اھم خبرون

وفاقي حڪومت پاران ڪليم امام کي سيڪريٽري نارڪوٽيڪس مقرر ڪرڻ جو فيصلو

عمران احمر کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو امڪان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ويب ڊيسڪ، اسلام آباد

وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن امجد جاويد سليمي ٻن ڏينهن کانپوءِ رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، امجد جاويد سليمي 31 جنوري تي رٽائرڊ ٿيندو، سندس جاءِ تي ڪليم امام کي مقرر ڪيو ويندو، ذريعن موجب وزيراعظم آءِ جي سنڌ ملاقات دوران ذميواري ڏيڻ جو ذڪر ڪيو، ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاران گهرائڻ تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد پهتو جتي هن جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي، ان دوران آءِ جي سنڌ صوبي ۾ امن امان ۽ اهم معاملن تي وزيراعظم کي ڄاڻ ڏني، آءِ جي سنڌ چيو ته مون پنهنجو ڪم نيڪ نيتي سان ڪيو ۽ منهنجو ٽريڪ رڪارڊ سڀني جي اڳيان آهي، هن چيو ته ڪڏهن به ذات کي ميرٽ تي ترجيح نه ڏني، پاڪستان حڪومت جو ملازم آهيان، پاڪستان جي آئين موجب ڪم ڪرڻ جو پابند آهيان تنهن ڪري حڪومت جتي به مقرر ڪري مون کي ڪو به اعتراض نه آهي، ذريعن موجب وزيراعظم ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ ملاقات خوشگوار رهي ۽ وزيراعظم، ڪليم امام کي وفاق ۾ اهم ذميواريون ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. وفاقي حڪومت نئين آءِ جي سنڌ عمران احمر جو نالو ڏئي ڇڏيو، ڪابينا سنڌ حڪومت پاران موڪليل نالن تي اعتراض ڪيو هو، ذريعن موجب آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ گورنر عمران اسماعيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪري عمران احمر جي نالي تي صلاح مشورا ڪندو، غلام قادر ٿيٻو، مشتاق مهر ۽ ڊائريڪٽر ڪامران فضل جي نالن تي ڪابينا اعتراض ڪيو هو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Social Media Auto Publish Powered By : XYZScripts.com