فيمينزم

ڪملا ڀاسين

تعارف

+

kamlabhasin propertyforher 600x400 1
Kamla Bhasin

ڪملا ڀاسين ڏکڻ ايشيا جي سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان تعليم، ترقي، صنف، ميڊيا ۽ ٻين مسئلن تي گذريل 36 سالن کان ڪم ڪري رھي آھي. ھن راجسٿان ڀارت ۾ 1972 کان ڳوٺاڻي ۽ شھري ترقيءَ لاءِ رضاڪارانا ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.پان گڏيل قومن جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچرفائونڊيشن ۾ پڻ ڪم ڪيو. ھن وقت پاڻ سنگت سائوٿ ايشيا نالي ھڪ تنظيم سان لاڳاپيل جنھن ۾ پاڻ "جاگوري” عورتن جي تربيتي پروگرام سان وانجھيل آھي. جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ عورتن جي وڏي تربيتگاھن مان ھڪ آھي. سانگت ۽ جاگوريءَ جي تربيت پوري دنيا ۾ مڃي ۽ سڃاتي وڃي ٿي. ڏکڻ ايشيا ۾ ھڪ مھيني جي ان ڪورس کي وڏي اھميت حاصل آھي. پاڻ سڄي دنيا ۾ عورت ۽ امن لاءِ ڪم ڪندڙ نيٽورڪ "ون بلين رائيزنگ ڪيمپئن” جي ڏکڻ ايشيا ۾ ڪو چيئر پرسن آھي.ڪملا جي دنيا جي اھم مسئلن تي اونھي تحقيق ۽ ڳانڍاپيل ھجڻ، خاص ڪري صنف،ترقي، امن،سياست، تعليم ۽ ڏکن ايشيا جي عورتن جي تحريڪن کي سڄي دنيا ۾ ھلندڙحقن جي جدوجھد کي پاڻ ڳنڍڻ ۽ ٻنھي طرفن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوششون سندس اھم ترين ڪم ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.
ڪملا ڀسين ڪئين ڏھاڪن تي ٻڌل ڪم سڄي دنيا ۾ ڃاتو سڃاتو وڃي ٿو.پاڻ نه فقط انڊيا جي موجوده وقت جي فيمنسٽ تحريڪ جو وڏو نالو آھي، پرڏکڻ ايشيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ گڏيل تحريڪ ھلائيندڙ ھيءَ عورت سماجي ڪارڪن ھجڻ سان گڏوگڏ صنف، مذڪر، فيمنزم ۽ سماجي مسئلن تي ڪئي ڪتابن جي ليکڪا آھي، اھي سڀئي ڪتاب سندس گھري تحقيق ۽ کوجنا تي ٻڌل ھڙا جامع ۽ مختصر ڪتاب آھن جن جو سڀ کان وڏو مقصد انھن ڏکين موضوعن کي عام فھم ۽ صاف سمجھھ ۾ ايندڙ ٻولين ۾ لکڻ آھي ته جيئن پڙھندرن مان ھر عام ۽ خاص کي اھي ڏکيا، گھرا ۽ اڪثريت لاءِ نوان موضوع آسانيءَ سان سمجھي سگھن. ان ڪري سندس سڀئي ڪتاب انھن موضوعن تي بنيادي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿا. ادي ڪملا جي ھيءَ تقرير پدرشاھي جي عنوان تي آھي.ھن ۾ ھوءَ ٻڌائي پئي ته پدرشاھي ڪيئن مردن کي به نقصان پڄائي رھي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button