فيمينزم

فيمينسٽ ھوجمالو

Womens March 2020
عورت مارچ 2020

مقصوده سولنگي
او منھنجو جمالو جتياڻيء سان،
ھو جمالو
منھنجو جمالو سنڌ ڌياڻيء سان،
ھو جمالو
جنھن تي سنڌ کي ڏاڍو ناز آ،
ھو جمالو
جتي ظلم ناھي ناريءَ سان
ھو جمالو،
جتي ڏاڍ ناھي نياڻيءَ سان
ھو جمالو،
اسان جي جنگ آھي ڏاڍ سان
ھو جمالو،
تند جي تلوار سان
ھو جمالو،
ڪھاڙيء جي وار سان،
ھو جمالو
گھر ۾ ٿيندڙ مار سان
ھو جمالو
ان تي ڪاپاري ھر وار سان
ھو جمالو،
۽ نياڻي ڪئي وئي سام سان،
ھو جمالو،
اسان جي جنگ نه آھي مرد سان،
ھو جمالو
پر ظالم آ جو فرد سان.
ھو جمالو،
اسان سکر واري پل تي،
ھو جمالو،
ھاڻي ڏاڍ کي ڏيڻي مات آ
ھو جمالو،
نه رھڻي ڪائي رات آ
ھو جمالو
ھاڻي ٿيڻو آھي سوجھرو
ھو جمالو.
ھاڻي سنڌياڻي سجاڳ آ
ھو جمالو
سو رھڻي ناھي رات لا
ھو جمالو
منھنجو جمالو جتياڻيء سان
ھو جمالو
منھنجو جمالو سنڌياڻي سان.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button