اسلام آباد

سنڌ ۾ سياست کان مٿاھون آءِ جي مقرر ڪنداسين، وزير اعظم

We will select IG in Sindh who will be used for political purpose

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اهڙو آءِ جي مقرر ڪنداسين، جيڪو سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿي سگهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهايو ويو، جڏهن ته اتحادين جي خدشن تي حمتي حڪمت عملي طئي ڪرڻ، مهانگائي، گورننس ۽ صوبائي حڪومتن جي معاملن تي به خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ اتحادين سان وڌيڪ رابطا موثر بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم اتحادين لاءِ جوڙيل ڪميٽين کي رابطا فعال رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اتحادين سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ لاءِ نئين آءِ جي جي مقرري تي به ڳالهايو ويو، وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ڪوڙن ڪيسن جي حوالي سان رپورٽون مليون آهن، ان ڪري فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي آءِ جي کي مقرر ڪنداسين، جيڪو سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿئي. اجلاس ۾ نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ به پيش ڪئي وئي ۽ احتساب واري خصوصي معاون شهزاد اڪبر ٻن صفحن تي ٻڌل رپورٽ تي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم جي ميڊيڪل رپورٽ جائزي لاءِ صوبائي حڪومت کي موڪلي رهيا آهيون، جنهن تي وزيراعظم رپورٽ جو جائزو وٺي آئنده جو لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي انسپڪٽر جنرل پوليس (آءِجي پي) ڪليم امام جي تبديلي جي لاءِ وزير اعظم عمران خان کي ٽيون ڀيرو خط لکي ڇڏيو. وزير اعظم جي لکيل خط ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته آءِ جي جي تبديلي واري معاملي تي گورنر هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ 27 جنوري تي وفاقي وزير کي نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو هو. خط ۾ چيو ويو ته بعد ۾ اِهو معاملو ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ وفاق جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس مان خبر پئي ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته آءِ جي پي جي مقرري منهنجي ۽ سنڌ جي گورنر جي تفصيلي ڳالهين سان ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم جي نالي خط ۾ پنهنجن خدشن جو اظهار ڪندي لکيو ته هڪ انتظامي معاملي کي غير ضروري سياست جي ور چاڙهڻ امتيازي رويو محسوس ٿو ٿئي. هن وزير اعظم جي ماضي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آءِ جي پي يا پي پي اوز جي پوسٽنگ جي طريقيڪار کي ياد ڏياريندي چيو ته حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه طرفان موڪليل درخواست کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو ويو ۽ ان کي وفاقي ڪابينا ڏانهن ناهي موڪليو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ان جي ابتڙ اسان جي درخواست کي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو ويو، آئون اِهو به چوندس ته وفاقي حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي آءِ جي پيز ۽ پي پي اوز جا نوٽيفڪيشن ڏاڍو جلدي جاري ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته اسان جي درخواست کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان رولڙي جو شڪار ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته جهڙي طرح نئين آءِ جي پي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ملتوي ڪيو پيو وڃي ان سان موجوده آءِ جي ڪليم مام کي هن جي غير محتاط رويي ۾ وڌيڪ حوصلو مليو آهي ۽ هاڻ هو عوامي سطح تي صوبائي حڪومت جو مذاق پيو اڏائي جنهن سان نه رڳو صوبائي حڪومت شرمنده ٿي رهي آهي پر ان سان صوبي جي عوام جو وفاقي حڪومت سان تعلق به اجنبي پيو بڻجندو وڃي. مراد علي شاهه پنهنجي خط جي پڄاڻي انهن لفظن سان ڪئي ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏيان ٿو ته ڪليم امام کي فوري طور تي واپس گهرايو ۽ سنڌ حڪومت جي تجويز ڪيل 5 آفيسرن مان ڪنهن کي مقرر ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button