وفاق ۽ سنڌ سرڪار جون غلط پاليسون۽ اٽي جو بحران

صاحب خان ڀٽي
چوندا آهن ته قرض مرض هوندو آهي پر اها ڳالهه اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، آمريت هجي يا وري جمهوريت، هر دور ۾ قرض وٺي ملڪ کي هلايو ويندو رهيو آهي ۽ عوام کي چيو ويندو آهي ته هن قرض سان سندن تقدير تبديل ٿي ويندي پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي ڇاڪاڻ ته قرض وٺڻ سان ملڪ ۾ ترقي ٿيڻ بدران مهانگائي ۾ واڌ ٿي ويندي آهي ۽ ۽ معشيت کي به تمام گهڻو ڪاپاري ڌڪ رسندو آهي پر اسان جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري هن ملڪ ۾ ڪو انهن کان پڇڻ جي ڪو همت ڪري سگهي ٿو ته اهي پيسا آخر ويا ڪيڏانهن؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قرض جي پيسي سان عوام جي ته تقدير ته تبديل نه ٿيندي آهي پر حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو راتو رات ارب پتي ۽ کرب پتي بڻجي ويندا آهن، جيڪڏهن ڪو انهن جي ملڪيت بابت سوشل ميڊيا تي پڇڻ جي همت ڪندو به آهي ته ان کي غدار جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي ته جيئن اڳتي هلي ڪو انهن کان پڇڻ جي همت به نه ڪري.
جيئن ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي ۽ صوبائي سرڪار وفاق تي الزام لڳائي رهي آهي ۽ وفاق وري سنڌ سرڪار تي الزام لڳائي رهي آهي، عوام کي آسرو ڏنو پيو وڃي ته بحران جلد ختم ٿي ويندو، ملڪ ۾ اٽي جو بحران نه آهي، هڪ طرف چيو پيو وڃي ته بحران ناهي ته ٻئي طرف وري وفاق طرفان پرڏيهه مان ڪڻڪ خريداري جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪڏهن ڪڻڪ پرڏيهه مان ئي خريد ڪرڻي هئي ته پوءِ افغانستان کي امداد ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ سنڌ سرڪار به افغانستان کي ڪڻڪ ڏيڻ تي ناراضگي ظاهر ڪري رهي آهي پر وفاق ۽ سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي بحران جو برابر جا ذميوار آهن، سنڌ سرڪار چيٽ جي ڪڻڪ خريد نه ڪري واپارين کي فائدو پهچايو ۽ وفاق به اهو چئي جان ڇڏائي ته اسان وٽ ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار چيٽ جي ڪڻڪ خريد ڪري ها ته هارين کي لکين روپين جو نقصان نه ٿئي ۽ نفعي خور واپاري آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري سستي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي همت نه ڪن ها. جيئن ته سنڌ سرڪار هميشه کان سنڌ جي آبادگارن جو استحصال ڪندي رهي آهي، ڪڏهن ڪمند جو مناسب اگهه ڏيڻ واري معاملي تي ته ڪڏهن وري پاڻي واري معاملي تي کين پريشان ڪيو ويندو آهي. ڀاڻ به مهانگو آهي، ٻج به مارڪيٽ معياري نه پيو ملي، ان باوجود به هاري فصل پوکي رهيا آهن، ماڪڙ به فصل کي نقصان پهچائي رهي آهي پر وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سندن واهر ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي ڪامورن ۽ وفاق جي ڪامورن کي پنهنجن ذاتي جهيڙن مان وقت ملي ته انهن کي ملڪ جو عوام نظر اچي، هن وقت اپوزيشن ۽ حڪومت هڪ ٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ۾ رڌل آهن، عوام مهانگائي جي گهاڻي پسجي رهيو آهي پر چيو پيو وڃي ته ملڪ صحيح دڳ تي گامزن آهي.
