سرتيونفيمينزم

پدرشاهي ڇا آھي؟

Maqsooda Solangi

قسط 1
ليکڪا : ڪملا ڀاسين
ترجمون: مقصوده سولنگي
ڪتاب جو نالو:پدرشاھي چا آھي؟
اسان مان ڪيترائي ساٿي عورتن جي ترقي لاءِ سالن کان مختلف منصوبن سان عملي ڪم ڪري رھيا آھن، انھن سڀني لاءِ ان نظام کي سمجھڻ جي ضرورت کي انتھائي اھم قرار ڏنوويوآھي، جيڪو عورت کي ماتحت ۽ محقوم رکي ٿو ته جيئن عورتن جي حقن جي جدوجهد کي منظم رستو ڏئي سگھجي. سالن کان مون عورتن تي جبر کي ٿورڙو ٿورڙو ٽڪرن جي صورت ۾ پئي ڏٺو آھي. جڏن مون ان کي ھڪ نظام جي حصي طور سمجھڻ شروع ڪيو ته اھي ٽڪرا ميڙجي ھڪ طرز يا نموني جي شڪل اختيار ڪندا ويا. ھڪ نظام جنھن جو نالو پدرشاهي آھي. شروعات ۾ ان کي ايئن سمجھڻ ايڏو سولو نه هيو.مان ھڪ ماهر استاد وانگر ھڪ دم نه سمجھي وئي ھيس،پر آھستي آھستي علمي دوستن کان ٻڌي، ھتان ھتان پڙھي، شيون اڃا وڌيڪ چٽيون ٿينديون ويون. جنھن واقعي منھنجي حقيقي معنيٰ ۾ مدد ڪئي اھو ھڪ مھينو ڊگھو ورڪشاپ ھيو جيڪوعورتن جي ترقيءَ لاءِ مون ۽ امريتا ڇاڇيءَ بنگال ۾ ڪجھھ سال اڳ ڪرايو ھيو.ان ورڪشاپ مون سميت ورڪشاپ جي اڪثريت جي گھڻن مسئلن ۽ مونجھارن کي صاف ڪري ڇڏيو.
تڏھن کان (1987) مان پدرشاهي تي مختصر ۽ سادي ٻوليءَ ۾ مضمونن جي ڳولا ڪندي رھيس.جيڪي مون عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ مردن ۽ عورتن ۾ پڻ ورھايا.جيڪو ڪجھھ مون پڙھيو ان مان گھڻا ئي يا ته سمجھڻ کان ٻاهر ھئي يا لفاظيت سان ڀرپورھئي يا پراڻي معلومات تي ٻڌل ھئي. ان ڪري مون امريتا جي بنگال جي ورڪشاپ لاءِ تيار ڪيل پريسينٽيشن۽ منھنجي ٺھيل نوٽس جي ذريعي پدرشاهيءَ جي عنوان تي مختلف ورڪشاپس ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو. انھن بحث مباحثن دوران منھنجو نظريو ۽ سوچ وڌيڪ چٽا ۽ صاف ٿي ويا، ان سان گڏوگڏ مون کي ڪجھھ سٺا ۽ معياري مضمون ۽ ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملي ويا. مون فيصلو ڪيو ته ان سموري معلومات ۽ ڄاڻ جيڪا مون پڙھڻ کان پوءِ حاصل ڪئي ۽ سمجھي آھي انکي سڀني لاءِ پھچ لائق ۽(بااميد)قابل استعمال بڻائجي.
ھن ڪتابڙي ۾ مون پدرشاهيءَ کي ھڪ نظريي وانگر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جيڪو عورت جي ماتحتيءَ جا مھانڊا ۽ خدوخال اڀاري نروار ڪري ٿو. جيئن اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ان نظريي کي ڀوڳيون ٿاايئن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.(ان جي بنياد بابت ڪجھھ نظرين جو مختصر تعارف پڻ ڪرايو ويو آھي. ان جي تفصيلي ڄاڻ لاءِ وڌيڪ پڙھن لازمي آھي.)ھن ڪتابڙي جو مقصد عورتن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن لاءِ معلومات آسانيءَ سان ھٿ ڪرڻ جي سھولت پيدا ڪرڻ يا گڏ ڪرڻ آھي جيڪي تفصيلي ڪتابن ۽ جنرلن کي پڙھڻ لاءَ وقت نه ٿا ڪڍي سگھن. پر مون کي اميد آھي ته جن ليکڪن جي لکڻين کي پڙھي مون پدرشاھي ءَ جي نظريي کي سمجھو آھي اھي اسان جا ڪجھھ ساٿي ضرور پڙھندا. اسان کي ڏکڻ ايشيا ۾ پدرشاھيءَ جي بنيادن، نوعيت ۽ اصليت کي سمجھڻ ۽ ان تي نظرياتي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ته جيئن اسان پنھنجي صورتحال کي بھتر سمجھي سگھون ۽ ان مطابق حڪمت عملي تيار ڪجي.
ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد سوالن ۽ جوابن جي شڪل ۾ ڏنل آھي جيڪو نمونو ھن کان اڳ "فيمينزم” ڪتابڙي ۾ پڻ اختيار ڪيل آھي ته جيئن پڙھندڙ معلومات کي آسانيءَ سان گڏڪري ۽ ڀيٽي سگھن.

سوال: پدرشاهيءَ جو مطلب ڇا آھي؟
جواب: پدرشاھي جي لفظي معنيٰ پيءُ جي حڪومت آھي ۽ بنيادي طور تي اھو مخصوص قسم جي مرداڻي تسلط ھيٺ "خاندان”کي بيان ڪري ٿو . وصيع طور تي اھڙو سرداري نظام جنھن ۾ عورتون، مرد ٻار، غلام ۽ گھريلو ملازم سڀئي ان مرد سردار جي حڪمرانيءَ ھيٺ اچن ٿا. اھو مرد جي حڪمرانيءَ ، مرداڻي حاڪميت جي طاقت جي رشتن کي جيڪي عورت کي انيڪ طريقن سان پنھنجي ماتحت رکي ٿو ان نظام کي وائکو ،واضع ۽ چٽوڪري ٿو. ڏکڻ ايشيا ۾ اسان سنڌيءَ ۽ اردو ۾ ان کي پدرشاھي، ھنديءَ ۾ "پترستا”۽ بنگاليءَ ۾”پترنتونترو "چوندا آھيون.
اھا ماتحتي اسان معاشري ۾ ھر روز ھر مرحلي تي ڏسون ۽ ڀوڳيون ٿا ڀلي ڪھڙي به طبقي سان تعلق رکندڙ آھيون. ان جا ڪئين قسم آھن جيئن مت ڀيت، نظراندازي، بيعزتي، ڪنٽرول،استحصال، ظلم ،خاندان جو تشدد، آفيس ۾ تشدد ۽ ٻيون انيڪ شڪليون آھن. ان جا تفصيل مختلف ٿي سگھن ٿا پر موضوع ساڳيو آھي.
سوال: پدرشاهي پاڻ کي ڪيئن پڌرو ڪري ٿو؟ ڇا اسان ان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ سڃاڻي سگھون ٿا؟
جواب: ڪو به اھڙو ماڻھون جنھن پنھنجي زندگيءَ ۾ ذري جيتري به مت ڀيت يا اڻبرابري محسوس ڪئي ھجي اھو پدرشاهيءَ کي سڃاڻي ۽ سمجھي ٿو، ڀلي اھي ان کي ڪو نالو نه ڏئي سگھن. جڏھن به ڪا عورت تربيتي ورڪشاپ ۾ ھڪ عورت جي حيثيت ۾ پنھنجي زندگيءَ جي تجربن تي ڳالھائي ٿي ته اھا اصل ۾ پدرشاھيءَ جي ڪنٽرول جي مختلف شڪلين کي بيا ن ڪري ٿي جيڪي ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڀوڳيا آھن. ھيٺ ڏنل ڪجھھ مثال منھنجي مطلب کي چڱي ريت بيان ڪندا . انھن مان ھر ھڪ پدرشاهيءَ جي مخصوص مت ڀيت ۽ خاص پهلو کي نروار ڪري ٿي.
