آرٽيڪل

شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

شهيد مخدوم بلال رح سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش
مجيد نواز
مخدوم بلال ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو، مخدوم بلال دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451ع تي پيدا ٿيو، مخدوم بلال جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلال بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هئس، شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآني ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلال ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو، ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاه سان ڏسندا هئا، پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين، ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجهه هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذران ڪندو هو، انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. ”هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا، پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا.

ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو ، مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاهه نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو، مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهڻ لاءِ ۽ رهائشگاهه تي وٺي ويو، کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ٻه وڏيون ديڳيون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هو، چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاهه ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان اچي مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. ميران محمد پڪو ارادو ڪيو ته مخدوم بلال کي مارائي ڇڏجي، ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هئا، ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾ 914هه ۽ 927هه جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون 928، 927هه سنڌ تي ڪاهه دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلال رح ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو، پر شاهه بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاهه بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلال ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي، شايد اهي سبب آهن، جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ هڪ موچي کان جُتي تيار ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڪلام پاڪ جا ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جُتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي، پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي، آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽ عالمن کي ڪلام پاڪ جي بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو،

مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان، ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو، سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽ ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو، اها شهادت تاريخ 1 محرم 929هه تي ٿي، شهيد مخدوم بلال امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست و نابود ٿي ويا، مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماهه پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي.

هڪ روايت آهي، جڏهن مخدوم بلال رح کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ موچي کي اهڙي جوتي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ۾ ورق رکيا ويا هئا، اهو ڪمبخت موچي جڏهن جتي کڻي مخدوم صاحب جن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو ته مخدوم صاحب جن فرمايو ته اسان وٽ ڪلام پاڪ اچي پيو، پاڻ فرمايائون ته اٿي ان جو استقبال ڪيو، ماڻهن ڏٺو ته هڪ موچي اچي رهيو هو، ان جي هٿ ۾ جتي هئي، اها سائين جن کي پيش ڪئي، مخدوم صاحب جن ان موچي کي اوزار کڻي اچڻ جو چيو، موچي اوزار کڻي آيو، مخدوم صاحب جن انهن اوزارن کي غسل ڏيڻ لاءِ چيو، اوزار پاڻي سان پاڪ ڪيا ويا ۽ ان جتي کي کولرائي ورق ڪڍيا ويا ۽ ان چمڙي مان ٽوپي ٺهرائي وئي، جيڪا مخدوم صاحب جن مخدوم ساهڙ جيڪو سندس خليفن مان هو، ان کي ڏني. هن واقعي کان اڳ ڪجهه ملان مخدوم صاحب وٽ آيا ته جيڪو شخص ورق جتي ۾ رکي ۽ جتي پائي ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي. مخدوم صاحب جن فرمايو ته اهڙي گستاخ کي لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائجي. ملن اسرار ڪيو ته اها فتويٰ پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکي ڏيو. مخدوم صاحب جن لکي ڏني، هاڻي بوبڪن ۾ وقت جي قاضي وٽ مقدمو پيش ڪيو ويو، شاهدن ۾ اهو نالائق موچي به هو، جنهن جتي پيش ڪئي هئي، اهو شاهدي ڏئي ويو ته مخدوم بلال رح جن اها جتي پاتي هئي، انهي دوران ملن جي لکرايل اها فتويٰ جيڪا مخدوم صاحب جن لکي هئي پيش ڪئي وئي، مخدوم صاحب جن خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجهه به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪيائون ۽ کين قاضي قازن جي حڪم تي لوهي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. جڏهن کين پيڙهيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون، حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي، ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هئا، سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي.

مخدوم بلال رح جي وصيعت تي سندس گوشت ۽ رت هڪ مٽ ۾ وجهي مٽ کي ڏولي ۾ رکي بوبڪ کان سندن آخري آرامگاهه واري جاءِ ڏانهن نيو پئي ويو ته انهن ماڻهن جو تعداد 50 کن هو، جڏهن ڏولي کي ڪلهو ڏنو پئي ويو تڏهن جهنگ مان نامعلوم ماڻهن جو وڏو تعداد نڪرندو آيو ۽ انهن ڏولي کي ڪلها ڏنا ۽ باغبان تائين جنهن اول ڪلهو ڏنو هو ته وري ان جو ٻيهر وارو نه آيو، ماڻهو هئا يا آدم جي صورت ۾ ملائڪ هئا جو انهن کي تر جا ماڻهو سڃاڻي به نه پيا سگهن، آخر سندن مدفن جي جاءِ تي کين دفن ڪيو ويو.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Social Media Auto Publish Powered By : XYZScripts.com