مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور ميرس ۾ ڪميوڪيشن ٽيڪنالوجي تي سيمينار ٿي گذريو.

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
Seminar held at Mehran University Khairpurمهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور جي اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ شعبي ۾ نوجوانن جي اوسر لاءِ ڪميونيڪشن ٽيڪنالوجي جي اھميت جي عنوان سان ھڪ ڏينھن جو سيمينار ٿي گذريو. سيمينار جو انعقاد اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ ڪميونيڪيشن سوسائٽي پاران ڪيو ويو ھيو. سيمينار جو مک مھمان البرگ يونيورسٽي ڊينمارڪ جو ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر دل محمد اڪبر حسين ھيو. جنھن پنھنجي ليڪچر ۾ ٻڌايو تھ ھن وقت ڪميونيڪيشن ٽيڪنالوجي جو تمام وڏو اسڪوپ آھي، شاگردن کي گهرجي تھ ان موضوع تي پنھنجي ڄاڻ وڌائين، ڪميونيڪيشن ٽيڪنالوجي تي دنيا ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي رھيو آھي. ان کان پھريان ڪميونيڪيشن سوسائٽي جي چيئرمين ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس خيرپور جي ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر سيد حيدر عباس موسوي آجياڻو ڏيندي معزز مھمان کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار جا مقصد بيان ڪيا. سيمينار جي آخر ۾ ڪيمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد معظم بلوچ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. سيمينار ۾ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button