آرٽيڪل
ٽرينڊ ڪندي

ڪورونا وائرس جو خوف ۽ احتياطي تدبيرون

صاحب خان ڀٽي
چين جي آبادي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ چين اليڪٽرانڪس جو سامان ٺاهڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي شين جو واپار به سڄي دنيا ۾ ڪري رهيو آهي پر نئين سال جي آمد وقت چين ۾ هڪ وائرس پکڙيو، جنهن سبب حڪومت طرفان ووهان صوبي ۾ نئين سال جي جشن تي پابندي لڳائي وئي، ڇاڪاڻ ته ڪورنا نالي وائرس جو پکڙجڻ جو خدشو هو، ان کان اڳ مارس ۽ سارس نالي وائرس به پکڙيا هئا، جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا پر هن وائرس سبب چين ۾ هن وقت تائين 51 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هزارين بيڊن تي مشتمل هڪ اسپتال به ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ ڪورونا وائرس متاثر مريضن کي داخل ڪيو پيو وڃي، هن وقت چين ۾ ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا آهن، خاص ڪري چين ۾ پڙهڻ لاءِ آيل شاگرد پنهنجي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن پنهنجن پنهنجن شهرين کي واپس به گهرائي ورتو آهي ۽ چين جو سفر نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صحت جي عالمي اداري طرفان الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي، عالمي اداري جي الرٽ کانپوءِ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ چين مان ايندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ڪورنا وائرس چين جي صوبي ووهان مان پکڙيو آهي، انهيءَ صوبي بابت انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهيءَ صوبي ۾ ماڻهو ڪئن، چمڙن، ڪتن، گڏهن جي گوشت جو سوپ پيندا آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به چيني ماڻهن کي چمڙن جو سوپ ۽ جيئرن جيتن، نانگن کي کائڻ واريون وڊيو به شيئر ٿي رهيون آهن، پر هن وقت تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ڪورونا وائرس چمڙي ۽ ڪئي جو سوپ پيئڻ جي ڪري پکڙيو آهي يا نه؟ پر ماهر ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته ڪورونا وائرس جانورن مان پکڙيو آهي، جنهن سبب جيترو ٿي سگهي جانورن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ گوشت ۽ آنن کي صحيح نموني سان پچائي کائڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جانورن جو ڪچو گوشت کائڻ سان به ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. جنهن سبب جيترو ٿي سگهي احتياط ڪيو وڃي.
چين ۾ 50 کان ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن سان گڏ عام ماڻهو به پريشان ٿي ويو آهي ته آخر اهو ڪهڙو وائرس آهي، ڊاڪٽر به انهيءَ وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورنا وائرس کي پنهنجي فيملي آهي، جنهن جي شڪل سج سان مشاهبت رکي ٿي ، جنهن جي ڪري ان جو نالو ڪورونا وائرس رکيو ويو آهي. ڊاڪٽرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان اڳ اهو وائرس 1960 جي ڏهاڪي ۾ ٿڌ جي ڪري زڪام کان متاثر ڪجهه مريضن کي ڪڪڙين مان منتقل ٿيو هو، جنهن کي ڪورونا ( ِE229 & OC43 ) جو نالو ڏنو ويو هو. جڏهن ته صحت جي عالمي اداري کي ڪورونا وائرس جي هڪ نئين وبا جو پتو 31 ڊسمبر 2019ع تي پيو، جنهن کانپوءِ چين ۾ هن وقت تائين 51 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هن وائرس کي خطرناڪ وائرس قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماهرن اڃا تائين هن وائرس جي ويڪسين ناهي ٺاهي، هن وائرس سبب چين سان گڏ پاڪستان ۽ ڀارت کي به الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، چين جي 13 شهرن ۾ ايمرجنسي به لڳائي وئي آهي ۽ ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هن وائرس جي سڃاڻپ يورپ سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي آهي، هي وائرس ميملز جانورن ۽ پکين جي ساهه کڻڻ واري سرشتي سان گڏ انسانن کي متاثر ڪري ٿٿو، جيڪڏهن ڪو شخص هن وائرس ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته کيس زڪام ۽ بخار ٿي ويندو آهي۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ به تمام گهڻي تڪليف ٿي ويندي آهي، هن وائرس سان آنڊن ۽ معدي جي نمونيا به ٿي ويندي آهي، ڪورنا وائرس خاص طور تي ٿڌ جي سٽيل ماڻهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو، جن کي زڪام ۽ بخار هوندو آهي. هن وائرس جو اندازو لڳائڻ به تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿڌ سبب زڪام لڳڻ ۽ بخار ٿيڻ عام هوندو آهي ۽ ايئن ڪورونا وائرس به پکڙجندو