بهرحال هن ڀيري مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ احتساب ئي آهي، ڇاڪاڻ ته تبديلي سرڪار ملڪ جو ناڻو لٽيندڙن جو احتساب ڪرڻ بدران غريب عوام جو احتساب ڪري رهي آهي، ٽيڪسز ۾ واڌ کي به ان جي هڪ ڪڙي چئي سگهجي ٿو. فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، ماڻهو بي روزگار ٿي رهيا آهن، تبديلي سرڪار به ٻئي هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته حڪومت ايترا ذريعا نه آهن جو ماڻهن کي سرڪاري نوڪري ڏئي سگهن، ڊالر به رڪارڊ واڌ ٿي آهي، قرض به سڄي دنيا کان ورتا ويا آهن، جيڪڏهن چيو وڃي ته سڄي دنيا کان پنيو ويو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، پرحڪمرانن جا شاهي خرچ ناهن گهٽيا، ملڪ جو عوام بک ۽ بدحالي سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر حڪومت اگهور ننڊ آهي، وزيراعظم عمران خان کي ٿر ۾ بک سبب مرندڙ ماڻهو نظر نه پيا اچن پر افغانستان، جتان دهشتگردن جي لوڌ پاڪستان ۾ داخل ٿيندي آهي، انهن لاءِ ڪڻڪ امداد طور ڏئي سگهي ٿو، جنهن تي مخالف ڌر به رڳو بيان بازي ڪري پنهنجو فرض پورو سمجهي ٿي، جيئن ته هي ملڪ قرض تي هلي رهيو آهي ۽ اسان پني سني گذاري ڪري رهيا آهيون ته پوءِ آخر اسان جي حڪمرانن کي امداد طور ڪڻڪ ڏيڻ ۾ شرم محسوس ڇو نه آيو، آخر اها ڪهڙي پاليسي آهي؟ جنهن ۾ ملڪ جو عوام بک مري ته ڀلي مري پر پاڙيسري ملڪ کي خوش ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏڻي، پوءِ ڀلي وڌيڪ قرض ڇو نه وٺڻو پئي.
مهانگائي هن غريب ملڪ جو مقدر بڻجي وئي آهي، ٽيڪس جي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان اچي ويو آهي، اٽي جي بحران سان گڏ کنڊ به مهانگائي ٿي وئي آهي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي ۾به اضافو ٿي ويو آهي، هر طرف غريب ماڻهن جون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، ايوانن ۾ ويٺل وزير به چئي رهيا آهن ته ملڪ جو عوام اسان کي مهانگائي سبب بددعائون ڏئي رهيو آهي پر ان باوجود اسان جو وزيراعظم توڙي صدر عارف علوي جي ڪن تي ڪا جونءَ به نٿي چري، مخالف ڌر روايتي طور بيان ڏيڻ ۾ رڌل آهي پر عوام جو اعتماد مخالف ڌر تان به کڄي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، احتساب ۽ تبديلي جي نعري تي اقتدار ۾ ايندڙ تحريڪ انصاف پارٽي جي وزيرن ۾ به پاڻ ۾ اختلاف نظر اچي رهيا آهن، حڪومت رڳو اتحادي جماعتن کي راضي ڪرڻ ۾ لڳي پئي آهي، اپوزيشن به حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جو ڪو موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهي، هاڻي رڳو ملڪ جو عوام ننڌڻڪو ٿي ويو آهي، جنهن جي نه ته اقتدار ۾ ويٺل جماعتن کي ڳڻتي آهي ۽ نه ئي اپوزيشن کي مهانگائي سٽيل عوام جو ڪو فڪر آهي.
جيڪڏهن ملڪ ۾ هڪ قانون جوڙي وڃي ته ڪاروباري ماڻهو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه هوندي ته مهانگائي وارو مسئلو تمام جلد حل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار هجي يا وفاقي سرڪار، انهن ۾ اهڙا به وزير آهن جن جون پنهنجون فيڪٽريون آهن ۽ سندن ڪاروبار به هلي رهيو آهي، پرڏيهه ۾ به انهن جون ڪمپنيون آهن، سنڌ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ جو ڪارڻ سنڌ سرڪار ۾ ويٺل شگر ملز مالڪ آهن،وفاق ۾ به اهڙا وزير آهن، ملطب ته اقتدار ۾ ويٺل پارٽي جا اڪثر اڳواڻ به ڪاروباري ماڻهو آهن، اهو سبب آهي جو کنڊ ۽ اٽي جو بحران ملڪ ۾ پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اهو بحران تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين ڪاروباري ماڻهو اقتدار ۾ ويٺل هوندا، ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن جو هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته هو ڪهڙي به ريت بحران پيدا ڪري وڌ کان وڌ نفعو حاصل ڪري سگهن. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي ناڪيلي وڌي وڃي ته ملڪ جي عوام کي اٽي، کنڊ ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي بحران کان ڇٽڪارو ملي ويندو پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سموريون پارٽيون ڪاروباري ماڻهن کي پاڻ کان پري رکن، ٻي صورت ۾ اهي بحران پيدا ٿيندا رهندا ۽ قرض تي هلندڙ وفاقي سرڪار افغانستان جهڙن ملڪن کي امداد ڏئي فخر محسوس ڪندي رهندي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close