"منھنجو خاندان منھنجي ڄمڻ تي خوش نھ ھيو انھن کي پٽ جي خواھش ھئي. "(پدرشاهيءَ ۾ پٽ جي اھميت واره پاسو)
"منھنجا ڀائر ماني گھري سگھندا ھيا. اھي ھٿ وڌائي جيڪو کائڻ چاھين اھو کڻي سگھندا ھيا. جڏھن ته اسان ڇوڪرين کي کاڌي ملڻ تائين جو انتظار ڪرڻ جو چيو ويندو ھيو. اسان ڀينر ۽ امان کي جيڪو بچندو ھيو ان مان پورت ڪري اھو ئي کائيڻو پوندوھيو.” (ڇوڪرين سان کاڌي جي وراڱي تي مت ڀيت)
"مونکي گھر جي ڪمن ۾ امان جو ساٿ ڏيڻو ھوندو ھيو، جڏھن ته منھنجا ڀائر ايئن نه ڪندا ھيا”(گھر جي عورتن ۽ ڇوڪرين تي گھر جي ڪم ڪار جو بار)
"مونکي پڙھڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پئي.منھنجي بابا جو خيال ھيو ته اسان ڇوڪرين لاءِ تعليم غير ضروري آھي”(ڇوڪرين لاءِ تعليم جي وسيلن جي کوٽ)
"مون کي سھيليون ٺاھڻ يا کيڏڻ جي موڪل نه ھوندي ھئي. منھنجا ڀائر جڏھن وڻين ٻاھر اچي وڃي سگھندا ھيا”(ڇوڪرين لاءِ کيڏڻ ۽ گھمڻ جي آزادي جي کوٽ)
"منھنجا ڀائر منھنجي بابا کان به سخت ھيا. مان ڪنھن به ڇوڪري سان ڳالھائي نه سگھندي ھئس.”(ڇوڪرين تي مردن جو ڪنٽرول)
"منھنجو بابا منھنجي ماءُ کي ھر روز ماريندو ھيو.”(زال تي تشدد)
"باس جي غلط ڳالھھ نه مڃڻ تان مون کي نوڪري تان ڪڍيو ويو.”(آفيس ۾ يا ڪم ڪرڻ واري جاءِ تي جنسي طور تي ڏيڄارڻ)
"بابا جي ملڪيت ۾ منھنجو ڪو به حصو ناھي. منھنجي مڙس جي ملڪيت به منھنجي ناھي. اصل ۾ منھنجو ڪو به گھر ناھي جنھن کي مان پنھنجو چوان”.( عورتن جي ملڪيت ۾ حصيداري جي حق جي کوٽ)
منھنجو وجود جڏھن منھنجو مڙس چاھي مون کي ان اڳيان پيش ڪرڻو آھي. مون کي ان مان ڊپ ٿيندو آھي. مان ان سان ڪڏھن به خوش ناھيان ھوندي.(عورت جي وجود تي مرد جو ڪنٽرول)
مان خانداني منصوبابندي ڪرڻ پئي چاھيان پر منھنجو مڙس ان ڳالھ کي رد ڪري ڇڏيو. ان مون کي پنھنجي آپريشن جي اجازت نه ڏني. (عورت جو ٻارن جي پيدائش جي مرضي تي ناانصافي)
جيئن جيئن تجربن جي مٿين حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍيون ٿا تيئن تيئن اسان کي پدرشاھي جو ھڪ نمونو ظاهر ٿيندي نظر اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ اسان کي احساس ٿئي ٿو ته اسان مان سڀني کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ان ظلم جي خلاف جدوجھد ڪرڻي ئي پوندي. ماتحت رھڻ جو احساس ئي حاڃيڪار آھي جو ان سان خوداعتمادي، پاڻ تي ڀروسو۽ نفس تباھ ٿي ويندي آھي. ان جي نتيجي ۾ عورت جي اتساھ جي حد انتھائي محدود ٿيو وڃي. ھر اھو جرئت مندانه قدم جيڪو اسان پنھنجي دفاع لاءِ کڻو ٿا ان کي غير مھذب ۽ غير عورتاڻو چئي ان جي مذمت ڪئي ويندي آھي. جيئن ئي عورت پنھنجي نام نھاد حدن کان ٻاھر اچڻ جي ڪوشش ڪندي آھي کيس بيشرم چئي وري محدود ڪيو ويندو آھي.اھي ريتون ۽ رسمون جيڪي عورت کي مرد جي ماتحت ۽ اسان تي ڪنٽرول کي مسلط ڪندي زير بڻائن ٿيون ھر ھنڌ موجود آھن ۽ نظر اچن ٿيون.اسان جي خاندان ۾، گھر ڀاتين ۾،سماجي رشتن ۾،قانون ۾، مذھب ۾،اسڪول، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾،ميڊيا ۾ فيڪٽرين ۾، آفيسن ۾ ھر جاءِ تي اھي ريتون اسان جي مھار بڻيل آھن.
اسان جيئن جيئن ھڪ ٻئي کي ٻڌنداسين تيئن خبر پوندي ته ماتحتي اسان مان ڪجه عورتن جي بدقسمتي ناھي نه ايئن آھي ته ڪجه خراب مرد ڪجه مدقسمت عورتن تي ظلم ڪن ٿا.پر ان سڄي صورتحال مان اسان کي اھا خبر پوي ٿي ته حقيقت ۾ اسان مردن جي حڪمرانيءَ، مردانه نظام، سندس ڪنٽرول ۽ غير منصفانه مٿڀرائيءَ جي سسٽم يا نظريي جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آھيون جيڪو عورت کي غلام ۽ ماتحت بڻائي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button