آهي پر فرق ايترو هوندو آهي ته ڪورونا وائرس ۾ ماڻهو ساهه نه کڻي سگهندو آهي ۽ هيٺ ڪري پوندو آهي، مريض تڙپي تڙپي مري ويندو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو ٻيو ڪارڻ پالتو جانور به ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي سوئر کي به ڪورونا وائرس به ٿيندو آ هي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ صابڻ سان هر ڀيري هٿ ڌوئي کائڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته هي وائرس گهڻو ديرو تائين هوا ۾ رهي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪورنا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وڃي ته ان شخص کان پري رهڻ گهرجي ۽ سندس استعمال ٿيل شين کي پري رکيو وڃي ۽ هٿن، پيرن ۽ چهري کي خاص طور ڍڪيو وڃي هت جئين وائريس کان بچي سگهجي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي هي وائرس کير پياريندڙ جانونر، انسانن ۽ پکين ۾ بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جئين ته ڪورونا وائرس هن وقت تائين ڪينيڊا، آسٽريليا، فرانس ۽ جاپان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي متاثر ڪري چڪو آهي.چيني اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 81 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 2700 کان وڌي ويو آهي، چين ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ سبب ماڻهو وائرس جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 40 ٿي ويو آهي، هوڏانهن چين ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر شهر ووهان ۾ موجود پاڪستاني شاگردن وائرس جي خوف ۽ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪندي پاڪستاني اختيارين کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، يونيورسٽي ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگرد هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي چيني ۽ پاڪستاني اختيارين کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.، هنن جو چوڻ آهي ته وائرس سبب ووهان جو چين سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ ووهان ۾ 12 يونيورسٽين جا ٻه هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن.
هڪ طرف چين ۾ پکـڙيل ڪورنا وائس آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ ماڻهو ايڊز جي خوف سبب پريشان آهن، عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس کان سنڌ ۾ پکڙجندڙ ايڊز تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو پرسنڌ سرڪار ان وقت به ٻئي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ماڪڙ فصلن کي کائي تباهه ڪري ڇڏيو ته ان وقت به سنڌ سرڪار وفاق کان مدد طلب ڪئي، هاڻي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ته هر طرف ماڻهو وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تبدبيرون وٺي رهيو آهي، خدا خير ڪري، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس به پاڪستان ۾ ظاهر ٿيو ته وفاقي توڙي صوبائي سرڪار طرفان ضابطو آڻڻ نا ممڪن ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا حڪومت ماڪڙ کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، ماڻهن جي اغوائن جون وارداتون روڪرائي نه ٿي سگهي ته پوءِ ڪيئن اها حڪومت آخر ڪيئن خطرناڪ وائرس ڪورونا جو مقابلو ڪري سگهندي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار آخر ڪيئن پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي اسڪريننگ ڪندي؟ اهو به هڪ وڏو سوال آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ کوڙ ساريون ڪمپنيون آهن، جن ۾ ڪيترائي چيني شهري ڪم ڪري رهيا آهن، خاص ڪري سنڌ ۾ تيل، گئس، ڪوئلي سميت ٻين کوڙ سارين ڪمپنين ۾ چيني وڏي انگ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي اسڪريننگ ڪرڻ هن حڪومت لاءِ وڏو چيلينج هوندو، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت نه ت مهانائي تي ضابطو آڻي سگهي، نه ئي بک بدحالي کي گهٽائي سگهي آهي، اهري صورتحال ۾ ڪورونا وائرس کي چيني شهرين ۾ ڪهري ريت ڳولي سگهندي، جڏهن ايڊز جون خبرون هلي رهيون هيون ته ان وقت به اهو چيو ويو هو ته ميڊيا غلط انگ اکر هلائي رهي آهي، آخر ڪار اهي خبرون اچڻ بند ٿي ويون ۽ ايڊيز متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي پر اها حقيقت آهي ته حڪومت حقيقت کي مڃڻ کان انڪاري رهي آهي، اهو سبب آهي جو ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button