تن جو چوڻ آهي ته، بس بيهڻ لاءِ سلو ٿي ويو ۽ شايان لھڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته سندس پير ترڪي پيو، ۽ پنهنجو وزن قابو نه رکي سگھيو، جنهنڪري بس جي ھيٺيان ڪري پيو، ۽ بس جو ٽائر سندس مٿان ڇڙهي ويو. ته وري ڪن رستي تي ھلندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته، هو بس مان لھي ويو، ۽ پريان غلط سائيڊ مان ايندڙ ڪار جو ٽڪر لڳس، جنهنڪري هو بس جي ٽائر هيٺيان ڪري پيو. جيڪڏهن ڪجھ سيڪنڊن لاءِ مڃجي ته شايان ڪار جي ٽڪر سبب بس ھيٺيان آيو، ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪار ٽڪر ھڻڻ کانپوءِ ڪاڏي وئي؟ ڇاڪاڻ ته بس جي جنهن پاسي شايان ڪريو ان پاسي اڳيان ڀاڄي وغيره جا ريڙها بيٺل ھئا، جتان ڪار واري جو فرار ٿيڻ ممڪن ئي نه ھو. ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جو موقف ته ڪجھ شاگرد ڪار واري جي پويان به ڀڳا ھئا کيس روڪڻ لاءِ، سراسر ڪوڙ آهي. ۽ ٻي ڳالھ ”جيڪڏهن شايان هلندڙ بس مان لھندي پنهنجو وزن قابو رکي نه سگھيو ۽ بس جي ٽائر ھيٺيان آيو ته ان ۾ غلطي شاگرد جي آهي يا ڊرائيور جي“ تي ڳالهائڻ کان پھريان اوهان کي ٻڌائيندو ھلان ته، قاسم آباد،حيدرآباد مان روزانو مھراڻ يونيورسٽي جا 200 جي لڳ ڀڳ شاگرد يونيورسٽي وڃڻ لاءِ بسن جو سفر ڪندا آهن. ۽ 200 شاگردن جي لاءِ يونيورسٽي انتظاميا فقط ھڪ آفيشل بس وقف ڪيو آھي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ 60 يا 70 شاگرد سمائجي سگھن ٿا ۽ ٻيا شاگرد پرائيويٽ بسن ۾ ذليل ٿيندا يونيورسٽي پھچن ٿا. وري پرائيويٽ بسن جي حالت اھڙي آهي جو، ڪن جو بريڪ ڪم نٿو ڪري ته ڪن جا سيٽون ڀڳل آهن. ڪجھ ئي مھينا پھرين جي ڳالھ آهي ته مھراڻ يونيورسٽي ويندڙ هڪ پرائيويٽ بس بريڪ ڪم نه ڪرڻ سبب ھاءِ وي تي سوزوڪي سان ٽڪرائجي ويو، پر خوش قسمتي سان شاگرد محفوظ رھيا. انهي واقعي کانپوءِ تمام ٿورڙا ئي شاگرد آهن جيڪي آفيشل پوائنٽ ۾ جڳھ نه ملڻ ڪري مجبور ٿي پرائيويٽ بسن ۾ حيدرآباد واپس موٽندا آهن. پر اڪثريت شاگردن جي سوڙھ سنگھوڙ ڪري، هن آفيشل بس ۾ چڙهندي آهي، جنهن ھيٺيان شايان چيڀاٽجي فوت ٿيو. پوائنٽ ۾ رش ھجڻ ڪري اڳ به اهڙا کوڙسارا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ ڪيئي شاگرد بس ۾ چڙهندي يا لھندي بس سان ٽڪرائي ڪرندي ڪرندي بچيا آهن. يونيورسٽي اندر ئي جڏھن قاسم آباد جي پوائنٽ بس اسٽاپ تي پهچندي آهي، ته شاگرد گھڻا ھجڻ ڪري هڪٻئي کي ڌڪندا ۽ ڪرائيندا زوري بس ۾ چڙهندا آهن. ۽ روز جو اهو حشر يونيورسٽي بس انتظاميا ڏسڻ جي باوجود به قاسم آباد جي شاگردن کي ٻي پوائنٽ نٿي ڏئي، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي شاگردن جي زندگي خطري ۾ پئجي چڪي آهي. انھي کان علاوه قاسم آباد جي بس ڊرائيور جي خلاف شاگرد شڪايت ٿا ڪن، ته هو شاگردن جي لھڻ وقت بس بيهارڻ جي بجائي فقط سلو ڪندو آهي، جنهنڪري شاگرد هلندڙ بس مان لهڻ تي مجبور آهن. ۽ جي ڪو شاگرد لھڻ محل ٿوري دير ڪري ته ڊرائيور هن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالھائي. اھڙي صورتحال ۾ جي ڪنهن شاگرد جو بس مان لهندي پير ترڪي پوي ۽ هو بس جي ھيٺيان اچي ته ھن جو ذميوار ڪير آهي، انهي جو فيصلو اوهان پڙهندڙ ئي ڪيو.
شايان جو موت مھراڻ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي نا اھلي ڪري ٿيو آهي. ٽرانسپورٽ انتظاميا بسن لاءِ اھڙا ڪڪر ۽ نشائي ڊرائيور ڀرتي ڪري رکيا آهن، جيڪي چرس جو سوٽو ھڻي پوءِ بس ڊرائيو ڪندا آهن. تنهنڪري شايان جي موت جو مڪمل تفتيش ڪيو وڃي، ۽ ٽرانسپورٽ انتظاميا کي هن معاملي تي هنگامي بنيادن تي اپائي قدم وٺڻ کپن، ته جيئن سڀاڻي ٻئي ڪنهن جي والدين کي اھڙو ڏينهن ڏسڻو نه پوي جيڪو شايان جي والدين کي ڏسڻو پيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button